پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت بنا ڪنهن ثبوت گڏ ڪرڻ جي پاڪستان جي مٿان دهشتگرديءَ جو الزام مڙهي پاڪستان کي ان واقعي جو ذميدار قرار ڏئي ڇڏيو. جيڪو هڪ آزاد ۽ جمهوري ملڪ جي مٿان وڏو حملو هو، پر اهو حملو ان وقت شديد بڻجي ويو، جڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدو يڪطرفه معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته مستقبل ۾ جيڪي جنگيون لڳنديون اهي پاڻيءَ تي لڳنديون، جنهن جو مطلب آهي ته دنيا ۾ مٺو پاڻي تمام گهٽجي رهيو آهي، آبادي تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ جيڪو پاڻي جنهن جنهن ملڪ ۾ دستياب آهي، ان کي صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ته پاڻيءَ جي لاءِ سخت پاليسيون ٺاهيون وڃن ۽ پاڻيءَ جي ذيان کي روڪيو وڃي ته جيئن مستقبل جي لاءِ پاڻيءَ کي بچائي سگهجي.
هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻيءَ جي معاملي کي کڻي شديد ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. قدرت جي آبي نظام ۾ ڀارت کي برتري حاصل آهي ۽ مٿان کان جيڪي پاڻيءَ جا چشمه هيٺ وهن ٿا اهي هندستان مان لنگهندي سنڌو درياءَ ۾ شامل ٿين ٿا، ان ڪري ڀارت اسان جي پاڻيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿيو آهي. پاڪستان جي هڪ نامياري اخبار مطابق گذريل ڏينهن جي مقابلي ۾ هيڊ مراله ۾ چناب درياءَ جي جاءِ تي پاڻيءَ جي مقدار ۾ 37 هزار 6 سئو ڪيوسڪ وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هيڊ مراله جي جاءِ تي درياءَ چناب جي پاڻيءَ جو اخراج ٻڙي ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، ٻن ڏينهن ۾ هيڊ مراله ۾ درياءَ چناب جي جاءِ تي پاڻيءَ جي آمد ۾ 91 هزار ڪيوسڪ جي ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
31 مئي 2025 تي هيڊ مراله جي جاءِ تي چناب ۾ پاڻيءَ جي آمد 7 هزار 2 سئو ڪيوسڪ رهجي وئي آهي، هيڊ مراله جي جاءِ تي 30 مئي تي پاڻيءَ جي آمد 44 هزار 8 سئو ڪيوسڪ هئي. هن وقت اهو سڀ ڪجهه ڀارت ان ڪري ڪري رهيو آهي ته هو پاڪستان جو پاڻي روڪي ان پاڻيءَ کي پنهنجي فائدي جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن کي هو انڊس ريور سسٽم مان کڻي زراعت جي لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ پلان ٺاهي رهيو آهي. نريندر مودي پنهنجي انتظاميه کي اها هدايت ڪئي آهي ته تڪڙا قدم کڻي پاڻيءَ جي ذخيري کي وڌايو وڃي ۽ ان جي لاءِ انفرااسٽرڪچر کي جلدي سان وڏو ڪيو وڃي. ان کان علاوه ڀارت چناب درياءَ مان رمبير ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو به جوڙي رهيو آهي، جنهن سان ڀارت درياءَ چناب جي پاڻيءَ جو وڏو حصو ڀارت طرف موڙي ڇڏيندو.
ان سلسلي ۾ ڀارت هڪ ننڍي مدي وارو پروگرام ۽ ٻيو هڪ وڏي مدي وارو پروگرام جوڙيو آهي ته جيئن ڀارت پاڪستان جو پاڻي وڌ کان وڌ روڪي سگهي. ان سلسلي ۾ ڀارت دريائن جي ڀل صفائي واري سلسلي کي به روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سان پاڪستان طرف پاڻيءَ جي وهڪري ۾ يقينن ڪمي ايندي. ڇو ته پاڪستان ڊائون اسٽريم ۾ اچي ٿو ۽ ان جو سڄو دارو مدار ڀارت کان ايندڙ سنڌو دريائي نظام تي آهي. پاڪستان انتظاميه ان پاڻيءَ جي ڪمي کي رپورٽ ڪيو آهي ۽ ڀارت جي ان قدم جي سختيءَ سان نندا ڪئي آهي ۽ ڀارت جي سنڌو طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ ۽ پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي نندا ڪئي آهي، جنهن سان پاڪستان جي زرعي آبادگارن جون لکين ايڪڙ زمينون متاثر ٿينديون.
پاڪستان سختيءَ سان ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته پاڻي اسان جي “ريڊ لائين” آهي ۽ پاڪستان ڪڏهن به پاڻيءَ جي معاملي تي ڪمپرومائيز نه ڪندو. هن وقت ڀارت جيڪو به قدم کڻي رهيو آهي اهو ڀارت جي بدنيتي ظاهر ڪري ٿو، ڇو ته پهلگام واقعي کي بنياد بڻائيندي نه صرف بغير ڪنهن ثبوت ڏيڻ جي پاڪستان جي مٿان دهشتگردي جو الزام لڳايو ويو، پر هڪدم پاڻيءَ جي مٿان بند ٻڌڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ يقينن پاڪستان جي خوشحالي کي ڌڪ هڻڻ جو پروگرام آهي.