پنجاب ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري آهن. ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته پنجاب حڪومت بهتر قدم کڻي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر نقصان تمام گهڻو ٿيو آهي. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته متاثر ٿيندڙ عوام کي بحال ڪرڻ ۾ هڪ ڊگهو عرصو لڳندو، جتي اسان جا سياسي رهنما پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن اتي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قصور جي ٻوڏ کان متاثر ٿيل علائقن جو دورو ڪيو.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته رياست هر سال قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ ۽ ايترين ٻوڏن کي منهن ڏيڻ جي متحمل نٿي ٿي سگهي. جيئن ته پاڪستان ۾ ترقي جي نالي تي صرف هائوسنگ اسڪيمون ۽ موٽرويز تعمير ڪرڻ ئي سمجهيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ ترقي جي لاءِ جنهن انفرااسٽرڪچر جي پاڪستان جي عوام کي ضرورت آهي ان جو تصور اڃان تائين ته شايد اسان جي حڪمرانن جي ذهنن تائين پهتو ئي نه آهي.
بهتر انفرااسٽرڪچر جو مطلب آهي اهي بنيادي سهولتون ۽ ڍانچا جيڪي ڪنهن به ملڪ، شهر يا علائقي جي ترقي، خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ۽ روزمره جي ڪمن لاءِ ضروري هجن، جنهن ۾ اسين چئي سگهون ٿا ته روڊ رستا، پلون ۽ ٽرانسپورٽ جو انتظام جيڪي عوام جي واپار، معيشت ۽ اچڻ وڃڻ جي نظام کي بهتر بنائڻ. ان کان علاوه بجلي ۽ توانائي جي فراهمي جيڪا مڪمل طور تي عوام جي زندگين کي تبديل ڪري ڇڏي ۽ انهن کي 24 ڪلاڪ انهن جي سپلاءِ پائيدار طريقي سان مهيا ٿيندي رهي، پر اسان جي ملڪ ۾ اڃان تائين بجلي ۽ گئس جي سپلاءِ جي لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي.
ان کان علاوه بنيادي ضرورتن ۾ صاف پاڻيءَ جو نظام جيڪو ڪنهن به انساني آباديءَ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. ڇو ته صاف پاڻي توهان جي سٺي صحت ۽ ڊگهي زندگيءَ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي 70 کان 80 سيڪڙو ماڻهن کي اڄ به پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي ميسر ناهي. ان کان علاوه مواصلاتي نظام، انٽرنيٽ، ٽيليفون ۽ ٻيون مواصلاتي سهولتون اسڪول، اسپتالون اهي سڀ ڪنهن به سماج جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪن ٿا، نه صرف ايترو انهن جي تعمير ڪئي وڃي بلڪه انهن جي تعمير بين الاقوامي معيارن تي ڪرڻ به ضروري آهي. ڇو ته هاڻي بدلجندڙ موسمياتي تبديلين ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته توهان کي انفرااسٽرڪچر کي ٺاهڻ جي لاءِ ڪنهن عام آرڪيٽيڪچر جي نه بلڪه بين الاقوامي معيارن جي ضرورت آهي ته جيئن ٻوڏن جي ڪري پاڪستان جي عوام جي لاءِ تعمير ٿيل انفرااسٽرڪچر هر سال لڙهي تباهه نه ٿي وڃي.
شايد انهيءَ ڳالهه کي مدنظر رکندي فيلڊ مارشل جڏهن قصور جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود ٻوڏ کان متاثر ٿيل ماڻهن جي حالت ڏٺي ته کيس اهو احساس ٿيو ته پاڪستان جو انفرااسٽرڪچر ڪيتري خراب حالت ۾ آهي ۽ جيڪڏهن ان کي درست نه ڪيو ويو ته اها تباهي ۽ بربادي پاڪستان جي وجود لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. فيلڊ مارشل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بهتر طرز حڪمراني ۽ عوامي شموليت سان ملڪ کي ترقي ڏني وڃي ۽ صحيح رخ ۾ قدم کڻي انفرااسٽرڪچر جي تعمير کي تيز ڪيو وڃي.
آءِ ايس پي آر جي مطابق فيلڊ مارشل لاهور، قصور، ملتان، جلالپور ۽ پيروالا جي متاثر ٿيل علائقن جو فضائي جائزو ورتو. اتي قصور سيڪٽر ۽ جلالپور پيروالا ۾ قائم فلڊ رليف ڪئمپ جو دورو ڪيو، جتي ملتان ڪور جي ڪور ڪمانڊر سندس استقبال ڪيو. فيلڊ مارشل اتي پاڪ فوج ۽ انتظاميه طرفان ريسڪيو ڪيل ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سول انتظاميه سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
فيلڊ مارشل جي انفرااسٽرڪچر جي ڊولپمينٽ ۽ بهتر ڪرڻ جي ڳالهه، ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته پوري پاڪستان ۾ چارئي صوبا پنهنجي صوبائي حڪومتن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، عوام جي بهتري ۽ بهبود جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني سان ادا ڪن. جنهن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته روڊن رستن کي بهتر ڪيو وڃي، ڊرينيج جي نظام کي بهتر ڪري ان قابل ڪيو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ پاڻي انهن نالن ۾ ڇوڙ ٿي اڳتي وڃي.
نه صرف ايترو بلڪه روڊ جي پاسن کي پڪو ڪيو وڃي، وڌيڪ وڻ پوکيا وڃن، ماحول دوست صنعتون لڳايون وڃن، صنعتن مان نڪرندڙ فضلي جي ڊمپنگ جا جيڪي پروٽوڪول آهن انهن کي به ڏٺو وڃي ته جيئن پاڻيءَ کي گدلي ٿيڻ کان بچائي سگهجي. اميد آهي ته سنڌ حڪومت به سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ انٽرنيشنل معيار مطابق انهن تعليمي ادارن کي تعمير ڪندي جيڪي هن وقت تمام بري حالت ۾ آهن.
عوام جي ٽيڪسن جو پئسو جيڪڏهن عوام تي ايمانداريءَ سان خرچ ڪيو وڃي ته عوام جا اڌو اڌ سور گهٽ ٿي سگهن ٿا ۽ عوام سک جو ساهه کڻي سگهي ٿو، پر ڪرپشن هن ملڪ کي تمام گهڻو تيزيءَ سان تباهيءَ طرف وٺي وئي آهي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اسان 79 سالن کانپوءِ به موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي قابل انفرااسٽرڪچر تعمير نه ڪري سگهيا آهيون، اها هڪ شرمناڪ صورتحال آهي جنهن کي پاڪستان جو عوام ڀوڳي رهيو آهي.