جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال نئون (NAB) چيئرمين مقرر
آچر ڏينهن وزيراعظم خاقان عباسيءَ طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ گورنمينٽ رٽائرڊ چيف جسٽس جاويد اقبال کي هڪ اهم اداري نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو (NAB) جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. حڪومت نئين نيب چيئرمين جي مقرريءَ جي سمري صدر ممنون حسين ڏي رواني ڪئي جنهن نيب قانون 1999ع جي سيڪشن 6 (بي) تحت جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال کي ايندڙ چئن سالن لاءِ نيب جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي. جسٽس جاويد اقبال گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ قائم ٿيل ڪميشن جو سربراهه پڻ رهيو آهي.