بلاگنئون

اچو ته وري اوطاقن کي آباد ڪريون ۽ پنهنجو ورثو بچايون

سنڌ جي ڌرتي پنهنجي اندر هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن سمائي ويٺي آهي. هن ڌرتيءَ تي جن به سماجي ادارن جنم ورتو، تن ۾ “اوطاق” کي هڪ مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي. اوطاق صرف هڪ عمارت يا ويهڻ جي جاءِ نه هئي، پر هيءَ هڪ اهڙي درسگاهه هئي، جتي اخلاق، مروت، ادب، سگھڙائپ ۽ انسانيت جو درس ملندو هو ۽ نئين نسل جي تربيت ٿيندي هئي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ اهي اوطاقون ويران آهن ۽ انهن جي ويراني سنڌي سماج ۾ اخلاقي زوال جو سبب بڻجي رهي آهي. ماضيءَ ۾ اوطاق هڪ اهڙو هنڌ هوندو هو، جتي ڳوٺ جا وڏا، ٻڍا ۽ جوان گڏجي ويهندا هئا. اتي ڪچهريون ٿينديون هيون، جن ۾ تاريخ، قصا، ڪهاڻيون، بيت ۽ ڏور ڏنا ويندا هئا. ننڍڙا ٻار ۽ نوجوان پنهنجن وڏن جي قدمن ۾ ويهي اهو سکندا هئا، اتي سماجي ننڍ وڏائي جو فرق نظر نه ايندو هو.

وڏن سان ڪيئن ڳالهائجي؟، مهمان جي آجيان ڪيئن ڪجي؟، مجلس جا آداب ڪهڙا آهن؟، “حال احوال” وٺڻ جو سليقو ڇا آهي؟

اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڪچهريون اصل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لغت کي محفوظ ڪرڻ ۽ نوجوان نسل تائين منتقل ڪرڻ جو ذريعو هيون. اتي سگھڙ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، جنهن سان ذهن جي آبياري ٿيندي هئي. اڄ جو دور ٽيڪنالاجي جو دور آهي، جنهن اسان کان گهڻو ڪجهه کسي ورتو آهي. اسان جي نئين نسل جي هٿن ۾ جڏهن کان سمارٽ فون آيو آهي، تڏهن کان اهي اوطاقن کان پري ٿي ويا آهن. اڄ جو نوجوان اوطاقن ۾ ويهي وڏن جا تجربا ٻڌڻ بدران ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوشل ميڊيا تي ضايع ڪري ٿو.

نوجوانن ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ پنهنجن اخلاقي قدرن کي سمجهڻ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. اوطاقن جي ڪچهرين کان پري رهڻ ڪري نوجوان نسل پنهنجي مٺي ٻوليءَ جي اصطلاحن ۽ پهاڪن کان اڻواقف ٿي ويو آهي. هڪ ئي گهر ۾ رهندي به ماڻهو هڪٻئي کان پري آهن. ڇو ته اوطاق جو “سنگت” وارو روح ختم ٿي چڪو آهي. اوطاقن جي ويراني صرف موبائيل تائين محدود ناهي. اسان جي سماجي ڍانچي ۾ تبديلي، شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ۽ ماده پرستيءَ به ان ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. وڏن جو ادب جيڪو اسان جو ورثو هو، اهو هاڻي صرف ڪتابن تائين محدود ٿي ويو آهي. جڏهن اوطاقون ويران ٿيون ته سگھڙائپ جو فن به مرڻ لڳو، ڇو ته فن کي داد ڏيندڙ ماڻهو ئي نه رهيا.

سنڌ جي ثقافت کاتي کي گهرجي ته هو صرف ميلن ۽ وڏن پروگرامن تائين محدود نه رهي، پر اوطاقي ڪلچر کي ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي سرڪاري سطح تي هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ “نموني جي اوطاق” قائم ڪئي وڃي، جتي هفتيوار ڪچهريون منعقد ٿين. سگھڙن، بيتن ۽ ڏور جي مقابلن کي اوطاقن جي سطح تي آندو وڃي ته جيئن نوجوان نسل ۾ دلچسپي پيدا ٿئي. ثقافت کاتو اوطاق جي اهميت تي ننڍيون فلمون ٺاهي سوشل ميڊيا تي عام ڪري ته جيئن نوجوانن کي پنهنجي اصل ورثي جي خبر پوي. مان پنھنجي سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چوندس ته اي سنڌ جا نوجوانو! موبائيل فون ضرورت آهي، پر اها توهان جي سڃاڻپ ناهي. توهان جي سڃاڻپ توهان جي تهذيب، توهان جو ادب ۽ توهان جون اوطاقون آهن. جيڪڏهن توهان پنهنجي وڏن سان ويهڻ ڇڏي ڏيندو ته توهان تاريخ جي انهن ورقن کان محروم رهجي ويندو، جيڪي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ نٿا پڙهايا وڃن. اوطاق ۾ ويهڻ سان اوهان کي جيڪا “سگهه” ۽ “سونهن” ملندي، اها انٽرنيٽ جي مصنوعي دنيا ۾ ڪڏهن به نه ملندي. اوطاق سنڌي سماج جو روح آهي. جيڪڏهن روح مري ويو ته جسم (معاشرو) ڪنهن ڪم جو نه رهندو. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي اوطاقن جا ڏيئا ٻيهر روشن ڪريون. وڏن کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن کي پاڻ سان گڏ اوطاقن تي وٺي وڃن ۽ نوجوانن کي گهرجي ته هو پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه پل پنهنجي ثقافت لاءِ ڪڍن. اوطاق وسايو، ادب بچايو، ڇو ته ادب ئي انسان جي اصل ميراث آهي.