بلاگنئون

سنڌ جي عاشق، ادب دوست ۽ سياسي ڪارڪن ڪيرت ٻاٻاڻي جي ياد ۾

لڇمڻ ڪومل پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکيو هو ته “پنھنجي مِٽِيءَ (ڌرتيءَ) کان ڌار ٿيڻ جو درد ڇا ٿيندو آهي، اهو ان وقت هر هندو محسوس ڪيو هوندو، جنھن پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏيا ۽ ڪن کي زبردستي پنھنجي ماتا سنڌ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو.” هن لکيو ته مون کي سنڌ ان ڪري ڇڏڻي پئي جو آئون اتفاقن هڪ اھڙي ڌارئي ڌرم جو فرد هئس، جنھن لاءِ سنڌ کان جدا ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جي ڌرتي تي قائم ٿيندڙ مملڪتِ خداداد نظامِ مصطفيٰ ۾ ان لاءِ مناسب جاءِ نه هئي، اهوئي سبب هو جو نئين ٺھندڙ ملڪ ۾ لياقت علي خان جي حڪم جي بجا آوري آڻيندي سنڌ جي هندن کي زبردستي ڪڍي هندستان مان ايندڙ مسلمانن لاءِ جڳھيون خالي ڪرايون ٿي ويون، پر سنڌ جا اهي هندو نوجوان جيڪي انگريزن جي فيصلي خلاف سرگرم هئا، انهن کي ته ڳولهي، ڳولهي گرفتار ڪري هندستان روانو ڪيو ٿي ويو، انهن ۾ جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي ڪيرت ٻاٻاڻي به هڪ هو جنھن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ نٿي چاهي، پر پهرين سرڪار کيس باغي سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مهينا قيد ۾ رکيو ۽ آزاديءَ بعد به سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نه ڇڏيو. ڪجهه وقت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئيءَ وٽ لڪندي گذاريائين. جتوئي صاحب جي “هاري حقدار” اخبار سنڀاليائين، پر سي. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت هڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ هُو اکين مان لڙڪ لاڙيندو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي 8 مئي 1949 تي سنڌ ڌرتي کي آخري سجدو ڏئي الوداع ڪرڻ دوران هند روانو ٿي ويو، پر سندس سنڌ سان محبت جو ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن کي سندس وصيت مطابق سندس هاٺيون 19 سيپٽمبر 2015ع تي ڄامشوري ۾ سنڌو درياءَ جي حوالي ڪيون ويون. ڪيرت سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ به خاموش نه ويٺو. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان ايترو چاھ هو، جو هن جو هن سورهن سالن جي ڊگهي جدوجهد کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ ۽ هند جي چند غير معمولي اديبن ۽ مفڪرن مان هڪ هو، جنهن جون قومي، ادبي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون. هن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي هو. هن جي جنم ڀومي ڳوٺ موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه ۾ ٿي، جتي هن 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو. هن اسڪولي تعليم مئٽرڪ تائين “ولس اسڪول نوابشاهه” ۾ حاصل ڪئي. هن بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جي تعليم حاصل ڪئي. نوابشاهه ۾ شاگرديءَ دوران استاد روچيرام ٿانواڻيءَ جي ترتيب هيٺ قومپرستيءَ جو صَلو من ۾ انگوريس. سنڌ اندر مزدور ۽ شاگرد جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتائين. ان زماني ۾ ٽنڊي آدم ۽ نوابشاهه ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. هٿ سان پمفليٽ لکي ورهائڻ ۽ قومي ڏينهن ملهائڻ هن مرد مجاهد جون مشغوليون هيون. هُو سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو سيڪريٽري رهيو. سنڌ ۾ سندس ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم سيد، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان تعلقات رهيا. هي بنيادي طرح ترقي پسند ۽ سنڌ دوست اديب ۽ دانشور هو، ڪيرت بنيادي طرح آزاديءَ جي هلچل جي پيدائش هو، هو سنڌي ادبي سنگت جي اوائلي ميمبرن مان هو ۽ هن، سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد ترقي پسند ادب کي اي. جي. اُتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهيءَ سان گڏجي همٿايو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ وطن ڇڏڻ کانپوءِ هند ۾ ڪيترن سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واڳيل رهيو. هُو “اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا” جو 18 سالن تائين صدر رهيو. هن پنهنجي بزرگن ۽ ساٿين بي. ايڇ ناگراڻي، لال سنگهه اجواڻي، اي. جي. اتم، گوبند مالهي، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، هري دلگير، ڪلا پرڪاش، موهن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، سندري اتمچنداڻي، ٽيڪچند مست ۽ ٻين سان گڏجي هندستان ۾ سنڌي ٻولي کي قائم رکڻ جي وڏي جدوجهد ڪئي، هو ساهتيا اڪيڊمي دهليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. هن 1981ع ۾ روس جو دورو ڪيو، 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل طرفان “چيڪو سلواڪيا” ويو. ان کانسواءِ انٽرنيشنل سنڌي ڪانفرنس جي سڏ تي آمريڪا ۽ انگلينڊ جا دورا ڪيائين، کيس “سوويت لئنڊ نهرو” امن ايوارڊ تعليم کاتي دهليءَ پاران “اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا” ايوارڊ، مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ادبي ايوارڊ، ڀارتيه ڀاشا پريشد پاران “ادبي ايوارڊ” ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران “جي. ايم. سيد ايوارڊ” مليا. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: “هوءَ” ڪھاڻي جو ڪتاب، “مالوا” مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو “ڪُولي” ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو: “جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو” ڪهاڻين جو ڪتاب ، “سُوريءَ سڏ ڪيو” “ادب ۾ قدرن جو سوال.”

 (تنقيد:) لينن، دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت: “اوک ڊوک” تنقيد: “چونڊ سنڌي مضمون” ترتيب ڏنا “جيڪي ڏٺو هو مون”، “روس جو سفر نامو”، “اٻول رني”، “ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو”، “امن جي افق ڏانهن”، مضمونن جو ڪتاب “پيهي منجهه پاتال”، مضمون “جيئي سنڌ، سدا جيئي” (ڪهاڻيون)، “نه ليليٰ نه مجنون” ڪهاڻيون، “چونڊ سنڌي ڪهاڻيون”، چونڊ سنڌي مضمون، “اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو” (ڪهاڻيون)، “ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم” آتم ڪٿا، 4 جلد، “لڪيو لياڪا پائين” (شاعري)، ڌرتيءَ جو سڏ (ناٽڪ)، “سو سڏ، سو پڙاڏو”، (اڌ صديءَ جا خط)، “سنڌين جو سفر”، موهن گيهاڻي ۽ هري پنڪج سان گڏ سنڌي ٻولي هلچل جو دستاويز ۽ “مراٺي ادب جي تاريخ” ترجمو شامل آهن. هي سنڌ دوست اديب 12 مئي 2015 تي گذاري ويو. آئون اڳ به لکي آيو آهيان ته سندس وصيت موجب سندس هاٺيون، 19 سيپٽمبر 2015ع تي ڄامشوري ۾ سنڌو درياءَ حوالي ڪيون ويون.

ياد رهي ته ڪيرت تي لکندڙ ڪن مضمون نگارن سندس وفات جي تاريخ 3 مئي لکي آهي، جيڪا بلڪل غلط آهي. ٻيو عرض ته سنڌ جي هن عاشق جي پيدائش يا ورسي يا ولادت تي سنڌي ادبي سنگت جي سرجيندڙ هن سنڌ دوست شخصيت تي ڪوبه جامع دستاويز نه لکيو ويو آهي، پر ڪيرت جن سان گڏجي سياست ڪئي، جن سان گڏجي صحافت ڪئي، انهن جي لکيل ساروڻين جي ڪتابن ۾ به ڪيرت کي ياد نه ڪيو ويو آهي. اھڙي صورتحال تي لکڻ وقت مون کي عصمت چغتائي جي افساني هندستان ڇوڙ دو ۾ لکيل جملا ياد ٿا اچن، جنھن ۾ هن لکيو آهي ته، “جن لوگون ني اپني ڇوڙي هوئي ديس سي پيار ڪيا، اس ڪي مرني مٽني پر آج نه ان کي ولادت پر شادياني بجتي هين، نه موت پر ماتم هوتي هين.”