قومي ڏاڍ اصل ۾ طبقاتي ڏاڍ جو ئي اظهار آهي، جنهن جون پاڙون طبقاتي سماج ۾ کتل آهن. جيستائين انهن پاڙن کي نه وڍيو ويندو ته اها ڏاڍ مختلف دورن ۾ مختلف صورتن ۾ ڪر کڻندي رهندي آهي. تنهن هوندي به بيٺڪيتي پرڳڻن ۾ قومي ڏاڍ محض طبقاتي طبقاتي ٽڪراءَ جو مظهر نٿو رهي، بلڪه پنهنجي خاص تاريخي ۽ سياسي شڪل ۾ هڪ مرڪزي ٽڪراءَ جي حيثيت اختيار ڪري وٺي ٿو. انهن پرڳڻن ۾ قومي محڪومي طبقاتي استحصال کي هڪ نئين ۽ نهايت ئي سرسي ڏکي صورت ڏئي ڇڏي ٿو، جتي قومي محڪومي ۽ طبقاتي استحصال هڪٻئي ۾ ڳنڍجي وڃن ٿا. قومي ڏاڍ يا قومي محرومي صرف بالادست قوم جي اشرافيه جي پيداوار ناهي هوندي، بلڪه محڪوم قوم جي پنهنجي بورجوازي به ان ڏاڍ ۾ شريڪ هوندي آهي. اها پنهنجي ئي قوم جي محنت ڪش عوام، مزدورن ۽ هارين جو استحصال ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪندي آهي. ائين طاقتور ۽ ڪمزور طبقن ٻنهي قومن جي سرمائيداران، جاگيرداراڻن ۽ اشرافيه جون چالاڪيون ان ڏاڍ ۾ برابر جو شريڪدار بڻجن ٿيون. انهن منجهان ڪنهن هڪ جي خلاف ڪوشش ۽ ٻئي جي بخشش جو نتيجو منفي ۾ ئي نڪري ٿو.
پنهنجي شروعاتي مرحلي ۾ قومي بورجوازي پنهنجي ئي قوم جي محنت ڪش طبقي جو استحصال ڪري ان جي محنت کي نپوڙي پنهنجا خزانا ڀري ٿي ۽ اهوئي عمل طبقاتي سماج جي پهرين ٽڪراءَ کي جنم ڏئي ٿو، يعني قومي بورجوازي ۽ قومي محنت ڪش طبقي جي وچ ۾ ٽڪراءَ پيدا ٿئي ٿو. جڏهن اها بورجوازي پنهنجي ارتقائي عمل جي اعليٰ ترين منزل تي پهچي ٿي ته ان جون ڪجھ پرتون، پنهنجي قومي سرحدن کان نڪري ٻين قومن جي محنت ڪندڙن ۽ دولت کي به ڦرڻ لڳن ٿيون. اهوئي اهڙو مرحلو آهي، جتي طبقاتي دنيا جو ٻيو ٽڪراءَ جنم وٺي ٿو، يعني سامراج ۽ بيٺڪيتن جي وچ ۾ ٽڪراءَ.
انهيءَ عمل جي دوران سامراجي ملڪ پاڻ به بيٺڪيتن ۽ منڊين ۾ ڦرلٽ جي لاءِ پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا ۽ ائين طبقاتي دنيا جي ٽيئن ٽڪراءَ جو بنياد رکيو وڃي ٿو، يعني سامراجي طاقتن جي وچ ۾ ٽڪراءَ. ائين دنيا جا اهي ٽئي بنيادي ٽڪراءَ قومي بورجوازي ۽ محنت ڪش طبقو، سامراج ۽ بيٺڪيتن ۽ سامراجي طاقتن جا گڏيل ٽڪراءَ سڀ جا سڀ طبقاتي سماج جي اندر کان جنم وٺن ٿا. اهي ٽڪراءَ پنهنجي هلچل ضرور پيدا ڪن ٿا. سماج ۾ ظاهري طور تي تبديلي ڪندڙ به لڳن ٿا، مگر حقيقت ۾ ڪنهن نئين ارتقائي منزل تائين پهچي نٿا سگهن. اهي نتيجي جي مٿانهين پاسي واري ترقي ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا ۽ پنهنجي ئي تاريخي دائري جو چڪر هڻندا رهن ٿا يا ائين چئون ته پريشان رهن ٿا ته جيئن انهن جي پڪڙ يعني طبقاتي سماج کي ئي ختم نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن انهن منجهان ڪنهن هڪ ٽڪراءَ کي به نظرانداز ڪيو وڃي ته طبقاتي سماج جو اهو چڪر برقرار رهي ٿو.
جيڪڏهن صرف سرمائيدار ۽ محنت ڪش طبقي جي ٽڪراءَ کي بنياد بڻائي قومي سوال کي نظرانداز ڪيو وڃي ته نتيجو سوشل شائونزم جي صورت ۾ نڪري ٿو ۽ مظلوم قومن جي محرومي بدستور قائم رهي ٿي. ائين قومي خود مختياري ۽ مزاحمت جون، تحريڪون مسلسل اڀرنديون رهن ٿيون. ساڳئيءَ ريت جيڪڏهن ٻيو ٽڪراءَ يعني سامراج ۽ بيٺڪيت جو ٽڪراءَ محض سامراج دشمن نعرن تائين محدود رهي ۽ ان جي طبقاتي سبب کي نظرانداز ڪيو وڃي ته طبقاتي سماج پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي ٿو ۽ ڦرلٽ جو اهو ئي چڪر جاري رهي ٿو ۽ جيڪڏهن ٽيون ٽڪراءَ يعني سامراجي طاقتن جي گڏيل ٽڪراءَ کي نظرانداز ڪيو وڃي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته هڪ ئي وقت سوشلزم ۽ قومي، سوال ٻنهي کان منهن موڙي رهيا آهيون. نتيجو اهو ئي طبقاتي چڪر هتي به قائم رهي ٿو. ائين ٽئي ٽڪراءَ هڪٻئي سان ڳوڙهي طور تي ڳنڍيل آهن. انهن منجهان ڪنهن به هڪ کي نظرانداز ڪرڻ اصل ۾ سڄي طبقاتي نظام کي زنده رکڻ يعني ته طبقاتي ڏاڍ، قوم ڏاڍ ۽ سموري سماجي اڻبرابري کي زنده رکي ٿو. ائين آخري تجزيي ۾ طبقن کان پاڪ سماج (سوشلزم) جو انڪار اصل ۾ قومي ڏاڍ جي مختلف صورتن جي خلاف جدوجهد کان انڪار آهي ۽ قومي ڏاڍ کان انڪار حقيقت ۾ سوشلزم کان ئي انڪار آهي.