ايڊيٽوريلنئون

زوهران ممداني ميئرشپ جي عهدي جو قرآن تي حلف کڻي باقائده ميئر ٿي ويو

آمريڪا جي تاريخ ۾ نيويارڪ شهر جي پهرئين مسلمان نوجوان ميئر جي چونڊ کانپوءِ زوهران ممداني پهرين جنوري 2026ع تي قرآن تي هٿ رکي حلف کڻي باقائده ميئر ٿي ويو. اها تقريب تمام سادگيءَ سان سب وي اسٽيشن تي هڪ بند پيل هال ۾ ٿي. زوهران ممداني جنهن قرآن پاڪ تي هٿ رکي حلف کنيو اهو سندس ڏاڏي جو قرآن پاڪ جو نسخو هو، جيڪو نيويارڪ پبلڪ لائبريري مان حاصل ڪيو ويو. ياد رهي ته زوهران ممداني پنهنجي چونڊ مهم ۾ ڪجهه واعدا ڪيا هئا ته هو نيويارڪ ۾ ڪرائي جي گهرن جا ڪرايا وڌڻ نه ڏيندو، بسن جو ڪرايو ختم ڪندو ۽ غريب طبقي لاءِ سهولتون پيدا ڪندو. ان کان اڳ هو اسٽيٽ اسيمبليءَ جو ميمبر هو، پر هاڻي هو چئن سالن لاءِ نيويارڪ جو ميئر چونڊجي چڪو آهي. زوهران ممداني جي قرآن جي نسخي تي قسم کڻڻ سان ڪيترن ئي مسلمانن کي خوشي ٿي رهي آهي ته زوهران ممداني هڪ مسلم نوجوان جي طور تي آمريڪا جي وڏي شهر نيويارڪ جو ميئر چونڊجي ويو آهي، پر ان شيءِ کي هڪ ٻي نظر سان ڏسڻ جي به ضرورت آهي ته آمريڪا قانوني ۽ آئيني طرح سان هڪ اهڙي رياست آهي جنهن جو ڪوبه مذهب ڪونهي يا ايئن کڻي چئجي ته آمريڪا هڪ “سيڪيولر رياست” آهي. آمريڪي آئين جي پهرين ترميم واضح طور تي چوي ٿي ته ڪانگريس ڪوبه اهڙو قانون نه ٺاهيندي جيڪو ڪنهن مذهب کي سرڪاري طور تي قائم ڪري يا ڪنهن کي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪي. آمريڪا ۾ رياست ۽ چرچ هڪٻئي کان ڌار آهن.

آمريڪا جي حڪومت ڪنهن به لحاظ کان عيسائي مذهب تي ٻڌل ناهي. آمريڪا شروع کان ئي مسلمان ملڪن سان مذهبي بنيادن بدران سياسي ۽ تجارتي بنيادن تي تعلقات رکڻ جو خواهشمند هو. اهوئي آمريڪا جو حسن آهي جو اتي رهندڙ ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ شهري پنهنجي سڃاڻپ تي فخر ڪري سگهي ٿو. زوهران ممداني قرآن تي حلف کڻي سڄي دنيا کي هڪڙو پيغام ڏنو آهي ته ڏسو هڪ مسلمان نوجوان هڪ سيڪيولر ملڪ ۾ ڪيتري آزاديءَ سان قرآن تي حلف کڻي پنهنجي شناخت کي فخر سان پيش ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪنهن هڪ وڏي ملڪ جي لاءِ اعزاز آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته آمريڪي رياست سيڪيولر هجڻ جي باوجود اتان جي ماڻهن تي عيسائيت جو تمام وڏو اثر آهي، سندن ڪرنسي تي لکيل آهي “In God We Trust”، اهو هڪ عام مذهبي تصور آهي. اهو عام تصور جنهن جي مطابق زوهران ممداني پنهنجي عقيدي مطابق زندگي گذارڻ ۽ اعليٰ عهدن تي پهچڻ جي پوري آزادي جو به استعمال ڪيو آهي. رياست پاڪستان کي به ان مان هڪ سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، هتان جي شهرين کي آئين ۽ قانون مطابق مذهبي آزادي ۽ هم آهنگي سان زندگي گذارڻ جو موقعو ملڻ گهرجي ۽ سماج ۾ اهي قدر پيدا ڪرڻ گهرجن ته جيئن پاڪستان آمريڪا وانگر پنهنجن سڀني شهرين کي برابري جا حق ڏئي اڳتي وڃڻ جو موقعو ڏئي سگهي. زوهران ممداني جي حلف برداري واري تقريب کانپوءِ اصل مرحلو اچي ٿو سندس واعدن کي پورو ڪرڻ جو ته هو نيويارڪ ۾ وڌندڙ مسواڙن کي روڪيندو ۽ مفت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي لاءِ عملي قدم کڻي عوام کي اها سهولت مهيا ڪندو. سندس خيال آهي ته بجيٽ جو وڏو حصو پوليس تي خرچ ٿئي ٿو، جنهن کي عوام جي ذهني صحت، تعليم ۽ روزگار تي خرچ ٿيڻ گهرجن. اهو به سندس لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو ته نيويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ کيس اهو عملي قدم کڻڻ ڏيندي يا نه. اهي واعدا پورا ڪرڻ يقينن ناممڪن ته ناهن، پر انتهائي مشڪل ضرور آهن. ان جي لاءِ سندس راهه ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون اچي سگهن ٿيون.

سندس مخالف ڌر نيويارڪ سٽي ڪائونسل جي مرضيءَ کانسواءِ هو ڪوبه قدم نٿو کڻي سگهي. ان سان گڏوگڏ کيس نيويارڪ جي گورنر سان به سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻا پوندا. ان کان علاوه نيويارڪ جا ريئل اسٽيٽ ڊولپرز جيڪي گهرن جا مالڪ آهن ۽ وال اسٽريٽ جا وڏا بينڪر تمام گهڻي سياسي طاقت رکن ٿا اهي کيس مسواڙن کي فريز ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا. ان کان علاوه کيس پوليس يونينن طرفان عدم تعاون کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. مفت بسون ۽ سستي رهائش جي لاءِ کيس تمام گهڻي وڏي مالي رقم گهربل هوندي. جنهن لاءِ کيس اميرن تي وڏا ٽيڪس لڳائڻا پوندا، جنهن جي نتيجي ۾ اهي ڪاروباري ماڻهو نيويارڪ ڇڏي ٻين رياستن ڏانهن وڃي سگهن ٿا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هڪ سرمائيداري نظام ۾ هلندڙ آمريڪا جو ايڏو وڏو شهر جيڪو سرمائيدارن جو مرڪز آهي اتي زوهران ممداني جهڙي سياستدان جي سوشلسٽ مهم تحت ڪاميابي ۽ ان کانپوءِ سندس حلف برداري واري عمل کانپوءِ انهن سڀني واعدن تي عمل ڪيئن ٿو ٿئي. يقينن هو سرمائيداري نظام کي ختم ڪرڻ ته نٿو چاهي، پر هو ان کي يورپي ماڊل جهڙي شڪل ضرور ڏيڻ چاهي ٿو، جيئن ناروي يا ڊينمارڪ جهڙن ملڪن ۾ موجود آهي. اميد آهي ته زوهران ممداني انهن سڀني ڪيل واعدن کي پنهنجي دانشمندي ۽ پنهنجي ڪامياب سياست سان پورو ڪندو ۽ پنهنجي لاءِ هڪ اهڙو دڳ چونڊيندو جنهن سان هو اڳتي هلي اڃان وڌيڪ ڪاميابيون ماڻي.