سنڌ اندر 2000 ليڪچرار ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو
سنڌ حڪومت صوبي اندر 2000 نوان ليڪچرار ڀرتي ڪرڻ ۽ 11 نوان ڪاليج ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. 2000 ليڪچرارن مان 1100 مرد ۽ 900 عورتن جون سيٽون رکيون وينديون. واضح رهي ته هنن نين ڀرتين ٿيندڙ ليڪچرارن لاءِ لازمي آهي ته اهي پنهنجي ڊوميسائيل واري شهر جي ڪاليجن ۾ ئي ڪم ڪندا ۽ انهن جي بدلي نه ٿي سگهندي. هنن ليڪچرارن جي ڀرتي پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي ڪئي ويندي. ان کان علاوه انتظامي عهدن جهڙوڪ ايجوڪيشن کاتن ۾ ڊائريڪٽر، پرنسپال، ڊي اي اوز ۽ ٻين ڀرتين لاءِ سرچ ڪاميٽي ذريعي ڪيون وينديون. ان کان علاوه صوبي اندر 11 نوان ڪاليج به تعمير ڪيا ويندا.