حڪومت پاران آندل ايمنسٽي اسڪيم لاءِ صدارتي آرڊيننس جاري
صدر عارف علوي ايمنسٽي اسڪيم ذريعي رضا ڪاراڻي طور اثاثا ظاهر ڪرڻ جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. آرڊيننس تحت اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪليئريشن 30 جون تائين جمع ڪرائي سگهجي ٿي، جڏهن ته ٽيڪس سڄي سال ۾ ڪڏهن به جمع ڪرائي سگهجي ٿو. ٽيڪس دير سان جمع ڪرڻ جي صورت ۾ هر ٽئين مهيني جرمانو ادا ڪرڻو پوندو. هن اسڪيم تحت ملڪي ۽ غير ملڪي اثاثن مان 4 سيڪڙو ٽيڪس ڏيئي انهن کي قانوني حيثيت ڏياري سگهجي ٿي. جيڪڏهن ملڪ کان ٻاهر موجود اثاثا ملڪ اندر نه آندا ويندا ته انهن تي وڌيڪ ٻه سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪيو ويندو. واضح رهي ته هن آرڊيننس تحت 30 جون تائين اثاثا ظاهر ڪرڻ جي صورت ۾ 4 سيڪڙو ٽيڪس ڏنو ويندو. 30 جون کان بعد ۾ اثاثا ظاهر ڪيا ويا ته هر ٽن مهينن کانپوءِ ٽيڪس جي رقم 10 سيڪڙو، 20 سيڪڙو ۽ 40 سيڪڙو ڏيڻي پوندي. واضح رهي ته هن اسڪيم تحت سون، قيمتي پٿر، هيرن، انعامي بانڊن، بيئر سرٽيفڪيٽن ۽ ٻي قسم جي بانڊن تي اسڪيم لاڳو نه ٿيندي. ان کان علاوه اهڙي جائيداد جنهن تي ڪو ڪيس عدالت هيٺ آهي ان تي به ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو. ايمنسٽي حاصل ڪرڻ وارن کان ڪوبه ايف بي آر جو ماڻهو اهو سوال پڇڻ جو مجاز نه هوندو ته هن ايترو وقت پنهنجا اثاثا ڇو لڪايا ۽ ٽيڪس جمع ڇو نه ڪيو جيڪڏهن ڪوبه ايف بي آر جو آفيسر اهڙو سوال ڪنهن به ايمنسٽي حاصل ڪندڙ کان پڇندو ته کيس هڪ سال قيد ۽ جرمانو به ٿي سگهي ٿو.