نيب پاران آصف زرداري تي اٺن ڪيسن ۾ الزام ثابت ٿيڻ جي دعويٰ

نيب پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف هلندڙ 36 ڪيسن مان 8 ڪيسن ۾ الزام ثابت ٿي ويا آهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست جمع ڪرائي هئي جنهن ۾ هن پاڻ تي لڳل الزامن هيٺ ٿيندڙ سڀني ڪاررواين جي فهرست گهري هئي، جواب ۾ نيب پاران اهڙي فهرست عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. ان ئي فهرست ۾ نيب پاران 8 ڪيسن ۾ الزام ثابت ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. نيب پاران آصف زرداري خلاف ٻه عبوري ريفرنس داخل ڪيل آهن، جنهن مان صرف پارڪ لين ۾ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن. هي ريفرنس غير قانوني ٺيڪا ڏيڻ بابت داخل ڪيا ويا آهن جنهن کان علاوه هڪ ٻيو ريفرنس ايف آءِ اي پاران ڪوڙي اڪائونٽ بابت آهي. هن کان علاوه آصف علي زرداري خلاف 5 معاملن ۾ تحقيقات به جاري آهي. جنهن ۾ هڪ ڪيس ۾ بحريا ٽائون جي اڪائونٽ مان 8 ارب 30 ڪروڙ رپين جي منتقلي ۽ زرداري گروپ پاران جي وي اوپل ۾ رشوت وصول ڪرڻ به شامل آهي. ان کان علاوه جنهن ڪيس ۾ نيب آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي انهن ۾ ڪوڙن اڪائونٽن ذريعي درآمد ڪيل گاڏين جي ڊيوٽي جمع ڪرائڻ، بجلي گهرن ۾ غير قانوني سبسڊي ڏيڻ، 15-2014 ۾ ڪمند جي آبادگارن کي ڏنل سبسڊي ۾ ڪرپشن، سنڌ ٽريڪٽر سبسڊي ۾ ڪرپشن، ٽيڪنومين توانائي منصوبي ۾ غير قانوني رعايت ڏيڻ، توانائي منصوبن جي واڌو قيمت، سمٽ بينڪ جو غير قانوني قيام ۽ ان کي ڦهلائڻ، دادو ۽ ٺٽي جي شگر ملن جو وڪرو ۽ سنڌ اندر بحران جو شڪار صنعتي يونٽن جي بحالي ۾ ڪرپشن، غير قانوني ٺيڪا ڏيڻ، نيشنل بينڪ، سنڌ بينڪ ۽ سمٽ بينڪ، اومني گروپ لاءِ قرض وٺڻ، پاڪستان اسٽيل مل جي زمين پرائيويٽ ڪمپني ذريعي حاصل ڪرڻ ۽ جي وي پال ۽ ٺٽو سيمينٽ جو غير قانوني طور حاصل ڪرڻ به شامل آهي. هن فهرست سان گڏ نيب پاران هاءِ ڪورٽ ۾ انهن ڪيسن جي فهرست به شامل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، حسين لوائي، انور مجيد ۽ ان جي گهر وارن ۽ ٻين ماڻهن عدالت کان ضمانت ورتي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *