سنڌ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر افسانا ڀرڳري لنڊن ۾ انتقال ڪري وئي

اڄ صبح جو ڊاڪٽر افسانا ڀرڳري لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي، جنهن جي ڪجهه ڏينهن اڳ اوپن هارٽ سرجري جي دوران ڪجهه صورتحال پيچيده ٿيڻ سبب کيس آپريشن روڪي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو هيو. جتي هوءَ چار ڏينهن زندگي سان ويڙه وڙهندي زندگي جي راند هارائي وئي. هوءَ پاڻ اينيسٿيسيا جي ماهر ڊاڪٽر هئي. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ هڪ درد رکندڙ دل رکندي هئي. هن جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو مقصد هيو ته هوءَ سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪري کين صحت جي باري ۾ شعور ڏئي ۽ عورتن جي لاءِ سنڌ سرتين جي نالي سان هن هڪ فورم ٺاهيو هيو. جتان هوءَ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مختلف عورتن جا انٽرويو ڪري سنڌي سماج جي عورتن کي شعور فراهم ڪري رهي هئي. همسري ان جي خاندان وارن سان دلي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪري ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *