بلاگنئون

جاڻ جي پوک

ليکڪه: ڊاڪٽر بينا خانزاده
(سينئر سائنٽسٽ پلان پروٽيڪشن ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٽنڊوڄام)
جاڻ جو اصل وطن مصر آھي، جتان ھي فصل دنيا جي ٻين ملڪن تائين پکڙيو. جنهن ۾ ھندستان ۽ پاڪستان به اچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ ھن فصل جي پوک محدود ايراضي تي ٿئي ٿي. ھن فصل کي سرد موسم جي ضرورت پوي ٿي ۽ ربيع جي موسم ۾ پوک ڪئي ويندي آھي. ھن فصل جي پوکي لاءِ ھلڪي لٽاسي يا وارياسي لٽاسي زمين بھتر آھي.
زمين جي تياري: زمين کي ديسي ھر جي ذريعي ھڪ يا ٻه ھر ڏئي ڀتر ڀڃي وٿاڻ جي ڀاڻ جون اٽڪل 20 کان 25 گاڏيون في ايڪڙ وجھي ھر جي مدد سان ملائي زمين کي ھموار ڪيو ويندو آهي.
ٻج جو مقدار: جاڻ جي فصل جي پوکيءَ لاءِ ٻج جو مقدار 2 کان 3 ڪلو گرام في ايڪڙ ڏيڻ گھرجي.
پوکي جو وقت: جاڻ جو فصل 15 آڪٽوبر کان 15 نومبر تائين پوکي سگھجي ٿو.
پوکي جو طريقو: ھن فصل جي پوکيءَ لاءِ زمين کي سائي جا ھر ڏئي سانھر گھمائي ھموار ڪجي. ٻج ڏيڍ فوٽ جي مفاصلي تي قطارن ۾ پوئجي ته جيئن جاڻ جو ٻج سنھو ٿئي. تنهنڪري ٻج ھڪ يا ڏيڍ انچ جي اونھائي ۾ پوئجي. ڇاڪاڻ ته زياده اونھائي سبب ٻج جو فوٽھڙو سٺو نٿو ٿئي.
ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال: جاڻ جي فصل جي لاءِ زمين جي تياري وقت پوکي کان اڳ وٿاڻ جو ڀاڻ ڏنو وڃي. جڏھن ته زمين ۾ اڌ يوريا ٻوري فصل پوکڻ وقت ۽ اڌ ٻوري فصل جي ٻئي يا ٽئين پاڻي تي ڏجي.
گند گاھه ۽ جيت: فصل ۾ گند گاھه جي خاتمي لاءِ 1 يا 2 دفعا گڏ ڪڍڻ گھرجي. جاڻ جي فصل کي اڏوھي مھلو ۽ تڏون نقصان پهچائين ٿيون.
پاڻي: ھن فصل کي پھريون پاڻي 25 کان 30 ڏينهن بعد ڏجي ۽ بعد ۾ پاڻي 15 کان 20 ڏينهن جي وقفي سان ڏجي.
لابارو: عام طور تي جاڻ جي فصل جو لابارو مارچ اپريل ۾ ڪيو ويندو آھي. جڏھن ته آڳاٽو فصل مارچ ۾ ۽ پاڇاٽو فصل اپريل ۾ لاباري لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. ھي فصل ھڪ ئي وقت تيار نٿو ٿئي. تنهنڪري جيڪي ٻج جا ڇڳا تيار ٿين انھن کي لڻڻ گھرجي ۽ بعد ۾ فصل سڪائي ٻج ڌار ڪيو وڃي.
پئداوار: ھن فصل جي پيداوار 10 کان 12 مڻ في ايڪڙ لھي ٿي. ٻج جي صفائي ڪري مارڪيٽ مان سٺو ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو.