ڏهن ڏينهن کان جاري اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جنگ سڄي دنيا تي معاشي اثر وجهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. تيل جون قيمتون وڌڻ سان کاڌي پيتي جي شين ۽ ٽرانسپورٽ جي قيمتن ۾ واڌاو ٿيڻ لڳو آهي. خوش آئند ڳالهه اها آهي ته هن وقت سڄي دنيا ۾ مختلف جاين تي جنگ جي خاتمي لاءِ احتجاج ٿي رهيا آهن، ڇو ته نئون نسل ان ڳالهه کان بخوبي واقف آهي ته جنگ سندن مستقبل کي اونداهو ڪري ڇڏيندي. ان لاءِ نوجوان نسل آمريڪا ۽ ڪئناڊا کان وٺي برطانيه ۽ جرمني اندر پرامن مظاهرا ڪري جنگ کي روڪڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ اها گهر ڪري رهيو آهي ته سفارتي حل ڪڍي فوجي ڪارروائي بدران ڳالهين ذريعي معاملا طئي ڪيا وڃن. خود آمريڪا هن وقت اندروني ۽ بيروني دٻاءُ جو شڪار آهي ته جنگ کي روڪيو وڃي جنهن ۾ آمريڪي نوجوان نسل خاص طور تي يونيورسٽي جي شاگردن پاران جنگ مخالف لهر ڪافي طاقتور انداز ۾ اڀري رهي آهي. واشنگٽن ۽ نيويارڪ جي گهٽين ۾ هزارين ماڻهو نڪرن ٿا ته ان جو سڌو اثر چونڊن تي پوي ٿو. آمريڪي سياستدانن کي پنهنجو ووٽ بينڪ بچائڻ لاءِ عوامي راءِ جو خيال رکڻو پوندو.
گڏيل قومن جو ادارو ۽ يورپي ملڪن جي اڪثريت جنهن ۾ برطانيه ۽ فرانس به شامل آهن، هن وقت ايران سان سڌي جنگ جي حق ۾ نه آهن. آمريڪي فوجي ماهرن جو هڪ حلقو اهو سمجهي ٿو ته ايران سان جنگ مطلب ته هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ آهي جتان نڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. جيئن ماضيءَ ۾ افغانستان ۽ ويٽنام ۾ ٿيو. اهوئي سبب آهي جو صدر ٽرمپ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جنگ بندي لاءِ نيتن ياهو سان مشورو ڪيو ويندو. هيءَ جنگ نه صرف ايران لاءِ ڏکي آهي، بلڪه ايران کان وڌيڪ امتحان هن وقت گلف ملڪن لاءِ آهي، جيڪي پنهنجي تيل جي پيداوار ڪري معيشت کي ترقي ڏئي هڪ اهڙو خطو آباد ڪري ويٺا آهن، جنهن لاءِ اهو تصور پيدا ٿي ويو هو ته هن خطي کي آمريڪا جو تحفظ مليل آهي ۽ اهو هڪ مڪمل محفوظ خطو آهي، پر هن وقت ايران جي حملن جيڪي سڌو سنئون آمريڪي اڏن تي ٿي رهيا آهن ان تصور کي خطرناڪ حد تائين ٽوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سبب گلف ملڪن ۾ خاص طور تي عرب امارات جتي سڄي دنيا مان سيڙپڪار سرمايو ڪڍي اچي پهتا هئا پنهنجو سرمايو ڪڍڻ لاءِ سوچي رهيا آهن. ان کان علاوه پاڪستاني مزدورن ۽ هنرمند ماڻهن جو هڪ وڏو انگ انهن ملڪن ۾ ڪم ڪري ٿو، جيڪي ملڪ کي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڏين ٿا. جيڪڏهن اهي لکين پورهيت ڪنهن سبب ڪري پنهنجون نوڪريون وڃائين ٿا ته نه صرف انهن خاندانن تي، پر ملڪ جي معيشت تي تمام خطرناڪ اثر پوندا.
ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. پيٽرول جي قيمتن وڌڻ ڪري هر شيءِ تي ان جو اثر نظر اچي رهيو آهي. اهڙي وقت ۾ گلف ملڪن ۾ پاڪستانين جو متاثر ٿيڻ پاڪستان لاءِ هڪ وڏو معاشي بم ثابت ٿي سگهي ٿو. هن وقت ڪيترائي ملڪ پنهنجي پنهنجي سطح تي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ کين ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ قطر، عمان، سوئيٽزرلينڊ شامل آهن. چين به آمريڪا جي مٿان دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته هو ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪري ته جيئن خطي ۾ امن واري صورتحال پيدا ٿي سگهي. گلف ملڪن ۾ جتي قدرت انهن کي تيل جي دولت سان مالا مال ڪيو آهي، اتي هن وقت پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ تمام خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. خطي کي رهڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ پرڪشش بنائڻ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن وقت ايران پنهنجي دفاع ۾ ڪيڏي مهل به انهن پاڻيءَ جي پلانٽن تي حملو ڪري سگهي ٿو. جنهن کانپوءِ اتي زندگي مشڪل ٿي پوندي. نه صرف ايترو، بلڪه مستقبل ۾ به هن خطي جي استحڪام بابت ڪيترائي سوال پيدا ٿي چڪا آهن. جڏهن ته گلف ملڪن جي خوشحالي آمريڪا جي خوشحالي تصور ڪئي وڃي ٿي. گلف جي تباهيءَ جو نتيجو پوري دنيا کي ڏسڻو پيو آهي. اميد آهي ته ٻين ملڪن سان گڏ پاڪستان به پنهنجي ڪامياب سفارتڪاري ڪري هن جنگ جي طوالت کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. پاڪستان جي معيشت جو دارو مدار پرڏيهي ناڻي تي آهي ۽ پاڪستان کي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڏيندڙ مزدورن ۽ محنت ڪشن جو هڪ وڏو تعداد گلف ملڪن ۾ رهي ٿو.