ڪراچي ۾ بجلي جو بحران سنگين، لوڊشيڊنگ 10 ڪلاڪن تائين وڃي پهتي
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو دورانيو 10 ڪلاڪن تائين وڃي پهتو آهي. ڪراچي جي علائقي گارڊن ڌوٻي گهاٽ ۾ هر هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ٻن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ گلشن اقبال، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، لياقت آباد، ايف بي ايريا، گلستان جوهر ۾ به لوڊشيڊنگ جو دورانيو ڊگهو ٿي ويو آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ کان مستثنيٰ علائقن ۾ به 6 ڪلاڪن تائين جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. شهرين جو چوڻ آهي ته ڏينهن ۾ چار ڀيرا هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، لوڊشيڊنگ وارن علائقن ۾ بجلي بند هئڻ جو دورانيو 10 ڪلاڪن تائين وڃي پهتو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جو موقف آهي ته سوئي سدرن جي ڪي اليڪٽرڪ کي گئس سپلاءِ ۾ اچانڪ ڪمي سان لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿيو آهي. سوئي سدرن جي مطابق گئس فيلڊ مان سوئي سدرن کي گئس جي فراهمي ۾ 100 ملين مڪعب فوٽن جي ڪمي آئي آهي، پر ڪي اي کي 200 ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ بجلي جي طلب 3000 ميگا واٽ ۽ رسد 2500 ميگا واٽ آهي، جنهن کانپوءِ طلب ۽ رسد ۾ فرق 500 ميگا واٽ تائين پهچي ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه فرنس آئل مان بجلي پيداوار پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جنهن سبب شهرين کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پوي.

