بلاگنئون

سنڌ ۾ فني تعليم جو مستقبل

ترقيءَ ڪو اهڙو پاڻمرادو يا اوچتو پاڻمرادو عمل نه، پر شعوري ڪوشش جو اهڙو نتيجو آهي. جنهن جو گهڻي ڀاڱي دارومدار دماغن ۽ هٿن تي هوندو آهي. جيڪڏهن دماغ ۽ هٿ تربيت يافته هوندا ته سماج ۽ ملڪ ترقي ۽ ارتقا جي رستي تي هلي پوندو، پر جيڪڏهن اهي غير ترقي يافته يا ڪنهن فني مهارت ۽ ڄاڻ کان وانجهيل هوندا ته ڀڃ ڊاهه ۽ زوال ڏانهن واٽون کلنديون. تربيت يافته دماغ هٿن جي تربيت ڪندا آهن ۽ تربيت يافته هٿ دماغن جي تربيت ڪندا آهن. اهڙي نموني تربيت جي ان Cycle تي ئي ترقيءَ جو دارومدار آهي. هونئن به سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: “بي هنر بيڪار ۽ هنرمند بادشاهه”. پاڪستان جي قائم ٿيڻ بعد ملڪ جي سڀني شعبن ۾ سڌارا آندا ويا، جن ۾ فني تعليم تي به خاص ڌيان ڏنو ويو، جنهن موجب ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ پاس ٿيل نوجوانن لاءِ مختلف ٽيڪنالاجين ۾ ٽن سالن جو ڊپلوما ڪورس پڙهڻ لاءِ سرڪاري پوليٽيڪنڪ ادارا صوبن جي وڏن شهرن ۾ قائم ڪيا ويا، جنهن سبب نوجوانن ۾ فني ڄاڻ ۽ عملي تربيت حاصل ڪرڻ جو رجحان پيدا ٿيو. صنعتن جو ڄار وڇايو ويو. واپڊا، ريلوي، پبلڪ هيلٿ، زراعت ۽ اريگيشن کاتن ۾ ڊپلوما هولڊرن لاءِ روزگار جا وسيلا پيدا ٿيندا رهيا جنهن ڪري نوجوانن ۾ فني آگاهي ۽ عملي تربيت جو رجحان پيدا ٿيو. اسٽيل ملن، پورٽ قاسم، ڀاڻ ۽ کنڊ جي صنعتن ۾ افرادي قوت جو اضافو ٿيو، جنهن جا بهتر نتيجا اچڻ شروع ٿيا، جنهن سبب ملڪي معيشت ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيڻ لڳو. 80 ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾ پبلڪ سيڪٽر ۾ سياسي اثر رسوخ هجڻ ڪري ضرورت کان وڌيڪ ڀرتيون ٿيون. نوڪر شاهيءَ جي غلط پاليسين ۽ بداعمالين ۽ ادارن جي نجڪاري جي عمل سبب پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ روزگار جا وسيلا محدود ٿيندا ويا. رهي سهي ڪسر فني تعليم جي نظامتن پوري ڪري ڇڏي. ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۾ شاگردن جي اڻ پوري حاضري، استادن جو ويزا تي هجڻ، پريڪٽيڪل ورڪ جي خام مال جو نه هجڻ ۽ ان مد ۾ بجيٽ ۾ رکيل رقم جي ڪاغذن ۾ هيرا ڦيري. پريڪٽيڪل ورڪشاپن جي ايڪيوپمينٽ ۽ اوزارن کي زنگ لڳي وڃڻ، ايتري قدر جو انفرااسٽرڪچر جي تباهيءَ تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو. جنرل مشرف جي حڪومتي دور کانپوءِ عوامي حڪومت اچڻ بعد ٽيڪنيڪل تعليم جي واڌ ويجهه ۽ ترقي سنڌ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن اٿارٽي جو وجود عمل ۾ آيو ته اها اميد پيدا ٿي ته 60 واري ڏهاڪي جو پراڻو انفرااسٽرڪچر توڙي مشينري ايڪيوپمينٽ کي موجوده دور جي تقاضائن موجب تبديل ڪيو ويندو، پر افسوس آهي جو اسٽيوٽا ۾ مقرر/ٽرانسفر ٿي ايندڙ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪمپرومائيز نه ڪرڻ سبب ستت ئي تبديل ٿي ويندا آهن. اسٽيوٽا جا ريجنل ڊائريڪٽر ڪڏهن به تڪليف ڪري پنهنجن ادارن جو وزٽ ڪرڻ گوارا نه ڪندا آهن. اهڙي نشاندهي نگران وزير اعليٰ جي حيدرآباد جي ٻن ڏينهن واري دوري دوران سرڪاري مونو ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جي اوچتي دوري دوران ٿي. ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي، پر جيڪي خانگي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ اسٽيوٽا ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهن، انهن ۾ نه پرنسپل ۽ نه وري ٽيچنگ اسٽاف مقرر ٿيل آهي. اچرج جي ڳالهه آهي ته 200 اسڪوائر والن يا ان کان گهٽ ايراضي تي اڪثر قائم ٿيل ادارن ۾ شاگردن لاءِ فني سکيا واسطي ڪوبه ضروري سامان موجود نه آهي ته پوءِ سنڌ جي نوجوانن کي ڪهڙي صحتمند فني مهارت ۽ آگاهي ملي سگهندي. اميد آهي ته واسطيدار ادارا ان طرف ڌيان ڏيندا ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليجن جي حالت کي بهتر بڻائي ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.