ايڊيٽوريل

ملڪ مان وي آئي پي ڪلچر جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت!

هن وقت سپريم ڪورٽ طرفان لکيل خط ميڊيا ۾ بحث هيٺ آهي. مقصد ان جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي نشانو بنائڻ آهي. قصو هي آهي ته 21 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار هڪ خط لکي ايئرپورٽ سيڪيورٽي ۽ سول ايوي ايشن کان وضاحت گهري ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن ۽ سندن گهروارين کي ايئرپورٽ تي جسماني تلاشي کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويو آهي ته پوءِ اها سهولت موجوده سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ انهن جي گهروارين کي ڇو نه آهي؟ انهن جي وضاحت ڪريو. اهو خط ان وقت ليڪ ٿيو آهي، جڏهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اڪيلي سر ڌر بڻجي چونڊون سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل مقرر تاريخ تي ڪرائڻ جو دفاع ڪيو آهي ۽ هو سياري جون موڪلون گذارڻ جي لاءِ تُرڪيه وڃي چڪو آهي. انهيءَ خط کي بهانو بڻائي قاضي فائز عيسيٰ جا مخالف سندس مٿان تنقيدن جا تير هلائي رهيا آهن. اهو به واضح ڪريون ته قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرواري ملڪ کان ٻاهر وڃڻ وقت عام مسافرن وانگر سامان جي ۽ جسماني تلاشي ڪرائي عام رستي سان جهاز ۾ سوار ٿيا. جڏهن ته کين ايئرپورٽ سيڪيورٽي اسٽاف طرفان آفر به ڪئي وئي ته هو اسلام آباد ايئرپورٽ جي وي آئي پي لائونج استعمال ڪن ۽ کين اسپيشل ليموزين ڪار کڻي جهاز تائين پهچائي، پر چيف جسٽس صاحب اهڙي سهولت وٺڻ کان انڪار ڪيو. يقينن جڏهن چيف جسٽس صاحب واپس ايندو ۽ وي آئي پي پروٽوڪول نه وٺندو ته به هو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس هوندو، ائين ئي جيڪي اسان جا صدر، وزيراعظم، چيف سيڪريٽري يا فوجي جنرل پروٽوڪول کي انجواءِ ڪندا آهن، تڏهن به انهن جو عهدو اهو ئي هوندو آهي، جيڪڏهن اهي پروٽوڪول کي وٺڻ کان انڪار ڪن، تڏهن به انهن جي عهدن ۾ ڪو به فرق نه ايندو، پر اها انهي ڪلاس جي نفسيات آهي، جنهن تحت هو پنهنجو پاڻ کي عوام کان بالاتر سمجهن ٿا، جڏهن ته اهي عوام جي ٽئڪسن مان پگهارون وٺن ٿا ۽ اهي مراعتون حاصل ڪن ٿا، پر پوءِ به هو عوام جي برابر بيهڻ يا انهن سان گڏ سفر ڪرڻ وقت ويهڻ کي معيوب سمجهن ٿا. هو حڪمران آهن ۽ باقي ماڻهو انهن جي رعايا ۽ خدمتگذار آهن. جيئن بادشاهتن ۾ هوندو آهي. جيئن انگريز سرڪار ڪيو. هتان جي ماڻهن کي انگريزن ٻڌايو ته اسين توهان جا فاتح آهيون ۽ توهين مفتوح آهيو. اسين حڪم هلائڻ وارا حڪمران آهيون ۽ اوهين حڪم بجاآوري ڪرڻ واري رعيت آهيو. انگريز هتان جي راجائن، مهاراجائن کي به پاڻ سان گڏ نه ويهاريندا هئا، ان وقت سفر ريلوي ذريعي ٿيندو هو. ريلوي ۾ انگريزن لاءِ الڳ ڪلاس هوندو هو، جنهن ۾ لوڪل ماڻهو ته پري، پر راجا مهاراجا به سفر ڪري نه سگهندا هئا. بدقسمتي سان آزادي جي 75 سالن کانپوءِ به اهو ڪلچر اسان وٽان ختم ٿي نه سگهيو آهي، جيڪو انگريز اسان وٽ ڇڏي ويو هو. شايد ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ به اهو ڪلچر آهي. ماڻهو، ماڻهوءَ سان برابري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. انهيءَ ڪري ماڻهن کي انهن جي حيثيت مطابق طبقن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هڪ طبقو صرف حڪومت ڪري پيو ۽ ٻيا طبقا محڪوم آهن. دنيا غلامي جي دور کان نڪري چڪي آهي. آمريڪا جي ڪارن ماڻهن کي اڇن ماڻهن جيترا بنيادي انساني حق حاصل آهن ۽ اهي ڪارا ماڻهو براڪ اوباما جي روپ ۾ آمريڪا جا صدر بڻجي چڪا آهن. جيتوڻيڪ 50 سال پهرين اتي به نسلي متڀيد عروج تي پهتل هو. پاڪستان مان وي آئي پي ڪلچر ڪڏهن ختم ٿيندو؟ ملڪ جا ڪامورا، سردار يا طاقتور ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ ته پروٽوڪول کي استعمال ڪن ٿا، پر اهي ماڻهو جڏهن دنيا جي ملڪن ۾ وڃن ٿا ته عام ماڻهو وانگر گهمندا ڦرندا وتن ٿا، ڇو ته کين پڪ آهي ته اتي سڀ ماڻهو برابر آهن ۽ هنن کي انهن ملڪن ۾ ڪوبه پروٽوڪول نه ملندو. پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجن ماڻهن سان انهن ماڻهن جو غير انساني ورتاءُ ڇو آهي. انهن پنهنجي لاءِ هڪ الڳ سسٽم ٺاهي ورتو آهي ۽ انهيءَ سسٽم کي استعمال ڪندي پنهنجو پاڻ کي اُتم سمجهن ٿا. اسين سمجهون ٿا ته اها هڪ نفسياتي بيماري آهي ۽ جيڪي اهڙي سسٽم جو فائدو وٺن ٿا، اهي ڪنهن حد تائين نفسياتي مريض آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي پنهنجي برابر نٿا سمجهن، جڏهن روڊن تي نڪرن ٿا ته رستا بند ڪرائين ٿا ۽ عوام کي اذيت پهچائن ٿا. اسين سمجهون ٿا ته وقت اچي ويو آهي ته انهيءَ وي آئي پي ڪلچر جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ايئرپورٽن تي ڪوبه وي آئي پي لائونج نه هجي. پاڪستان جا شهري برابري جي بنياد تي ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ ڏنل حق استعمال ڪن، جيئن پوري دنيا ۾ ٿي رهيو آهي. اسانجو ملڪ به دنيا جي گولي جو هڪ حصو آهي. هاڻي انهيءَ مدي خارج وي آئي پي ڪلچر جو خاتمو ضروري آهي. انهيءَ لاءِ عوام کي به آواز بلند ڪرڻو پوندو. ڇو ته ملڪ جي اصل مالڪ اها عوام ئي آهي، جيڪا ووٽ ذريعي پنهنجا نمائندا چونڊي حڪومتي ايوانن ۾ موڪلي ٿي، جيڪي بجاءِ نمائندگي جو حق ادا ڪرڻ جي انهيءَ عوام جي مٿان حڪمران بڻجي حڪومت ڪن ٿا. هنن چونڊن ۾ پڻ عوام کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ووٽ ڏيڻو پوندو، جنهن سان وي آئي پي ڪلچر جو خاتمو ته شايد نه ٿي سگهي، پر ڪمزور ضرور ٿيندو.