ايڊيٽوريلنئون

ڏکڻ ايشيا ۾ مون سون سيزن دوران گهڻين بارشن جو امڪان

            ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن (WMO) جو چوڻ آهي ته هن سال جون کان سيپٽمبر تائين ڏکڻ اولهه ۾ مون سون جي دوران ڏکڻ ايشيا جي گهڻن حصن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ ۽ معمول کان وڌيڪ گرميءَ جي پيشنگوئي ڪئي وئي آهي. علاقائي ماحوليات سان لاڳاپيل 9 ڏکڻ ايشيائي ملڪ جن ۾ افغانستان، بنگلاديش، ڀوٽان، ڀارت، مالديپ، ميانمار، نيپال، پاڪستان ۽ سريلنڪا جي قومي موسمياتي ۽ هائيڊرو لاجيڪل سروسز (NMHS) گڏيل طور تي نقطهءِ نظر تيار ڪيو آهي، جنهن مطابق مقامي سطح تي فيصلا ڪرڻ جي پيشنگوئي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

            ان پيشنگوئي جا گڏيل سبب آهن، جنهن جو سڀني کان وڏو سبب سڄي ڌرتيءَ جي ماحوليات جي نمونن ۾ تبديلي آهي. سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته گرمي پد عربي سمنڊ سوڌو ڀارت جي اترئين ميداني علائقن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن جي ڪري سمنڊ ۾ ٻاڦ بڻجڻ جو عمل تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي ۽ هوا ۾ نميءَ جو تناسب وڌي رهيو آهي. هوا گرم ۽ گهميل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. هڪ سينٽي گريڊ گرمي پد جو اضافو گرمين ۾ مون سون جي برساتن جي امڪان کي 5 سيڪڙو وڌيڪ وڌائي ڇڏي ٿو.  گرمي پد وڌڻ جي ڪري گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن.

            هن وقت هماليه جا گليشيئر گرمي پد وڌڻ جي ڪري تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن ۽ انهن جو پاڻي دريائن جو حصو بڻجي رهيو آهي ۽ وڌيڪ برساتن جي صورت ۾ ٻوڏ جي امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي. ايندڙ وقت ۾ جڏهن گليشيئر تمام گهٽ رهجي ويندا ته پوءِ دريائن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو به گهٽجي ويندو. ان کان علاوه مون سون جا پنهنجا تبديليءَ جا پاسا به هوندا آهن. مون سون جي دوران هوائن جي ڦيرن ۾ تبديلي اچڻ جي ڪري به گرمي پد ۾ تبديلي ايندي آهي، جنهن سبب ڪنهن علائقي ۾ گرمي پد سمنڊ ۾ ٿيندڙ گرميءَ کان به وڌيڪ تيزيءَ سان رونما ٿيندو آهي. هماليه جبلن جو به ڏکڻ ايشيا جي مون سون جي هوائن ۽ برسات ۾ هڪ اهم ڪردار آهي، اهي ڏکڻ کان ٿڌي ۽ خشڪ هوا کي روڪي هوا جو دٻاءُ پيدا ڪندا آهن، جنهن جي ڪري برسات پوندي آهي. ان کان علاوه سمنڊ جي مٿاڇري تي پاڻيءَ جي گرم ٿيڻ سان ٻاڦ ۾ اضافو ٿيندو آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب وڌي ويندو آهي ۽ پوءِ ڪڪر ٺهڻ شروع ٿيندا آهن جنهن جي ڪري برسات ٿيندي آهي. ڊبليو ايم او جو چوڻ آهي ته جون کان سيپٽمبر تائين مون سون ڏکڻ ايشيا جي گهڻن حصن ۾ زندگيءَ کي متاثر ڪندو ۽ خطي جي ڪيترن حصن ۾ 75 کان 90 سيڪڙو ساليانه برساتن جو حصو پوندو، اها قومي معيشتن، زرعي پيداوار ۽ غذائي تحفظ جي ‘جان’ آهي، پر مون سون سيزن تباهه ڪندڙ ٻوڏن جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

            ڊبليو ايم او جو چوڻ آهي ته انهن سڀني شين کي پيش نظر رکندي نشاندهي ڪجي ٿي ته هر شعبي سان تعلق رکندڙ هن پيشنگوئي کي وارننگ سمجهن ۽ ان جي مقابلي جي لاءِ عالمي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي وچئين ۽ ڏکڻ پاڪستان ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جو رجحان ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون اتر اوڀر پنجاب ۾ جڏهن ته اترئين علائقن ۾ معمول کان ڪجهه گهٽ برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي مئي کان جولاءِ تائين معمول جي برساتن کانپوءِ سوڪهڙي وارن علائقن ۾ مٽيءَ ۾ نمي پيدا ٿيڻ جو ۽ سوڪهڙي جو ڪنهن حد تائين خاتمو ٿيڻ جو انديشو ڏيکاريو آهي. مٿين پيشنگوئين تحت ايم ڊبليو او محڪمي جي عملدارن کي خبردار ڪيو آهي ته خاص طور تي ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ ‘هيٽ ويو’ ۽ سيزن جي ٻي ششماهي ۾ تيز برساتن سبب ڪيترائي علائقا اربن فلڊنگ جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

            اترئين علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ سان برف پگهرڻ ۾ تيزي اچڻ جو امڪان سان دريائن جي پاڻيءَ جي سطح ۾ اضافو ٿيندو. ڊبليو ايم او مطابق اها سڄي معلومات اڳواٽ ان ڪري ڏني پئي وڃي ته زراعت، توانائي، عام صحت ۽ خطري هيٺ جيڪي به انتظام ٿي سگهن ٿا ان جي منصوبابندي ۽ فيصلا سازيءَ کي بهتر انداز ۾ ڪيو وڃي.