18 فيبروري 2025 تي سنڌ جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن ورلڊ بينڪ بورڊ جي ڊائريڪٽرن سان سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، توانائي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، زارعت وارو وزير سردار محمد بخش مهر، لائيو اسٽاڪ وارو وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سميت سڀئي وزارت جا سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدار شامل هئا. ورلڊ بينڪ جي هن وفد ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي نمائندگي شامل هئي.
هن اجلاس ۾ سنڌ صوبي اندر ورلڊ بينڪ جي ڏنل فنڊ تحت هلندڙ مختلف پراجيڪٽن جو تجزيو ڪيو ويو ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ ورلڊ بينڪ جي وفد کي سنڌ ۾ هلندڙ انهن پراجيڪٽن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. هن ملاقات ۾ جن خاص نقطن تي ڳالهايو ويو تن مان اها ڳالهه اهم آهي ته ورلڊ بينڪ سنڌ حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ انهن پراجيڪٽن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نظر آيو ۽ ان ڳالهه جو خوشيءَ سان اظهار ڪيو ته سنڌ ۾ جيڪي پراجيڪٽ ورلڊ بينڪ جي مدد سان هلي رهيا آهن انهن ۾ شفافيت جو خيال رکيو ويو آهي ۽ ڏنل فنڊ تمام اثرائتي نموني استعمال ٿي رهيا آهن. ورلڊ بينڪ جي مدد سان ٻوڏ کانپوءِ جيڪا امداد ۽ فنڊ مليا ان جي بابت وڏي وزير ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ گڏيل ڪمن بابت آگاهه ڪيو ۽ وڏي وزير ورلڊ بينڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن اڳيان ان ڳالهه جو برملا اظهار ڪيو ته ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال ۾ ورلڊ بينڪ 1.6 ارب ڊالرن جي امداد ڏني جنهن سان سنڌ حڪومت ٻوڏ ستايلن جي بحالي جو پروگرام عمل ۾ آندو. اهم ڳالهه اها آهي ته وڏي وزير ۽ ورلڊ بينڪ جي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ جي گڏيل پارٽنرشپ قائم رهندي ۽ اهي مستقبل ۾ به گڏجي ڪم ڪندا. ميٽنگ ۾ ڪيترن ئي هلندڙ پراجيڪٽن بابت جن ۾ تعليم، صحت ۽ معاشي ڊولپمينٽ، انفرااسٽرڪچر تي ڪم شامل آهن، انهن بابت ڳالهايو ويو. هن وقت سنڌ ۾ 13 رٿائون ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هلي رهيون اهن جن ۾ سالڊ ويسٽ اِي ايمرجنسي اينڊ ايفيشنسي پروجيڪٽ، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پراجيڪٽ، سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ، ڪراچي موبلٽي پراجيڪٽ، سنڌ ارلي لرننگ انهانسمينٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن، سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ، سنڌ بئراجز امپروومينٽ پراجيڪٽ، سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ ايڪو ڪلچر سيڪٽر ٽرانسفارميشن پرواجيڪٽ ۽ نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام شامل آهن انهن منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. وفد کي ٻڌايو ويو ته سنڌ پهرين صوبو آهي جتي گهڻا منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارنٽرشپ تحت هلي رهيا آهن ۽ اهو تجربو انتهائي ڪامياب رهيو آهي. هن وقت سنڌ صوبي ۾ ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته صحت جي ميدان ۾ ٻين صوبن کان ڪافي بهتر سهولتون موجود آهن ۽ ان جو سڀني کان وڏو پراجيڪٽ اين آءِ سي وي ڊي ان جو ثبوت آهي، پر جتي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي صوبي جي ماڻهن جي لاءِ مختلف قسمن جا پراجيڪٽ کڻي انهن تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن ۾ تعليم ۽ نوجوانن جي لاءِ اسڪالرشپن جا پروگرام شامل آهن جيڪو نه صرف ٿوري وقت ۾، پر ڊگهي عرصي تائين پنجاب جي مستقبل تي اثر وجهندو. اسان جي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کان اها گهر ۽ اميد به آهي ته پاڻ به سنڌ جي تعليم کي بنيادي حيثيت ڏئي ان تي توجهه ڏيندو ۽ ڪم ڪندو. نه صرف يونيورسٽي سطح تي، پر پرائمري سطح کان وٺي جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي 13 پروگرامن ۾ سنڌ ارلي لرننگ انهانسمينٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن جو پروجيڪٽ شامل آهي، ان کي سڀني کان مٿي ترجيحي بنيادن تي رکيو ويندو ۽ سڄي سنڌ ۾ ان پروجيڪٽ تي عمل ٿيندي نظر ايندو. ان کان علاوه ٻيا جيڪي به پراجيڪٽ آهن انهن جي شفافيت جي باري ۾ به عوام کي آگاهي ڏني ويندي ۽ سنڌ جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بنايو ويندو.
ورلڊ بينڪ جي تعاون سان جيڪي پروگرام هلي رهيا آهن انهن کي اڃان به وڌيڪ شفاف ۽ موثر نموني سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ان مان بهتر نتيجا ڪڍيا ويندا. نوجوانن کي روزگار جا وسيلا فراهم ڪيا ويندا ۽ انهن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي سکيا ڏئي پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي پنهنجا ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ قرض به مهيا ڪيا ويندا ته جيئن اسان جو بيروزگار نوجوان جيڪو هن وقت بي مقصد زندگي جي رهيو آهي ۽ ڪيترين ئي برائين جو شڪار ٿي پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي خاندان جي زندگي مصيبت ۾ وجهي رهيو آهي انهن کي هڪ بامقصد زندگي فراهم ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ جي ڏنل فنڊ مان ضرور ڪو پروگرام شروع ڪندي ته جيئن سنڌ ۾ بيروزگاري جو خاتمو ٿي سگهي ۽ نوجوان پنهنجن پيرن تي بيهي با عزت زندگي گذاري سگهن، جنهن سان نه صرف سندن زندگيءَ ۾ تبديلي ايندي، بلڪه اهي صوبي اندر ٽيڪس به ڏيندا ۽ ملڪ کي ۽ صوبي کي ناڻو ڪمائي ڏئي سگهندا. اسان کي اميد آهي ته ٻيا جيڪي پنج پروجيڪٽ اڃان پائيپ لائين ۾ آهن انهن ۾ نوجوانن جي لاءِ يقينن ڪو ساهتا پروگرام شامل ڪيو ويندو.