شاعرينئون

تون مونکي پائي سگھين ٿو

تون مونکي پائي سگھين ٿو
مان پاڻ کي ڌوتل ڪپڙن جيان
گهڻائي دفعا نچوڙيو ۽ سڪايو آهي

تون مونکي چٻائي سگھين ٿو
ھڪ پان جيان
مان پنهنجي مٺاس گهولي ڇڏي آهي

تون مونکي روئاري سگھين ٿو
مان پنهنجو پاڻ کي ماري
رت جو پاڻي بڻائي
اکين ۾ ندي ٺاهي آهي

تون مونکي چٿي سگھين ٿو
منهنجي هر هڪ قطري کي
تڙپائي تڙپائي
زندگي جي هر درد کي
مان الوداع ڪري چڪي آهيان

تون مونکي تعويذ جيان
ٻانهن ۾ ٻڌي سگھين ٿو
مان مندر ۽ گرجا گهرن جي گهنٽن جو اڀرندڙ آواز آهيان