سري لنڪا جي چرچن ۽ هوٽلن ۾ 8 ڌماڪا 185 ڄڻا فوت، 400 زخمي ٿي پيا

سري لنڪا جي گادي واري هنڌ ڪولمبو سميت مختلف شهرن جي چرچن ۽ هوٽلن ۾ 8 بم ڌماڪا ٿيا آهن.  ڌماڪن جي نتيجي ۾ 185 ڄڻا فوت جڏهن ته 400 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. واقعي بعد ريسڪيو ٽيمن زخمين کي اسپتال پهچائي علاج شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق اڄ عيسائين جو مذهبي ڏڻ آهي، ان موقعي تي هنن حملن ۾ صرف عيسائي ڪميونٽي کي نشانو بڻايو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن تي شهر جي هوٽلن ۽ چرچن ۾ عوام جو هڪ وڏو انگ موجود هوندو آهي. حملن بعد پوري ملڪ ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ملڪ جي صدر مٿري پالاسري پاران عوام کي صبر ۽ تحمل سان رهڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *