خلا ۾ زمين جيترو هڪ نئون سيارو دريافت
آمريڪا جي خلائي اداري ناسا زمين جيترو هڪ نئون سيارو دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن سياري کي جنوري 2019 ۾ ڏٺو ويو هيو. جنهن بعد ان تي مشاهدا ڪيا ويا ۽ هاڻي ان بابت اعلان ڪيو ويو آهي. سائنسدانن پاران هن سياري کي Exoplanet جو نالو ڏنو ويو آهي. هن سياري کي دريافت ڪرڻ ۾ TESS (Transmitting Exoplanet Survey Satellite) نالي سيٽلائيٽ کان مدد ورتي وئي آهي.ياد رهي ته TESS نالي اها سيٽلائيٽ ٻه سال اڳ ناسا پاران خلا ۾ موڪلي وئي هئي. جنهن جي مدد سان زمين کان پري وارن ستارن جي مدار ۾ موجود سيارن جي معلومات پهچائڻ آهي.