سنڌي ادب جي افق تي هڪ نئون نالو ستارن جي ڪهڪشان ۾ چمڪي رهيو آهي. هن ڪردار پنهنجين ڪهاڻين، شاعري، آتم ڪٿا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ادبي دنيا ۾ شهرت حاصل ڪئي آهي ۽ پنهنجا پير پختا ڪيا آهن، اهو آهي سنڌي ادب جي افق تي اڀرندڙ نالو “قمرالنساءِ ٽالپر” پاڻ لاڙ پٽ جي بدين ضلعي سان تعلق رکي ٿي. مون کي انتهائي خوشي ٿي جڏهن ادبي دنيا جي ٿوري وقت ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو شايع ٿي اسان جي هٿن تائين پهتو آهي. فرحت پبليڪيشن پاران ڇپايل هي ڪهاڻين جو مجموعو جيڪو اسي صفحن تي مشتمل آهي، جنهن مان مهاڳ ۽ تبصرن جا چوڏهن صفحا ۽ ڪهاڻين جا ستر صفحا، جنهن ۾ صرف پندرهن ڪهاڻيون آهن، سٺو ٿئي ها ڪهاڻيڪاره ڪتاب آڻڻ ۾ تڪڙ نه ڪري ها ڪجهه وڌيڪ اٺ ڏهه ڪهاڻيون لکي هڪ جامع ڪتاب آڻي ها. ڪتاب جو مهاڳ ثمين نقوي انتهائي مختصر پر سٺو لکيو آهي. شهناز راهو جو تبصرو، عبدالستار آڪاش ٽکڙائي، عرفان احمد عرفان، عبدالستار جوکيو جا تبصرا، ليکڪا جو پنهنجي پاران ۽ سنڌي ادب جي معتبر نالي محترم خاڪي جاني جو بيڪ ٽائيٽل ليک پنهنجي جاءِ تي سٺا لڳا. ڪهاڻيڪاره قمرالنساءِ ٽالپر جي هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ شامل ڪجھ ڪهاڻين تي نظر ٿا وجهون.
خوشي جا لڙڪ: سٺي عنوان واري ڪهاڻي خوشي جا لڙڪ ٻارڙن جي ڄمڻ سان ئي پنهنجن سئوٽن، ماساتن جي نالي ڪري مڱايا ويندا آهن، انهيءَ بيجا رسمن جي چوگرد گهمندڙ هن ڪهاڻي ۾ به شمع ڄمڻ واري ڏينهن ئي پنهنجي چاچي پنهنجي هنج ۾ کڻي پنهنجي پٽ هالار جي نالي ڪري ٿي، جنهن جي حامي شمع جي ماءُ خوشي وچان قبول ڪري ٿي. ٻهراڙي خاص ڪري ويڙهي واري ماحول ۾ جتي ويجها رشتيدار گڏ رهن ٿا، اتي اهي رسمون ڪيون وينديون آهن، ننڍڙي وهي ۾ ٻارڙن کي پنهنجن مڱيندين جي خبر هوندي آهي، پر ڪهاڻيڪاره هن ڪهاڻي ۾ اهڙو ڪوبه ماحول نه ڏيکاريو آهي، اڳتي هلي شمع کي خبر پوي ٿي، جيڪا فيصل سان پيار ڪري چڪي آهي. ڪهاڻي ۾ ڪجھ جهول آهن، اهو ڪجھ به نه ڏيکاريو ويو آهي ته مائٽن ۾ ڪي جهيڙا جهٽا شروع ٿيندا آهن. هالار کي ڇا بنا پيار جي خودڪشي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هن ڪهاڻي جو ڪلائيمڪس وري به سٺو آهي، هڪ روايتي ڪهاڻي آهي. مٿي لکيل ڳالهيون لکيون وڃن ها ته ڪهاڻي برجستي ٿي پوي ها.
روشني: روشني ڪهاڻي هڪ مثبت ۽ سٺي ڪهاڻي آهي، پر ڪهاڻي ۾ هڪ منفي پهلو اهو آهي ته ٻار کي ڪنهن آفيس جي گيٽ تي ڇڏڻ بدران ڪنهن اسپتال جي گيٽ تي ڇڏيو وڃي ها. ڪنواري وجود واري ڇوڪري ٻار ڄڻيندي اڪثر اٻهرائپ ۾ اهڙا غلط قدم کڻنديون آهن ته ٻار کي اڇلائجي، پر هڪ انساني وجود سان ماءُ جو پيار به قدرتي فطرت ۾ شامل هوندو آهي، انهي ڪري ٻار کي اسپتالن اڳيان اڇلائڻ يا ايڌي هوم جي جهولن ۾ وجهڻ سان هڪ پهلو اهو به هوندو آهي ته ٻار زنده هجي. ڪهاڻي ۾ اهو به ڏيکاريل ڪونهي ته روشني جي ماءُ ۽ پيءُ کي ڪيئن خبر پئي ته روشني ڪٿي ۽ ڪنهن جي گهر آهي. ڪهاڻي جو ڪلائيمڪس ڏاڍو سٺو ۽ سبق آموز آهي ڪمزور ڪهاڻي هوندي سٺي ڪهاڻي چئي سگهجي ٿي.
نيرين اکين واري ڇوڪري: ٻوڏ جي تباهه ڪارين کانپوءِ ڪئمپن ۾ لڏي آيل ڪٽنبن سان امداد جي بهاني جيڪي وارتائون ڪيون ٿيون وڃن، انهن وارتائن مان هڪ وارتا تان ڪهاڻيڪاره پردو کڻي سماج جي چٽي ۽ سچي عڪاسي ڪئي آهي، هڪ سچي ۽ اميد افزا ڳالهين سان ڪهاڻي جي پڄاڻي ڪندي هڪ سٺي ڪهاڻي لکي آهي، ها البته هن ڪهاڻي اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ته اٺن سالن جي نازنين ماءُ جي ٿڃ ڪيئن ٿي وٺي، هن ڪهاڻي کي هڪ بهترين ڪهاڻي ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
جي هنيانءُ نه هارين ڪوهياريل: برسات ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۾ جيڪي غريب ڏتڙجي روڍن رستن ۽ ڪئمپن ۾ بي يارو مددگار ٿي پهچن ٿا، انهن جي روئيداد تي ڪهاڻيڪاره سٺن لفظن، موقعي جي بهتري عڪاسي، ڊائلاگ ڊليوري ۽ سٺي انداز واري لکيل ڪهاڻي، سچ ته هي ڪهاڻي گهڻن پڙهندڙن جي اکين مان ڳوڙها وهايا هوندا، سٺي ڪهاڻي اها ئي چئبي آهي جيڪا دل کي ڇهي وڃي، هڪ سٺي ڪهاڻي لکڻ تي جس هجي توهان کي.
جيئڻ ڪارڻ وس ڪيا: هي ڪهاڻي جهڙي سٺي نموني سان شروع ٿي ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس اهڙو ئي برو ڏيکاريو ويو آهي، سٺو ٿئي ها ته هن جوڙي کي ڪهاڻي جي ڪردارن ۾ آيل سليم ۽ شازيا يا پاڙي وارا هن کي روزگار سان لڳرائين ها، پر پاڻ به نوجوان هئا، ڪجھ به ڪري اڳتي وڌي پئي سگهيا. ڪتاب ۾ شامل هن ڪهاڻي کي آئون مايوسي جو سبق ڏيندڙ ڪهاڻي چوندس. ڪهاڻي ۾ مايوسي جهلڪي ٿي، غير ارادي ۽ غير پختگي ۽ معمولي ڳالھ تي ڪهاڻي جي ٻن ڪردارن جي خودڪشي ڏيکارڻ، سٺي ڪهاڻيڪار جي ناڪامي آهي، بهتر ٿئي ها ڪهاڻي ۾ سٺو ۽ مثبت رستو ڏيکاريو وڃي ها.
خواب نگر: خواب نگر هڪ سٺي ۽ گهريلو ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اهو سبق ڏنل آهي ته ڌيءَ جي لاءِ ڪهڙين حالتن ۾ ماءُ ۽ پيءُ جي دلين ۽ گهرن جا دروازا ڪڏهن به بند نه ٿيڻ گهرجن. هن ڪهاڻي ۾ مڪافات عمل سان گڏ اصلاح به ڏيکاريل آهي.
گري گوندل دل جي: معاشري ۾ جلدي اڏامي آسمان تي پهچن جا خواب ڏسندڙ انهي ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو نتيجو هن پنهنجي اکين سان پهرين ڏينهن ڏسي ورتو، هن ڪهاڻي ۾ اهو ڏيکاريو وڃي ها ته مائٽ پنهنجي نوجوان ڇوڪري کي سڌي راهه تي آڻين ها، پر هنن ڇوڪري کي گهران ڪڍي هيڪاندو خراب منزل ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، هي هڪ نيگيٽو ڪهاڻي آهي جنهن جو اثر پڙهندڙن ڏانهن سٺو نٿو وڃي.
جاڌل: هڪ عام ڪهاڻي آهي، ٻهراڙي جي ماحول ۾ لکجندڙ ڪهاڻي ۾ ڇوڪري جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ ، پوءِ ٻار مٿان ٻارن جو پيدا ٿيڻ، علاج جي ڪا سهولت جو نه هجڻ، مڙس جي مارڪٽ، پوءِ زال جو ويم ۾ گذاري وڃڻ ۽ وري ٻي شادي ڪرڻ، ڪهاڻي ۾ اهو ئي پراڻو الميو ڏيکاريل آهي.
آزادي جي آس: ڪهاڻيڪاره جي هن ڪهاڻي جي بلڪل آخر ۾ هڪ سبق ڏنل آهي، هي ڪهاڻي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ بهترين ڪهاڻي آهي جنهن ۾ گهر جي نياڻين جي قربانين جو ذڪر آهي، ماءُ پيءُ جي فراخدلي وارو سبق هن ڪهاڻي ۾ ڏنل آهي. ڪهاڻي ۾ به اها ئي ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ شادي به سولي، طلاقون به سوليون آهن، پر هاڻ زمانو بدليل آهي، ٿي سگهي ٿو اڃان به ائين هجي.
سوني: هي سٺي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مرد جا ٻه روپ ڏيکاريل آهن، مرد کي جيئن کپي تيئن ڪري، ائين ڪهاڻي جي ڇرڪائيندڙ ڪلائيميڪس سماج جي انهي مرد جون اکيون کولي ڇڏيون هونديون ته مرد جڏهن جيڪو کپي حاصل ڪري وٺي.
خوبصورتي جو زهر: هي ڪهاڻي دل جو ڇهاءُ محسوس نه ڪرائي سگهي، هن ڪهاڻي ۾ صرف نوري جي حسن جو ذڪر آهي. اهڙي طرح قمرالنساءِ ٽالپر جي ڪهاڻين جو هي مجموعو ڪيترين سٺين ۽ وچولين ڪهاڻين تي مشتمل آهي جنهن ۾ “پيار جي پناهه”، “ڏاهيون ڏک ڏسن” جهڙيون بهترين ڪهاڻيون به شامل آهن، جن کي پڙهي پڙهندڙ ضرور ساراهيندا ۽ داد ڏيندا. منهنجي نظر ۾ هي هڪ ڪامياب ڪهاڻين جو مجموعو ٿيندو جنهن ۾ پنهنجي دور جي تاريخ لکيل آهي ته معاشري جي حقيقي ڪردارن جي عملي چرپر به ليکڪ جي قلم جي اک سان چٽي ريت پسي سگهجي ٿي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪهاڻيڪاره قمرالنساءِ ٽالپر هڪ بهترين شاعره سان گڏ سٺي نثر نويس آهي، جنهن جون ڪهاڻيون ۽ آتم ڪٿا سنڌ جي هر ميگزين، اخبارن ۽ ادبي رسالن توڙي سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي رهيون آهن. هوءَ ڪهاڻي لکڻ جي ڏانءُ کان پڻ واقف آهي، جيتوڻيڪ هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ سندس اڪثر ڪهاڻيون عورت جي چوگرد گهمن ٿيون، عورتن سان ٿيندڙ انيائن، ايذائن ۽ سماج جي ٿيندڙ ناسورن تي مشتمل آهن، اميد ٿي ڪجي ته پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي پنڌ کي اڃان به تيز ڪندي، جيئن هوءَ پنهنجي ڪهاڻين جي ايندڙ مجموعي لاءِ وڌيڪ منفرد موضوعن تي شاهڪار ڪهاڻيون لکي سگهي. منظر نگاري ۽ مڪالمن جي حوالي سان پڻ هن کي پنهنجي مشاهدي مطالعي ۽ تجربي کي وڌائڻ جي صلاح ڏجي ٿي، ڪهاڻي جي تمهيد ۽ ڪلائيميڪس ۾ خوبصورتي پيدا ڪري افسانن جي سونهن وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي. تمام سٺي ڳالهه اها آهي ته قمر جي ڪهاڻين ۾ اجائي ڊيگھ ڪونهي، سڀ ڪهاڻيون مختصر ڪهاڻين جي روپ ۾ آهن ۽ اڄڪلھ مختصر ڪهاڻين کي پڙهندڙ وڌيڪ پسند ڪري ٿو. قمر جي ڪهاڻين ۾ سولي ۽ آسان ٻولي استعمال ٿيل آهي جيڪر هڪ ٻار به ڪهاڻي پڙهي ۽ سمجهي وڃي، اها ئي هڪ سٺي ڪتاب جي نشاني آهي. قمر پنهنجن ڪهاڻين ذريعي اصلاحي پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿي. وڌيڪ اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا ته هن ڪهاڻي جي مجموعي کي ڪيترو پسند ڪن ٿا.
منهنجي خيال ۾ لاڙ پٽ جي بدين ضلعي جي تمام چند عورت تخليقڪارن مان قمرالنساءِ ٽالپر جو نالو اچي ٿو جنهن جي ڪهاڻين جو مجموعو اسان جي هٿن تائين پهتو آهي. سندس پهرين ڪتاب جي اشاعت تي مان دل سان مبارڪون ڏيندي سرهائي محسوس ڪندي، دعا ٿو ڪريان ته شال سندس ڏات ڏهوڻي ٿئي ۽ هوءَ ائين لکندي رهي ۽ ڏات جي سلسلي کي جاري رکندي اچي. اميد ته قمرالنساءِ ٽالپر جي ڪهاڻين جو هي پهريون مجموعو پذيرائي ماڻيندو، آخر ۾ دعا ڪندس ته ادي قمر پنهنجي نالي جيان ادب جي افق تي سدائين جرڪندي، مرڪندي ۽ مهڪندي رهي، ادب جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو سدائين لکائيندي رهي ۽ ادب جي جهول ۾ سدائين ادب جو خزانو وجهندي رهي. توهان جي هن ڪتاب جي ڪاميابي کانپوءِ، ايندڙ ڪتاب جو انتظار رهندو.