محترم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد 5 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. والد جو نالو سر شاهنواز ڀٽو ۽ والده جو نالو ليڊي خورشيد بيگم هو. ابتدائي تعليم ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ محترم ذوالفقار علي ڀٽو بمبئي ڪيٿڊرل اسڪول ۾ داخلا ورتي. بمبئي ڪيٿڊرل اسڪول ۾ ڀٽو صاحب جا ڪافي نامور ڪلاس فيلوز رهيا انهن مان پيلو موڊي به محترم ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪلاس فيلو هو، جنهن شملا ڪانفرنس کانپوءِ محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب تي ڪتاب لکيو هو (زلفي ميرا دوست) محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جتي به رهيو ان جا تمام گهڻا بهترين دوست هوندا هئا. بمبئي مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب وڌيڪ تعليم لاءِ 1946ع ۾ آمريڪا ويو جتي سياسيات، جيورس پروڊونس ۽ بين الاقوامي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيلفورنيا يونيورسٽي جي لاس اينجلس برانچ ۾ داخلا ورتي سياسيات ۾ بي اي آنرز ڪيائين. ۽ 1950ع ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلستان جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪراٽسٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ٽن سالن جو ڪورس محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ٻن سالن ۾ پاس ڪيو، حالانڪه جنهن مضمونن ۾ محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب امتحان پاس ڪيائين اهي مضمون لاطيني ۽ رومن زبانن ۾ پڙهڻ ۽ پاس ڪرڻ ضروري هئا.
محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب انهيءَ يونيورسٽي مان 1952ع ۾ سياسيات ۾ ايم اي آنرز ڪئي ۽ بئريسٽري جو امتحان به پاس ڪيو. اعزازي طور انگلستان جي سائوٿپين يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي قانون جو پروفيسر مقرر ٿيو. محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب اشيا جو پهريون مسلمان هو جيڪو هن عهدي تي اعزازي طور فائز ٿيو هو. ڪجھ عرصو گذرڻ کانپوءِ سر شاهنواز ڀٽو جي طبيعت خراب ٿي پئي ۽ مجبورن کيس واپس وطن اچڻو پيو. جناب ڀٽو صاحب پاڪستان اچڻ کان پوءِ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ قانون جي پروفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1956ع ۾ صدر اسڪندر مرزا اقوام متحده ڪانفرنس وفد ۾ ڀٽو صاحب جو نالو شامل ڪيو ليڪن محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب نه وڃي سگهيو. وري 1957ع ۾ ساڳئي فورم ۾ محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڪستاني وفد جي نمائندگي ڪئي ۽ ان وقت محترم ڀٽو صاحب جي عمر 29 سال هئي. 1958 ۾ بري فوج جي سرحد بندي جي سلسلي ۾ سوئٽزرلينڊ جي دارالحڪومت جنيوا ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. 18 آڪٽوبر 1958ع تي پاڪستان ۾ مارشلا لڳي ويو. جنرل ايوب خان ملڪ جون واڳون سنڀاليون جنرل ايوب خان محترم ڀٽو صاحب جي ذهانت ۽ ڏاهپ کان متاثر ٿي پنهنجي ڪابينا ۾ بطور معدنيات جي وزير طور شامل ڪيو. صدر ايوب خان 1960ع ۾ محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي امور اقليت، قومي تعميرات ۽ اطلاعات جا قلمدان به سونپي ڇڏيا. 1961ع ۾ معدنيات جي تلاش لاءِ ڀٽو صاحب روس سان معاهدو ڪيو. گئس ۽ معدنيات ڪارپوريشن قائم ڪئي ۽ هڪ ڪروڙ روپين جي سيڙپڪاري سان تيل صاف ڪرڻ جو ڪراچي ۾ جديد ترين ڪارخانو لڳايو. 1961ع تي هندستان جي وزيراعظم نهرو پاڪستان تي ڪشمير جارحيت جو الزام لڳايو محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب نهرو کي ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. ۽ چين، مصر، برطانيا ۽ آئزلينڊ جا ڪامياب دورا ڪيا. 1963ع ۾ پاڪستاني وزير خارجا محمد علي بوگرا جو انتقال ٿي ويو صدر ايوب خان محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي قائم مقام وزير خارجا مقرر ڪيو ۽ انهيءَ مهيني ۾ جناب ڀٽو صاحب کي مستقل وزير خارجا جو قلمدان سونپيو ويو. 22 فيبروري 1963ع تي چين سان سرحد بندي پيڪنگ تي ڪامياب ڳالھيون ٿيون جناب ذوالفقار علي ڀٽو چين کان 750 مربع ميل مقبوضا علائقو واپس ورتو ۽ چين سان سرحد بندي معاهدي تي صحيحون ڪيون. محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڪامياب خارجا پاليسي جا چرچا سڄي دنيا ۾ اڃان تائين گونجي رهيا آهن. 1965ع تي هندستان پاڪستان تي چڙهائي ڪئي نتيجي ۾ 1966ع تي تاشقند ۾ ڳالھيون ٿيون جنرل ايوب خان کٽيل جنگ ڳالھين جي ميز تي هارائي آيو، پورو ملڪ سراپا احتجاج بڻجي ويو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو دل برداشت ٿي، 16 جون 1966ع تي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب عوامي رابطا مهم شروع ڪئي 2 جون 1967ع تي محترم ڀٽو صاحب گول باغ لاهور ۾ جلسي جو اعلان ڪيو هو، حڪومت محترم ڀٽو صاحب جي جلسي کي ناڪام بنائڻ لاءِ عوام کي جلسي گاھ ۾ وڃڻ کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر پوءِ به عوام جلسي گاھ ۾ پهچي وئي. ايوب خان حڪومت، محترم ڀٽو صاحب کي جلسي گاھ ۾ قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. اسٽيج تي حڪومت جي اهلڪارن سول ڪپڙن ۾ حملو ڪيو. هڪ رڪشا ڊرائيور روشن علي، محترم ڀٽو صاحب کي پنهنجي رڪشا ۾ ويهاري جلسي گاھ مان محفوظ هنڌ منتقل ڪيو هو، 30 نومبر 1967ع تي لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي رهائش گاھ ٿي ملڪ گير ڪنوينشن ٿيو گڏيل راءِ کانپوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي بنياد جو اعلان ڪيو. 16 مارچ 1968ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنجاب آفيس جو لاهور ۾ افتتاح ڪيو. 13 نومبر 1968ع تي جناب ڀٽو صاحب کي ڊاڪٽر مبشر حسن جي رهائش گاھ تان گرفتار ڪري ميانوالي جيل ۾ رکيو ويو. عوامي احتجاجن جو سلسلو پوري ملڪ ۾ شروع ٿي ويو حڪومت خلاف عوامي نفرت ۾ هر روز اضافو ٿيندو رهيو. پوليس عوامي پريشر کي مدنظر رکندي جناب ڀٽو کي ساهيوال جيل منتقل ڪري ڇڏيو. فيبروري 1969ع تي محترم ڀٽو صاحب جي لاڙڪاڻي واري گهر کي سب جيل قرار ڏنو ويو ۽ کيس لاڙڪاڻي واري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. حڪومت عوامي دباءَ ۾ اچي ڀٽو صاحب کي فيبروري ۾ آزاد ڪيو. محترم ڀٽو صاحب آزاد ٿيندي ئي عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي. عوامي مقبوليت محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي عوامي ليڊر بڻائي ڇڏيو.
25 مارچ 1969ع تي صدر ايوب خان جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. جنرل يحيٰ خان اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. جنرل يحيٰ خان فوري طور ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڊسمبر 1970ع جي عام چونڊن ۾ مغربي پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي زبردست ڪامياب حاصل ڪئي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ مجيب الرحمان جي پارٽي ڀرپور ڪامياب ٿي. جنرل يحيٰ خان جو فرض هو ته هو فورن اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪري ها، پر هن ائين نه ڪيو اقتدار جي لالچ جنرل يحيٰ خان کي منجهائي ڇڏيو. ملڪ بحرانن جي ور چڙھي ويو. نتيجتن 1971ع ۾ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان الڳ ٿي ويا. جنرل يحيٰ خان ان جي حمايتن ۾ ايترو حوصلو نه هو جو هو عوام جي غم و غصي جو مقابلو ڪري سگهي. آخرڪار ملڪ جون واڳون جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سنڀالي ورتيون ۽ ملڪ ۾ سڌارا اچڻ شروع ٿي ويا بين الاقوامي تعلقات بهتر ٿيڻ لڳا ملڪي معيشت ٽريڪ تي اچڻ شروع ٿي وئي. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب دنيا جا ڪامياب دورا ڪيا ٻاهرين ملڪن جي انويسٽرن کي پاڪستان ۾ انويسٽمينٽ ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملڪ ۾ ڪافي سڌارا اچڻ شروع ٿي ويا. بين الاقوامي برادري ۾ پاڪستان جو اميج بهتر لڳو. 4 جولاءِ 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي قيادت ۾ اقتدار تي فوج قبضو ڪري ورتو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي فوج گرفتار ڪري مري جيل منتقل ڪيو ويو. 24 ڏينهن بعد ڀٽو صاحب کي آزاد ڪيو ويو. وري 2 سيپٽمبر 1977ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي نواب احمد خان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو 19 سيپٽمبر تي جڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو. هاءِ ڪورٽ لاهور ۾ چيف جسٽس مولوي مشتاق حسين جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي. جسٽس مولوي مشتاق حسين محترم ڀٽو صاحب جي شخصيت سان ذاتي طور نفرت ۽ بغض رکندو هو. جنرل ضياءُ الحق، جسٽس مولوي مشتاق حسين کي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي عهدي سان گڏوگڏ اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان جي عهدي تي به مقرر ڪيو هو. مولوي مشتاق حسين جنرل ضياءُ الحق جو احسان مند هجڻ جي ڪري محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو ڪيس ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُالحق جي مرضي مطابق هلايو.
جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي نواب احمد خان قتل ڪيس ۾ 18 مارچ 1978ع تي سزاءِ موت جي فتويٰ ٻڌائي. مولوي مشتاق حسين، جناب محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب لاءِ ريمارڪس ۾ انتهائي اذيتناڪ ۽ ناقابل برداشت جملا لکيا هئا. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ ڏهن مهينن تائين ڪيس جي سماعت هلندي رهي، پر سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ مان 4 ججن سزاءِ موت برقرار رکي ۽ ٽن ججن جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي بيگناھ قرار ڏنو. ججن جي اڪثريتي فيصلي جي بنياد تي محترم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي 4 اپريل 1979 واري رات جو 2 بجي تختادار تي چاڙهيو ويو. توهان ۽ اسان جو عوامي ليڊر رات جي انڌاري ۾ ملڪ تي مسلط رهزن اسان کان هميشه لاءِ کسي ورتو. جسماني طور ته محترم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان سان گڏ نه آهي پر ڀٽو ازم هميشه زنده آهي ۽ زنده رهندو.