بلاگنئون

“1919ع” جليانوالا باغ سانحو

13 اپريل 1919ع تي پيش ايندڙ هن ڏوکيئندڙ واقعي جنگِ آزاديءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر ڪافي جانين جي قرباني ڏني وئي تنهن کانپوءِ ڪجھ حاصل ٿيو. 21 مارچ 1919ع تي انگريز حڪومت هڪ مجريه ايڪٽ پاس ڪيو هو. جنهن جو مقصد آزاديءَ جي جدوجهد کي روڪڻ هو، انڪري هندوستان ۾ احتجاج شروع ٿيا ۽ اڳواڻن کي قيد ڪرڻ شروع ڪيو ويو. ان وقت جي تحريڪي ڪارڪنن امرتسر ۾ جلسو ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، پر انگريز حڪومت انهيءَ جلسي ٿيڻ کان ٽي ڏينهن پهريان جلسن جلوسن ۽ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لڳائي هئي. امرتسر ۾ 13 اپريل 1919ع تي سکن ۽ مسلمانن طرفان اتان جي مقامي رهنمائن  ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو ۽ ڊاڪٽر ستياپال کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ٻنهي رهنمائن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جليانوالا باغ (امرتسر) ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو، جتي شام جو مقامي وقت مطابق چار وڳي ماڻهو گڏ ٿيڻ شروع ٿيا، اهو ميدان تقريبن ٻه سئو گز ڊگهو ۽ هڪ سئو گز ويڪرو هو ۽ هن کي  چئني طرفن کا وڏي ديوار هئي، اندر اچڻ لاءِ صرف هڪ وڏو دروازو هو، جتان احتجاج ڪندڙ ماڻهو داخل ٿيا ۽ ماڻهن جو تعداد تقريبن پندرنهن کان ويھه هزار  انهيءَ ميدان يعني جليانوالا باغ ۾ موجود هو. اتان جي مقامي رهنمائن اتي جلسو شروع ڪيو، تقريرن جو سلسلو پڻ جاري هو ۽ اهو جلسو هڪ پر امن  جلسو هو.

شام جو تقريبن پنج لڳي پندرنهن منٽن تي انگريز جنرل ڊائر پنجاھ فوجين سان گڏ ٻه آرمرڊ گاڏين سان گڏ اتي پهتو، ڪجھ منٽ هو بلڪل خاموش رهيو ۽ اچانڪ جلسي گاھ ۾ فائرنگ جو حڪم ڏنو ۽ جنرل ڊائر طرفان گوليون سڌيون هلائڻ جو حڪم ڏيندو رهيو، اها فائرنگ تقريبن ويھ منٽ جاري رهي. فائرنگ جي ڪري ماڻهن ۾ افراتفري شروع ٿي وئي ۽ ماڻهن جانيون بچائڻ لاءِ باغ ۾ موجود کوھ ۾ ٽپ ڏيڻ لڳا ته پنهنجيون جانيون بچائي سگهن، پر فوجين ان کوھ جي اندر به گوليون هلايون، جنهن سان ڪافي جاني نقصان ٿيو. تنهن وقت جي انگريز سرڪار جي رپورٽ مطابق کوھ مان هڪ سئو ويھ لاش ڪڍيا ويا ۽ ڪافي لاشن کي ڪڍيو ئي نه ويو هو. ويھ منٽن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ کانپوءِ جنرل ڊائر پنهنجن سپاهين سان واپس ويو. ان وقت جي رپورٽ مطابق ٿري ناٽ ٿري رائيفل جا سورنهن سئو پنجاھ رائونڊ فائر ڪيا ويا، جنهن مطابق ڇھن گولين مان هڪ گولي موتمار ثابت ٿي. مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته کوھ مان ئي رڳو ٽي سئو لاش ڪڍيا ويا، ۽ ميدان تي جانيون وڃائيندڙن جو تعداد پڻ سوَن ۾ هو. هڪ تنظيم جي اڳواڻ پنڊت مدن موهن مالويه جيڪو پهريون اڳواڻ هو جيڪو سڀ کان پهريان جليانوالا باغ پهتو هو، جنهن پنهنجي ڪارڪنن سان جيڪي انگ اکر گڏ ڪيا ان جو چوڻ هو ته فوت ٿيندڙن جو تعداد هڪ هزار کان به وڌيڪ هو.

ايترن بيگناھ آزاديءَ جي متوالن کي ماريندڙ جنرل ڊائر کي به هڪ سِکَ ڪواڊ دهم سنگهه   1940ع ۾ لنڊن ۾ حملو ڪري ماري ڇڏيو. 1920ع ۾ جليانوالا باغ کي پنج لک سٺ هزار چار سئو ٻائيتاليھ روپين ۾ خريد ڪيو ويو هو. 1947ع ۾ پاڪستان ۽ هندوستان جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ آزاديءَ جي ياد ۾ هڪ يادگار تعمير ڪئي وئي جيڪا 1961ع ۾ مڪمل ٿي.