نئون

فوج جي هر ضرورت پوري ڪئي ويندي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ويو جنهن ۾ هن فوج کي خاطري ڪرائي آهي ته فوج جون تمام ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. پنهنجي دوري دوران عمران خان جي ايڇ ڪيو جي سڀني پي ايس اوز (پرنسپال اسٽاف آفيسرز) سان ملاقات ڪرائي وئي. هن دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير به ساڻ رهيا. جنهن ۾ وفاقي دفاعي وزير، وفاقي خزاني جو وزير، وفاقي اطلاعات جو وزير ۽ ٻيا ساڻ هئا. دوري دوران وزيراعظم ۽ سڀني وزيرن کي سلامتي جي صورتحال، خطرن ۽ رد عمل جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کان علاوه دهشتگردي خلاف فوج جي مهم آپريشن رد الفساد، ڪراچي جي صورتحال ۽ خوشحال بلوچستان پروگرام جي باري ۾ تازي صورتحال بابت به آگاهه ڪيو ويو. جنهن بعد وزيراعظم عمران خان فوج جي خدمت کي سٺي انداز ۾ ساراهيو ۽ چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ اسان فوج سان گڏ آهيون ۽ فوج جي هر ضرورت پوري ڪئي ويندي. چيف آف آرمي اسٽاف پاران عمران خان جي دوري ۽ فوج تي اعتماد کي ساراهيو ۽ وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته فوج هميشه قوم جي اعتماد تي پورو لهندي.