بلاگنئون

هوندا سي حيات

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جئيڻان اڳي جي جيئا.

انساني حياتي جَرَ تي ڦوٽي جيئن آهي. حيات بعد ممات ڇا آهي؟ ماڻهو مري مات نه ٿئي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ماڻهو اهڙو ڪهڙو عمل ڪري جو سندس حياتي نه فقط خود سندس لاءِ سٺي هجي پر ٻين ڪيترن کي جيئاري وڃي، اهو ڪيئن ممڪن آهي؟

انهيءَ لاءِ جيڪڏهن ڏاهن جي چوڻ کي ڏسنداسين ته سندن موجب علم ادب هڪ اهڙو رستو آهي جو سدا حيات حياتيءَ جو گس آهي. علم حاصل ڪرڻ ۽ ان کي لاڀائتو ڪرڻ هر هڪ جي وَسَ جي ڳالھ نه آهي اهڙيون غير فاني شخصيتون هزارن ۾ هڪڙيون هونديون آهن، جن جي حياتي چڱن عملن، چڱن ارادن ۽ سوچ جي پختگيءَ سان اعلىٰ آدرشن جي پورائي ۾ گذرندي آهي.

حياتي فقط ورهين جي ڳڻپ ناهي بلڪه سدا حيات رهندڙ حياتي اهڙن جاري رهندڙن سٺن عملن جو نتيجو هجي ٿي جي نسلن جي لاءِ ڪارائتا هجن جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي زندگيءَ جي چند سالن کي سڦل بنائي ڪي ڪمائتا پستڪ پنهنجي پڙهندڙن کي آڇيا آهن ته پوءِ ڄڻ هن زنده رهڻ جو حق ادا ڪيو.

عمدن ڪتابن جي اڻ ملھ خزاني کي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ارپيندڙ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو نالو اهڙين امر شخصيتن ۾ شمار ٿيئي ٿو جنهن جي تحريرن جي خوشبو ۽ سوجھرو ڪڏهن به جھڪو ٿيڻو نه آهي. هن سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ پنهنجي قلم جي اهڙي ته جوت جلائي آهي، جو انهيءَ قيمتي ورثي تي سنڌ واسي هميشه ناز ڪندا.

سنڌ جي هن محسن کي نه فقط سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نثر ۽ نظم تي عبور حاصل هو پر هو ڪيترين ئي ٻولين جي علم ادب جو ڄاڻو هو کيس پنهنجي قوم، ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان جيڪو لازوال پيار هو انهيءَ تحت هن پنهنجي محنتن ۽ محبتن سان دنيا جي ادب مان ڪيترن ڪارائتن ڪتابن جا ترجما ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ادب کي وسعت ڏني.

انگريز دور جي هن عالم سمجھيو ته سنڌي قوم جاهلاڻين رسمن رواجن ۾ ڦاٿل، وهمن ۽ وسوسن جي شڪار ٿي علم جهڙي زيور کان ناآشنا ٿي رهي آهي ۽ تعليم جي ڪمي سندن اڳيان وڌڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. خاص طور مسلمان عورتن جي تعليم ۽ ترقيءَ جي راھ ۾ رُڪاوٽن کي ڏسندي سندن سڌاري لاءِ هڪ شاندار ناول “زينت“ تخليق ڪيائين جو ظاهري طور ته عورتن جي سڌاري ۽ ڀلائيءَ لاءِ لکيل آهي پر ٻين ڪيترين خوبين سان سنڌي ناول نويسيءَ ۾ اڄ به ڪامياب ناولن ۾ شمار ٿيئي ٿو توڻي جو سوا سئو سال انهيءَ ناول کي لکئي ٿي ويا آهن.

مرزا صاحب هڪ سماج سڌارڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي قلم کان هڪ مصلح جو ڪم ورتو سندس پيش ڪيل اخلاقي، اصلاحي، نصيحتي ادب تبليغ طور نه پر هڪ سچي دِل گھرئي صلاحڪار طور پڙهندڙ کي سنئين واٽ ڏسي ٿو، جنهن ۾ ڪمال سندس فن ۾ استعمال ٿيل موضوعن ۽ ٻوليءَ جي سلاست جو آهي.

پڙهندڙ اهو ضرور پروڙيندا ته مرزا صاحب جي نثر توڻي نظم ۾ وٽن ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ اهڙي سادگي ۽ سلاست آهي جو ٿورو پڙهيل شخص پڻ سندن لکيل ادب مان سٺي نموني فيضياب ٿيئي ٿو. مرزا صاحب جنهن وقت سنڌي ادب ۾ لکڻ شروع ڪيو انهيءَ وقت کان وٺي سندن حياتيءَ جي پڇاڙيءَ يعني حرفِ آخر لکڻ تائين هلندڙ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي عربي، فارسي، سنسڪرت، اردو ۽ ٻين ٻولين جا لفظ شامل هئا. انهيءَ دور ۾ تمام ٿورا اهڙا ليکڪ هئا جن صاف ۽ نج سنڌي لکڻ کي اوليت ڏني ٿي، اهڙن اديبن جو سرواڻ مرزا قليچ هو. هُن سنڌي نثر کي وڻندڙ ۽ دلچسپ ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪمال ڪيو. سندن لکيل ادب اثرائتو، موضوعاتي، وسعت وارو ۽ عام فهم رهيو. جنهن جي ڪري کين ”سنڌي نثر جو ابو“، ”سلاست جو صاحب“ ۽ ”سنڌ جو شيڪسپيئر“سڏيو ويو. نثر ۾ ناول هجي يا ناٽڪ، ڪهاڻي هجي يا سفرنامو، مضمون هجي يا مقالو، تحقيق هجي يا تنقيد، تاريخ هجي يا ترجمو، سوانح هجي يا سماجي ادب، شاھ جي رسالي جو اڀياس هجي يا شاعري. مرزا صاحب هر هنڌ وڏيءَ خوبيءَ سان نڀايو.

”ديوانِ قليچ“ جو اڀياس ڄاڻائي ٿو ته، مرزا صاحب هڪ ”قادرالڪلام“ شاعر هو. ان کان سواءِ سندن ٻيا شاعريءَ جا ڪتاب ۽ شاعريءَ جي ڪتابن جا ترجما به آهن. هن ڏس ۾ لکيو اٿم، جنهن ۾ سندن شعر جو اڀياس آهي. مرزا صاحب نظم توڻي نثر ۾ ملهايو پر خاص طور سندن نثر جي ڪم جو پڙڳرو آهي ۽ نثر ۾ وري ترجمن جي حوالي سان سندن ڪم جي اهميت تهائين وڌيڪ آهي. پوريءَ دنيا جي مشهور ۽ اهم ڪتابن کي سنڌي ادب ۾ آسان ترجمو ڪري سنڌ واسين کي دنيا جي ادب سان روشناس ڪرائڻ سندن خاص ڪارنامو شمار ٿيئي ٿو.

انهيءَ مقصد جي پورائي لاءِ مرزا صاحب انهن ڪتابن جي موضوعن ۽ مقصديت تي نظر رکي ۽ انهيءَ جهڙا ڪي به ڪتاب سنڌيءَ ۾ ناپيد ڏسندي نون نون موضوعن کي متعارف ڪرائيندو ويو. اڄ به جڏهن اسين ”گليور جو سير ۽ سفر“، ”مقالات الحڪمت“، ”ڪيميائي سعادت“ ۽ سندن ٻيا ڪتاب ڏسون ٿا تڏهن محسوس ٿيئي ٿو ته مرزا قليچ وقت سان گڏ هلندڙ ۽ وقت جي آواز کي سمجھندڙ هڪ ترقي پسند اديب هو جنهن کي چڱيءَ پر خبر هئي ته سندس قوم کي ڪهڙي قسم جي ادب ۽ معلومات جي ضرورت آهي ۽ هُن صاحب ترجيحي بنيادن تي انهيءَ ڪم کي هٿ ۾ کنيو ۽ ان ۾ ايترو ته پاڻ کي مصروف رکيائين جو هڪ ئي وقت ٽي ٽي ڪتاب گڏ لکندو هو. وٽس هڪ بهترين ڪتب خانو هو، جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ ۽ موڊ مطابق ٽن الڳ ميزن تي ڪتابن جي تڪميل ۾ رڌل هوندو هو. سندس لکيل ڪتاب ايترا ته مشهور ٿيا جو پبلشرز هڪدم اهي ڇپرائيندا هئا. پاڻ پنهنجو هڪ ئي ڪتاب شايع ڪرايائون باقي سڀ ٻين پبلشرز ڇپايا. گھڻي مطالعي ۽ تحرير نويسيءَ سبب وقت کان چار سال اڳ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائرمينٽ وٺي ارادتاً پنهنجو سڄو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ کي ڏيڻ ۾ ڪارگر سمجھيائين. کين اها به خوشي هئي ته سندن ڪيل محنت جو قدر حياتيءَ ۾ ئي ٿيو ۽ اهڙو اظهار پنهنجي نظم توڻي آتم ڪهاڻيءَ معرفت ڪيو اٿن.

انگريز حڪومت مرزا صاحب جي خدمت تي کين ”شمس العلماء“ (عالمن جو سج) جو خطاب ڏنو ته کين ٻيا پڻ انعام ۽ اڪرام ۽ تعريفي سندون عطا ٿيون.

جديد سنڌي ادب جو بنياد وجھندڙ هن تاريخ ساز شخصيت، روشن خيال ۽ روشن ضمير اديب جون بي مثال خدمتون هڪ ننڍي مضمون ۾ سمائي نٿيون سگهجن پر پوءِ به دِلي خلوص ۽ سچائيءَ سان مرزا صاحب جيڪو فن اسان کي ڏيئي ويو انهيءَ کي مڃتا ڏيڻ جي هيءَ هڪ ادنۍٰ ڪاوش ضرور آهي. سندن فن جا ٻيا پڻ ڪيترائي رُخ آهن جيئن نثر نويسيءَ جون خوبيون، مذهبي لاڙو، ٻوليءَ ۽ لغت جو ڪم، شاعريءَ ۾ تصوف، ترجمي واري شاعريءَ جو جائزو، اخلاقيات، فلسفي ۽ ٻين موضوعن متعلق سندن تحريرون، تنقيد، تحقيق ۽ تاريخ تي ڪيل ڪم، فارسي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪم ۽ ٻيا موضوع آهن. ان کانسواءِ سندن ڪم ۾ لطيفيات، ناول، ناٽڪ، مضمون، ٻالڪ ادب، سوانح نگاري ۽ ترجمي بابت مون هڪ مڪمل ڪتاب لکيو آهي، جو 2023ع ۾ شايع ٿي مقبوليت ماڻي چڪو آهي، سنڌي ادب جي هن سرواڻ ليکڪ 7 آڪٽوبر 1853ع تي حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ جنم ورتو، سندن وفات 76 سالن جي عمر ۾ 3 جولاءِ 1929ع تي ٿي، سندن ادبي خدمتون هميشه قائم رهنديون.