گذريل ڪجهه سالن کان ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اهو اسرائيل جيڪو اڪثر ڪري عرب ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي ڳالهيون ڪرڻ جون دعوتون ڏيندو هو. اڄ اهوئي ساڳيو اسرائيل ڪنهن جي ٻڌڻ ته ڇا، پر هينئر ته پنهنجي پيءُ آمريڪا کي به اکيون ڏيکاري رهيو آهي. ١٩٦٧ ۽ ١٩٧٤ ۾ جڏهن عرب ملڪن بنا ڪنهن پلاننگ ۽ حڪمت عملي جي اسرائيل تي حملو ڪيو ته ان کانپوءِ اسرائيل پنهنجي دفاع تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسرائيل پاڻ کي ان قابل بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيڪڏهن سمورا پنجويهه اسلامي ملڪ به اسرائيل تي حملو ڪري ڏين ته به هو انهن کي منهن ڏئي سگهي ٿو. خبر ناهي ته هو ان قابل آهي به يا نه؟ پر گذريل عرب ۽ اسرائيل جنگين ۾ اسرائيل جهڙيءَ ريت عرب ملڪن کي چوٽون رسايون اهو اسرائيل اڄ کان پنجاهه سال اڳ جو اسرائيل هو. اڄ جو اسرائيل ان کان هزارين ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي.
دنيا جو اڪيلو ملڪ آهي جتي هر شهري کي آرمي ٽريننگ وٺڻي پوندي آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال بحيثيت سولجر ڊيوٽي ڪرڻي پوندي آهي. اسرائيل پنهنجي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ مئل “عبراني” ٻوليءَ کي زنده ڪيو آهي ۽ اڄ اسرائيل جو هر شهري عبراني ٻولي ڳالهائي ٿو. عرب ملڪن جي حملي کانپوءِ اسرائيل جهڙي ريت ڇهن ڏينهن ۾ گولان هائيٽس، ويسٽ بينڪ، غزه پٽي ۽ سينا جي رڻ پٽ تي قبضو ڪيو ۽ پاڻ کان چوڻي وڏي فوج کي شڪست ڏني. جڏهن ١٩٨٤ع ۾ اسرائيل ۾ يهودين جي آبادڪاري شروع ٿي ته اسان جي فلسطيني ڀائرن پنهنجون زمينون پاڻ يهودين کي وڪرو ڪيون ته اسان جو “امام مهدي” ايندو ۽ هو اسان جون زمينون وٺي ڏيندو. ستر سال انهيءَ انتظار ۾ گهاري ڇڏيائون. ان دوران ڪافي ڀيرا ڳالهين جون ڪوششون ڪيون ويون، پر هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن عرب حڪمران جي غيرت جاڳي ٿي پئي ۽ ان اسرائيل تي حملو ٿي ڪيو، جنهن سان معاملا وڌيڪ خراب ٿي پيا. ايران-مصر ۽ عراق جا حڪمران جهڙي ريت هر شام جو اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏيندا هئا ان سبب کان اسرائيلي قوم ۽ حڪومت پاڻ کي ذهني ۽ دفاعي طور تي ان قدر مضبوط ڪري ورتو جو هن وقت اسرائيل ڪنهن به ملڪ جي ڌمڪي کان ڊڄڻ لاءِ تيار ناهي.
اسرائيل دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جتي هر سال سڀ کان وڌيڪ سائنسي تحقيقي پيپر شايع ٿين ٿا ۽ آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ڏهه لک آهي صرف ان ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ سراسري يونيورسٽي گريجوئيٽ اسرائيل کان آهن. يهودين پاڻ کي معاشي طور تي ايتري قدر مضبوط ڪري ورتو آهي جو اڄ دنيا جي ٩٠ سيڪڙو معشيت کي ڪنٽرول ڪن ٿا. دنيا ۾ جتي به ڪو يهودي ٻار ڄمي ٿو اهو ازخود اسرائيل جو شهري بڻجي وڃي ٿو. ٻن شين يهودين کي حد کان وڌيڪ چالاڪ، محنتي ۽ وطن پرست بڻائي ڇڏيو آهي. پهرين جڏهن هٽلر جرمني سميت سموري يورپ کان يهودين کي چونڊي چونڊي ختم ٿي ڪيو ته انهن کي پنهنجي لاءِ زمين جي هڪ ٽڪري جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪو وچ اوڀر ۾ حاصل ڪيائون.
ٻيو جڏهن عربن گينگ اپ ٿي ڪري انهن تي حملو ڪيو ته انهن کي هڪ مضبوط معيشت ۽ دفاع جي ضرورت محسوس ٿي جيڪا هنن پوري ڪئي ۽ تاريخ به ان ڳالهه جي شاهد آهي ته جڏهن اسان مسلمان پاڻ ۾ زمين گول هجڻ يا سڌي سنئين هجڻ، چنڊ تي وڃڻ، ڪئميرا جي شرعي يا غير شرعي استعمال يا حلال ۽ حرام جهڙن مسئلن ۾ ڦاٿل هئاسين ته ان وقت تل ابيب ۽ حيفا ۾ جديد کان جديد ميزائيل ۽ راڪيٽن جا تجربا ڪيا ٿي ويا. ان وقت نيويارڪ، لنڊن، پيرس ۽ لاس اينجلس ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيون کوليون پئي ويون. اڄ اسرائيل جي پر ڪيپٽا انڪم (هڪ ماڻهو جي آمدني)، تعليم، صحت ۽ لائف اسٽائل ۾ دنيا ۾ سڀني کان اڳتي آهي. وچولي آباديءَ جي لحاظ کان اسرائيل وٽ وڌيڪ نوبيل پرائيز کٽڻ وارا سائنسدان آهن، جن فزڪس، ڪيميسٽري، ميڊيسن ۽ جديد سائنسي علمن ۾ تحقيقون ڪري اهي نوبيل پرائيز کٽيا آهن.
حقيقت پسند بڻجو ۽ اک ٻوٽ نه کيڏو:
نيٺ ڪيستائين اسان ماڻهو جابر بن حيان-البيروني ۽ ابن بطوطه جا ڪارناما ڏسي ڪري خوش ٿيندا رهنداسين؟ اسان وٽ به ته عبدالسلام آيو هو جنهن دنيا کي نظرياتي ڪم ڪري ڏيکاريو هو، پر اسان ان کي به ڪڍي ڇڏيو. فلسطين، اسرائيل جي زميني جهڳڙي کي اسان مذهبي رنگ ڏئي ڇڏيو، عربن امت جي نالي جو مصالحو وڪيو ۽ اسان اهو سمورو مصالحو خريد ڪري ورتو. انهن پنهنجي معيشت تيل کان وڌيڪ ٻين وسيلن تي تبديل ڪري بيهاري ڇڏي آهي ۽ اسان اتي جو اتي يعني شڪور جي دور ۾ بيٺا رهياسين. اصل ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا جي معيشت کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو ۽ دنيا ۾ بهترين دفاعي طاقت رکڻ وارو اسرائيل هينئر آمريڪا يا برطانيا جي به نٿو ٻڌي.
هن وقت فلسطين- اسرائيل جهڳڙي تي صرف ٻه حل ڏسجن ٿا:
پهرين ته اسرائيل جي شرطن تي ٻه رياستي حل ڪڍيو وڃي ته جيئن وڌيڪ مجبور فلسطيني عوام مرڻ کان بچي وڃي. ٻيو يا ته پوءِ پاڻ کي معاشي ۽ دفاعي طور تي ان قابل بڻايو وڃي جو اسرائيل اسان جي شرطن تي اسان سان ڳالهيون ڪري، پر ان قسم جي صورتحال ٻن ٽن سئو سالن ۾ به ممڪن نظر نٿي اچي، ڇو ته اسان جي وچ ۾ موجود امت جا ٺيڪيدار، دين فروش ملان ۽ انقلابي مجاهد اهو ٿيڻ نه ڏيندا، جيتوڻيڪ پهريون ذڪر عمل جي لائق آهي، جنهن سان اسرائيل جون جهڙپون هلن پيون اهي به ويچار ڪن ته ٧٥ اسلامي ملڪن هوندي ڪو به سندن جاني يا مالي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ پاڻ کي پنهنجن نسلن کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي لاءِ ئي ڪو عملي پروگرام ٿيار ڪن. هن وقت ته انهن ويچارن جو سڀ ڪجهه برباد ٿي رهيو آهي، اسرائيلين کي ڪهڙي پرواهه آهي اهي ته هر هنڌ محفوظ آهن. ٻيو ته مذهبي ٻنڌڻن مان خود کي آزاد ڪري وقت جو آواز ٻڌي هن مسئلي جو سياسي ۽ معاشي حل تلاش ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي طاقتور بڻائي مستقبل جي لاءِ تيار ڪن.