ڏاها چون ٿا ته سائين جي ايم سيد افق جو اهو اڀرندڙ سج آهي، جنهن جي روشني هر نئين ڏينهن سان گڏ وڌيڪ تيز ٿيندي وڃي ٿي ۽ غلاميءَ جي اونداهين کي للڪاريندي رهي ٿي. سائين جي ايم سيد ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي سماجي خدمتن ۾ سرگرم رهيو. سندس يقين “محنت براءِ محنت” ئي هوندو هو. 1919ع ۾ جڏهن سندس عمر 20 سال هئي تڏهن سندس محنت ۽ بيداريءَ سبب ڪراچي ضلعي جي لوڪل بورڊ جو نائب صدر چونڊيو ويو. ان دور ۾ لوڪل بورڊ جا ميمبر انگريز بيوروڪريٽ ٿيندا هئا. جن جو نائب صدر به هڪ لحاظ کان انهن جو ئي ملازم ليکيو ويندو هو، جيڪو انهن جي ئي زبان ڳالهائيندو هو، پر حيرت انگيز ڳالهه آهي ته ان وقت به سائين جي ايم سيد ننڍي کنڊ جي انگريز آقائن خلاف پنهنجي سرگرمين، تحريرن ۽ تقريرن ۾ سرگرمِ عمل رهيو. نه رڳو ايترو، پر ڀارت سڀا جي پليٽ فارم تان خالق ڏنو هال ۽ ٻين اجتماعن ۽ اجلاسن ۾ انهن خلاف سندس ڪيل تقريرون قوم کي اتساهه ڏينديون رهن ٿيون. 27 اپريل 1921ع تي سن ريلوي اسٽيشن (دادو) تي سائين جي ايم سيد جي پهرين ملاقات مهاتما گانڌي سان ٿي. جڏهن ته 19 مئي 1921ع تي جڏهن سندس ٻي ملاقات گانڌي سان ٿي ته انهن جي سادگي ۽ فڪر انگيز شخصيت مان بيحد متاثر ٿي جي ايم سيد به انگريزن جي ڪارخانن ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙن پائڻ بجاءِ گانڌيءَ وانگر پنهنجي ديس ۾ ٺهندڙ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا. اهڙي طرح آهستي آهستي جي ايم سيد پنهنجون سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرميون وڌائيندو رهيو. مطلب ته ورهاڱي کان اڳ پاڻ پنهنجي اڻ ٿڪ ڪوششن سان سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ ۽ وستين ۾ مسلم ليگ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1937ع جي چونڊن ۾ پاڻ پنهنجي سياسي مخالف ميان ولي محمد شاهه (درگاهه قلندر شهباز جي گادي نشين) جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. 1940ع ۾ کيس صوبائي مسلم ليگ جو نائب صدر ۽ صوبائي اسيمبلي ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1941ع ۾ پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا ميمبر ٿيا. 1946ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ جو اميدوار قاضي اڪبر کانئس کٽي ويو، جنهن ۾ بدعنواني هئڻ جي انديشي تحت جي ايم سيد سندس خلاف عدالت ۾ اليڪشن پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن جي ڪارروائي بعد ٿيل فيصلي ۾ جي ايم سيد کي به اسيمبلي جو ميمبر قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته ورهاڱي کان اڳ سائين جي ايم سيد ممبئي صوبي جا وزير تعليم پڻ رهيا.