بلاگنئون

سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فهم کي سمجهڻ جي ضرورت

اڳجاڏاها چون ٿا ته سائين جي ايم سيد افق جو اهو اڀرندڙ سج آهي، جنهن جي روشني هر نئين ڏينهن سان گڏ وڌيڪ تيز ٿيندي وڃي ٿي ۽  غلاميءَ جي اونداهين کي للڪاريندي رهي ٿي. سائين جي ايم سيد ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي سماجي خدمتن ۾ سرگرم رهيو. سندس يقين “محنت براءِ محنت” ئي هوندو هو. 1919ع ۾ جڏهن سندس عمر 20 سال هئي تڏهن سندس محنت ۽ بيداريءَ سبب ڪراچي ضلعي جي لوڪل بورڊ جو نائب صدر چونڊيو ويو. ان دور ۾ لوڪل بورڊ جا ميمبر انگريز بيوروڪريٽ ٿيندا هئا. جن جو نائب صدر به هڪ لحاظ کان انهن جو ئي ملازم ليکيو ويندو هو، جيڪو انهن جي ئي زبان ڳالهائيندو هو، پر حيرت انگيز ڳالهه آهي ته ان وقت به سائين جي ايم سيد ننڍي کنڊ جي انگريز آقائن خلاف پنهنجي سرگرمين، تحريرن ۽ تقريرن ۾ سرگرمِ عمل رهيو. نه رڳو ايترو، پر ڀارت سڀا جي پليٽ فارم تان خالق ڏنو هال ۽ ٻين اجتماعن ۽ اجلاسن ۾ انهن خلاف سندس ڪيل تقريرون قوم کي اتساهه ڏينديون رهن ٿيون. 27 اپريل 1921ع تي سن ريلوي اسٽيشن (دادو) تي سائين جي ايم سيد جي پهرين ملاقات مهاتما گانڌي سان ٿي. جڏهن ته 19 مئي 1921ع تي جڏهن سندس ٻي ملاقات گانڌي سان ٿي ته انهن جي سادگي ۽ فڪر انگيز شخصيت مان بيحد متاثر ٿي جي ايم سيد به انگريزن جي ڪارخانن ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙن پائڻ بجاءِ گانڌيءَ وانگر پنهنجي ديس ۾ ٺهندڙ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا. اهڙي طرح آهستي آهستي جي ايم سيد پنهنجون سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرميون  وڌائيندو رهيو. مطلب ته ورهاڱي کان اڳ پاڻ پنهنجي اڻ ٿڪ ڪوششن سان سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ ۽ وستين ۾ مسلم ليگ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1937ع جي چونڊن ۾ پاڻ پنهنجي سياسي مخالف ميان ولي محمد شاهه (درگاهه قلندر شهباز جي گادي نشين) جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. 1940ع ۾ کيس صوبائي مسلم ليگ جو نائب صدر ۽ صوبائي اسيمبلي ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1941ع ۾ پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا ميمبر ٿيا. 1946ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ جو اميدوار قاضي اڪبر کانئس کٽي ويو، جنهن ۾ بدعنواني هئڻ جي انديشي تحت جي ايم سيد سندس خلاف عدالت ۾ اليڪشن پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن جي ڪارروائي بعد ٿيل فيصلي ۾ جي ايم سيد کي به اسيمبلي جو ميمبر قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته ورهاڱي کان اڳ سائين جي ايم سيد ممبئي صوبي جا وزير تعليم پڻ رهيا.

قائدِ اعظم محمد علي جناح سان مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي سندن اختلاف به رهيا. مسٽر جناح ڪافي ڪوششون ڪيون ته سيد کي راضي ڪيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ سوين بيٺڪون به ٿيون، پر جيئن ته سياست ۽ اصول پرستي جو اختلاف هو ان لاءِ نباهه نه ٿي سگهيو. ان مقصد لاءِ مسٽر جناح چوڌري خليق الزمان، نواب اسماعيل ۽ قاضي محمد عيسيٰ وغيره کي به سنڌ موڪليو ته سيد کي راضي ڪيو وڃي. هتي اچي انهن سيد جي ڪٽر مخالف غلام حسين هدايت الله کي به ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته سائين جي ايم سيد جي گروپ کي سنڌ ۾ اڌ وزارتون ڏنيون وڃن، پر سيد پوءِ به راضي نه ٿيو، ڇوته هو پنهنجي اصولن تي سوديبازي جو قائل نه هو. جڏهن مسلم ليگي قيادت ڏٺو ته اهي ڪنهن به طرح سيد کي خريد ڪري نٿا سگهن ته انهن 4 جنوري 1946ع ۾ سندس مسلم ليگ جي ميمبرشپ منسوخ ڪري ڇڏي. مسلم ليگ مان الڳ ٿيڻ کانپوءِ 13 مئي 1948ع تي سائين جي ايم سيد، خان عبدالغفار خان سان گڏجي “پيپلزپارٽي آف پاڪستان” جو بنياد وڌو جنهن جو صدر خان صاحب ۽ سيڪريٽري سيد پاڻ هو. انهيءَ سال جي ايم سيد ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري وفاقي گاديءَ جو هنڌ بنائڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تي سائين جي ايم سيد ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي فيصلي تي سنڌ جي وحدت تي حملو قرار ڏنو هو، ان خلاف تمام سخت ۽ منظم سياسي تحريڪ هلائي هئي. جنهن کي “ڪراچي بچايو تحريڪ” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جنهن ڪري کيس گرفتار ڪري نظربند ڪيو ويو. ان کانپوءِ هر دور ۾ رياستي ادارا سائين جي ايم سيد تي مسلم دشمني ۽ پاڪستان دشمنيءَ جا الزام مڙهيندا رهيا. توڙي جو پنهنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ هو نه رڳو تحريڪ پاڪستان جو حامي هو، بلڪه انهن ماڻهن منجهان ئي هو، جن ورهاڱي کان چار سال اڳ آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجتماع ۾ ڪميٽي چيئرمين جي حيثيت سان ڊسمبر 1943ع ۾ انڊيا جي اقليتي صوبن جي مسلمانن کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني هئي. ان اجتماع ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح پڻ موجود هو. اهو سائين جي ايم سيد ئي هو، جنهن هڪ دفعي سنڌ اسيمبلي ۾ هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ پاڪستان جي پهرين قرارداد سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مسلم ليگ جي قيادت کان سائين جي ايم سيد کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ تي هن قيادت جي سخت مخالفت ڪئي. سائين جي ايم سيد سڄي ڄمار انهن سياستدانن جو ساٿ ڏنو جن پاڪستان ۽ اسلام جي نالي تي پنهنجي چهري مٿان ڏيکاءُ واري ڪوڙي همدردي جا ماسڪ چاڙهي رکيا هئا، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جڏهن هن ڏٺو ته ايوانِ اقتدار ۾ اچي اُهي ماڻهو سندس قوم سان سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ ناانصافي ڪري رهيا آهن يا کين برابري جي بنياد تي حق نه ملي رهيا آهن ته پوءِ جي ايم سيد پنهنجي زندگي کي هڪ غيرتمند انسان جيان پنهنجي قوم کي سياسي شعور ۽ سماجي استحڪام ڏيڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ قومي مفادن جي تحفظ جو سندرو ٻڌي ميدان ۾ ڪاهي پيو. ان پنهنجي قوم سان لازوال محبتن جي قيمت به کيس تمام ڳري ادا ڪرڻي پئي، ڇو ته ملڪ جي نام نهاد جمهوريت پسند حڪمرانن کيس ڪڏهن به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ۽ سڄي زندگي خوف، پريشاني ۽ انديشن ۾ گذارڻ تي مجبور ڪري کيس، گهر ۾ نظر بند رکيو. جڏهن ته سائين جي ايم سيد پاڪستان جو اهو واحد سياسي رهنما هو جنهن جي ڏاهپ ۽ دور انديشي کان ننڍي کنڊ جا حامي توڙي مخالف سياستدان نه رڳو متاثر هئا، بلڪه ان جي ارڏائپ ۽ سچائين کان خوفزده پڻ رهندا هئا. اهوئي سبب آهي جو سيد مٿان هر دور ۾ بغاوتن جا ڪوڙا ڪيس ٺاهي کيس گرفتار ڪندا رهيا. سندن گرفتارين جو سلسلو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سندن وفات تائين جاري رهيو. اڄ به سندس فڪر ۽ فهم تي عمل ڪندڙ باشعور ماڻهن کي باغي هجڻ جو لقب ڏئي عتاب هيٺ رکيو وڃي ٿو. ان جي سالگره يا ورسيءَ جي موقعي تي ماڻهن جي رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي، آخر ملڪ جي حاڪمن کي سندس وڃڻ کانپوءِ به خطرو ڇو ٿو محسوس ٿئي. لڳي ٿو ته سندس فڪر جي قومي سچائي جيڪا سندس فڪر جي وڏي خوبي آهي اها انهن حاڪمن لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب آهي، جيڪا ستل قوم کي جاڳائڻ تي مجبور ٿي ڪري. سندس ڇڏيل علمي خزانو قومي تحريڪن جي رهنمائي ۽ رهبري ڪري رهيو آهي. سائين جي ايم سيد اڄ به نه صرف سنڌين، پر خطي جي ٻين قومن لاءِ پڻ نھايت احترام وارو اڳواڻ آھي. ڇو ته سائين پنھنجي علم، عقل، تدبر ۽ سياسي بصيرت سان سنڌي قوم ۽ قومپرستيءَ کي ھِڪ واضح رُخ ڏنو. اُن ۾ ڪو شڪ ناھي ته سنڌي قوم ۾ موجوده قومپرستي جو اُڀار ۽ آزاديءَ جي جذبي سان سرشار ٿيڻ سائين جي تعليم جي بدولت آھي. اھو ئي سبب آھي جو سائين سنڌين جو ھِڪ غير متنازع رھبر آھي. سائين جي ايم سيد جھڙي مدبر رھنما جي تعليم، فڪر ۽ نظريو اسان لاءِ مشعل راھ آھي. ڇو ته سائين جي ايم سيد سنڌي قوم پرستيءَ کي جديد معيار فراهم ڪيا آهن. اڄ  ان تي عمل ڪري سنڌي قوم پنهنجي حقن کي  حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي.