آمريڪا، ايران سان جنگ ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي تيار ٿي بيٺو آهي. اخباري خبرن، تجزين، تبصرن ۽ سوشل ميڊيا تي نظر وجهڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته جنگ ٿيڻ واري آهي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا ڄڻ وڙهڻ لاءِ سائي جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل دنيا جي گولي تي ٻه اهڙا ملڪ آهن، جن نه رڳو امت مسلمه کي، پر سڄي دنيا کي تپائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن افغانستان ۽ پاڪستان کي پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي ٿو ته ڪڏهن پاڪستان ۽ انڊيا کي پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي ٿو. سوڊان جيڪو سون جي دولت سان مالامال آهي. اتان جي سون حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا، سوڊاني فوج کي پاڻ ۾ ويڙهائي، خونريزي ڪرائي اتان جي عوام جو قتل عام ڪرائي پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيو آهي ۽ آر ايس ايف سوڊان جي فوجي گروپ کي يو اي اِي جي حمايت حاصل هئڻ ڪري، اهو گروپ سوڊاني عوام کي جيئري دفن ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪا جا هٿيار لهرائي پنهنجي ئي قوم ۽ مسلمان ڀائرن جا قاتل دشمن ٿي بيٺا آهن. يو اي اِي وري سندن پٺي ٺپري رهيو آهي. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سوڊان ۾ 1955ع کان هلندڙ جنگين سبب هيستائين لکين بي گناهه سوڊاني عوام مارجي چڪو آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جنهن ملڪ جي مٽيءَ ۾ سون لڪيل هجي ان ملڪ جو عوام ويلا ڪٽڻ تي مجبور آهي ۽ رهڻ لاءِ وٽن گهر ڪونهي ۽ سوڊاني ماڻهن جي حالت رحم جوڳي نظر اچي رهي آهي. ان کانسواءِ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران فلسطين تي قبضو ڪرڻ ۽ حماس جو خاتمو ڪري پنهنجي من پسند حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ هڪ رپورٽ مطابق فلسطين (غزه) ۾ ٻن سالن جي هلندڙ جنگ دوران پنجن لکن کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون شهيد ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ وڏو تعداد معصوم ٻارن جو ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ته بي بي سي رپورٽ مطابق 90 سيڪڙو گهر ۽ عمارتون گڏوگڏ باغ ۽ باغيچا به تباهه ٿي چڪا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن گهرن جي بحالي تي تقريبن 70 ارب ڊالر خرچ اچي سگهي ٿو. کاڌ خوراڪ، ڪپڙي لٽي جي شديد کوٽ تنهن کانسواءِ آهي. سخت سرديءَ سبب ماڻهو بنا گهر ۽ ڪپڙن جي فلسطيني مرد، عورتون ۽ معصوم ٻار کلئي آسمان هيٺان بي يارو مدد گار ويٺا آهن ۽ سندن ڪير به مدد ڪرڻ وارو ڪونهي. سڄي دنيا هن وقت آمريڪا کان خوفزده آهي ۽ آمريڪا، اسرائيل کي جيئن وڻي تيئن ڪري جي موڪل ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر اسرار احمد جو چوڻ آهي ته سڀ مسلمان حڪمران چپ ٿي ويندا ۽ آمريڪا کي ڪجهه ڪونه ڪندا. هڪ ملڪ ايران جنهن کي اسان جا مسلمان ڪافر چون ٿا ان وٽ ئي ايمان جي قوت هوندي ۽ آمريڪا جو مقابلو ڪندو. اوهان کي ياد هوندو ته غزه ۾ هلندڙ جنگ دوران اسرائيل، ايران کي جهڪائڻ لاءِ حملو ڪيو ۽ جواب ۾ ايران به اسرائيل تي حملو ڪيو. ان دوران آمريڪا به اسرائيل جي حمايت ڪندي ساڻس گڏجي ايران سان جنگ ڪئي، مگر اهل بيت کي مڃڻ واري ايران، سپر پاور سڏائيندڙ آمريڪا اڳيان هٿيار ڦٽا نه ڪيا ۽ نيٺ آمريڪا ڏهن ڏينهن تائين هلندڙ جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اها ڳالهه هاڻ واضح ٿي چڪي آهي ته ايران مُئي مارائي کانسواءِ آمريڪا اڳيان نه جهڪندو. اهوئي سبب آهي ته آمريڪا ماضيءَ ۾ به ايران کي جهڪائڻ ۽ پنهنجي پسند جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ايران تي اقتصادي پابندين سميت جنگ به مڙهي چڪو آهي. ان وچ ۾ ايران جو ڪافي جاني مالي نقصان به ٿي چڪو آهي، پر ايران آمريڪا جي ڪاڻ نٿو ڪڍي ۽ آمريڪا ايران تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو اچي. ملڪي توڙي غير ملڪي تبصرن ۽ تجزين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ايران ۾ رجيم چينج چاهي ٿو ۽ آيت الله علي خامنائي جو تختو اونڌو ڪري ايران جي حڪومت رضا شاهه پهلوي جي حوالي ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي. ان حوالي سان تازو ايران ۾ مهانگائي جو جواز ڄاڻائي جيڪو حقيقت به آهي، احتجاج ڪري مظاهرين مقدس جاين سميت ڪيئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي باهيون ڏنيون، وڏو جاني مالي نقصان ڪيو، جن کي به ايراني حڪومت چيڀاٽي ڇڏيو ۽ موساد سان تعلق رکندڙ 600 ماڻهن کي گرفتار ڪري ڪيترن کي ڦاهيون ڏئي ڇڏيون. ان دوران رضا شاهه پهلوي اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو سان ملاقات به ڪئي. ان حوالي سان ايران الزام هڻندي چيو آهي ته انهن ڪارروائين ۾ آمريڪا جو هٿ آهي. جڏهن ته نظر اچي رهيو آهي ته حالات جنگ جي طرف وڌي رهيا آهن ۽ آمريڪا پنهنجي شهرين کي ايران ڇڏڻ جو چئي ڇڏيو آهي ۽ ٽرمپ ايران ۾ مظاهرين جي کلي حمايت ڪندي کين مظاهرا جاري رکڻ ۽ سرڪاري ادارن تي قبضو ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. ان ڏس ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي ميڊيا مطابق آمريڪا طرفان ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ ايران تي حملو ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي آمريڪي صدر ٽرمپ کي فرعون سان ڀيٽيندي چيو آهي ته غرور ۾ ٻڏل هڪ شخص پوري دنيا جا فيصلا ڪري رهيو آهي. سندس حشر به فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه جهڙو ٿيندو. ايران خبردار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا طرفان حملو ٿيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويندو. ان کانسواءِ اسان ايٽمي حملو به ڪري سگهون ٿا. هوڏانهن اوهان ڏٺو ته ايراني عوام لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي ايران جي حڪومت جي حق ۾ روڊن تي نڪري آيو ۽ آمريڪا کي للڪاريو. ايران جي تازه ترين صورتحال تي ڪافي ملڪن کي ڳڻتي آهي، جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا جي جنگ لڳي ته ان جا سڌا سنوان اثر پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي به پئجي سگهن ٿا.