پاڪستان پنهنجو علائقو دهشتگردن هٿان هارائي سگهي ٿو: آمريڪا
واشنگٽن نرم لهجي کان اڳتي وڌي آمريڪا پاڪستان کي هڪ تمام سخت هدايت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي حقاني گروپ ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن سان اڃان وڌيڪ سختي ڪرڻي پوندي نه ته پاڪستان جو چڱو خاصو علائقو سندس هٿن مان نڪري دهشت گردن جي ور چڙهي سگهي ٿو.
آمريڪي اسٽيٽ سيڪريٽري ريڪس ٽلرسن هن هفتي جي شروعات ۾ واشنگٽن ۾ ٿنڪ ٽينڪس سان ميٽنگ ۾ اها صلاح ڏني ته جيڪي دهشتگرد هيستائين ڪابل کي نشانو بڻائي رهيا هئا، هڪ ڏينهن اهو فيصلو ڪن ته اسلام آباد کي نشانو بنائڻ وڌيڪ آسان آهي.
ان نشانندهيءَ کانپوءِ پينٽاگون طرفان هڪ بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ افغانستان لاءِ آمريڪا جي نئين حڪمت عملي ٻڌائي وئي ته افغان ويڙه هاڻي افغان نيشنل سيڪيورٽي فورسز جي حق ۾ هلي وئي آهي. ۽ دهشتگرد پٺتي هئڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، اها تبديلي آمريڪا جي ان فيصلي ڪري آئي آهي جنهن ۾ اهو چيو ويو آهي ته آمريڪا افغانستان جي بحاليءَ ۽ امن تائين اتي ئي رهندو.اهي ٻئي بيان ٽرمپ انتظاميا طرفان پاڪستان حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڏنا ويا آهن ته جيئن پاڪستان کي دهشتگردن لاءِ سيف هيونز کي ختم ڪرائڻ لاءِ اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي آمريڪا مطابق افغان دهشتگرد فاٽا ۾ اچي لڪن ٿا. پاڪستان اهڙي الزامن کي رد ڪيو آهي.
هڪ تقريب ميٽنگ د فارين پاليسي چيلينجز آف 2017 اينڊ بيانڊ جيڪا ائٽلانٽڪ ڪوريا فائونڊيشن فورم ڪوٺرائي، تي ڳالهائيندي سيڪريٽري ٽڪرسن چيو ته، پاڪستان کي حقاني گروپ سان پنهنجا لاڳاپا نئين سري کان ڏسڻ گهرجن. مان ان ڳاله کي سمجهان ٿو ته پاڪستان جا ماضيءَ ۾ حقاني نيٽ ورڪ سان لاڳاپا سٺن سببن جي ڪري ٺهيا هئا پر هاڻي اهي محتاط ناهن ان ڪري پاڪستان کي سوچڻ گهرجي. اعليٰ آمريڪي سفارتڪار يقين ڏياريندي چيو ته واشنگٽڻ اسلام آباد سان گڏجي دهشتگرديءَ خلاف ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان کي دهشتگردي ءَ کان پاڪ ڏسڻ چاهي ٿو.
ڊان جي ٿورن سان.

