هن وقت سڄي دنيا ۾ صرف ايران جو بمبار حملو دهشتگرد اسرائيل تي زير بحث موضوع آهي. اسرائيل خليجي ملڪن ۾ امن امان لاءِ خطرو بڻيل آهي. ايران جي راڄڌاني تهران ۾ ايراني مهمان اسماعيل هانيه ۽ ڪيترن ئي ايراني ڪمانڊرن اسرائيل پنهنجي ميزائل حملن ۾ شهيد ڪري چڪو آهي ۽ فلسطين ۾ سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ بيچيني وارو ماحول بڻيل آهي. فلسطيني عوام توڙي امت مسلمه انهي ڳالھه تي پريشان آهي ته آخر هي مسئلو اڃان تائين ڪيترين زندگين کي موت جو کاڄ بڻائيندو رهندو ۽ هي خطو ڪيتري وقت تائين سندس طاقتور ملڪن جي خواهشن جو تابع رهندو. هن جنگ جي حقيقتن کان فلسطين اسرائيلي جنگي تاريخ ۽ ان جنگ ۾ اسان جي مسلم ملڪن جي ڪردار تي روشني وجهبي ته سڀ پهلو سامهون چٽا پٽا نظر ايندا. جيئن توهان جي نظر ۾ فلسطين جي مسئلي تي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڇا ٿيندو رهيو آهي. موجوده صورتحال کي سمجهڻ ۽ ان جو نتيجو ڪڍڻ ۾ به آساني ٿيندي. مسلمان ملڪن جا باشندا يعني امت مسلمه گذريل ٻن ٽن صدين کان خاص طور تي پنهنجي مظلوم فلسطينن تي ٿيندڙ ظلمن تي غم ۽ غصي جي عالم ۾ مبتلا آهن. دنيا جي ظالم حڪمرانن پنهنجي اقتدار ۽ طاقت جي نشي ۾ عام انسانن جو خون پاڻي وانگي وهايو آهي. متحد فوج يعني نيٽو فوج مسلمان ملڪن تي پنهنجا ناجائز قبضاگيري وارو ماحول جوڙي مظلوم فلسطينن تي اسرائيل جي روپ ۾ خونريزي ڪندا رهن ٿا. ڪنهن به غير مسلم طاقت کي ڪنهن به مسلمان ملڪ ۾ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ يا مسلمانن جو قتل عام ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي ها. جيڪڏھن امت مسلمه جي صفن ۾ اتحاد هجي ها، اسرائيل فلسطين سان جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ لک دفعا غور ويچار ڪري ها، سعودي عرب جي خاموشي ۽ ترڪي ۾ ڪمال اتاترڪ جو ظلم، مصر ۾ محمد مرسي جي حڪومت جو خاتمو ۽ اخوان المسلمين جي هزارين ڪارڪنن جو قتل عام، جمال عبدالناصر جو ظلم، ان دوران اسلام پسندن جو قتل، عراق، ايران جي بيڪار ۽ بي سود جنگ جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين جاري رهي. پاڪستان سميت امت مسلمه تي اهڙين بي سود جنگين جا امت مسلمه تي غير مستحڪم، منفي اثر رهيا ۽ ڪويت، شام ۾ حفيظ الاسد ۽ بشار الاسد جي طاقت جي لالچ ۾ شام کي جنگ جو ميدان بڻايو ويو. ايران ۾ انقلاب جي نالي تي قتل عام هڪ مخصوص طبقي جي تسلط جو نتيجو هو. هڪ طرف فلسطين جو مسئلو ۽ ٻئي طرف سعودي عرب جو اسرائيل سان نرم رويو، بدقسمتيءَ سان امت مسلمه لاءِ انتشار جي جيڪا غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي ان جو فائدو يقينن اسلام دشمنن کي ئي پهتو، اهو تاريخ جي اونداهي بابن منجهان هڪ باب آهي. اسلام جي شروعاتي تاريخ ۾ مسجد اقصيٰ مسلمانن جو پهريون قبلو هو ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم 17 يا 18 مهينن تائين بيت المقدس ڏانهن رخ ڪري نماز ادا ڪندا رهيا هئا، ان سان گڏ مسجد اقصيٰ اسلامي تاريخ ۾ 1200 سالن تائين مسلمانن وٽ رهيو، مسلمانن ان کي 15 هجري (636ع) ۾ فتح ڪيو هو ۽ ڪجھه عرصي کان پوءِ صليبي قبضي ۾ اچي ويو. 1099-492هه نوي سالن تائين مسلمانن جي هٿن مان نڪري ويو، عظيم مسلمان جنرل سلطان صلاح الدين ايوبي يهودين سان جنگ ڪري سن 1187هه (583هه) ۾ هڪ دفعو ٻيهر بيت المقدس فتح ڪيو. 1948هه ۾ ٻيهر مسلمانن جي هٿن مان قبلا اول صليبي قوتن جي قبضي هيٺ اچي ويو. سلطنت عثمانيه جو خاتمو دراصل اسرائيل لاءِ تمام گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، جيئن سلطان عماد الدين زنگي (1170ع) نورالدين زنگي (1174ع) ۽ سلطان صلاح الدين ايوبي (1193ع) مصر جي فاطمي حڪومت جيڪا صليبي جنگين تمام گهڻيون فتحياب حاصل ڪيون. جهڙي طرح برصغير ۾ ايران جي صفوي حڪومت، سلطنت عثمانيه لاءِ پريشاني جو ڪارڻ رهي، جيڪا اتحاد ۽ وحدت جي علامت بڻيل هئي. بلڪه اسلامي دنيا جي حڪومت عثمانيه سان باقاعده جنگ شروع ڪئي ۽ دشمن ان موقعي جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ نيپولين 1798ع ۾ مصر تي حملو ڪيو، فرانس 1830ع ۾ الجزائر تي قبضو ڪيو، انگلينڊ 1838ع ۾ عدن تي قبضو ڪيو، فرانس 1881ع ۾ تيونس تي قبضو ڪيو. 1882ع ۾ مصر تي قبضو ڪيو، اٽلي 1911ع ۾ لبيا تي قبضو ڪيو، فرانس 1911ع ۾ مراکش تي قبضو ڪيو، حقيقت ۾ 1917ع ۾ انگلنڊ عراق تي قبضو ڪيو. جيڪو انگريزن جي غداري جو نتيجو هو. اهڙي طرح سلطنت عثمانيه کي سازش تحت ڪمزور ڪرڻ کان پوءِ ان کي ختم ڪري پوري اسلامي دنيا کي ورهائي 1922ع ۾ هن خطي جو تقريبن مڪمل ڪنٽرول برطانيه جي حوالي ڪيو ويو. 1922ع ۾ گڏيل قومن ان ڪنٽرول کي باضابطه طور تسليم ڪيو. ساڳئي سال هڪ بنيادي يهودي کي فلسطين ۾ برطانيه جو پهريون نمائندو مقرر ڪيو ويو. 1948ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطين کي عربن ۽ يهودين ۾ ورهائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري اسرائيل جهڙي غيرقانوني رياست قائم ڪري عرب آبادي جي سيني تي اسرائيل جي روپ ۾ خنجر رکيو ويو. برطانيه جي دور ۾ 1918ع کان 1948ع تائين يهودين کي جبري طور برطانيه جي ڇانوَ هيٺ آباد ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جيڪو 1948ع تائين ڇھه لک اٺاويهه هزارن تائين پهچي چڪي هو. هن عمل ۾ برطانيه زبردستي غير ملڪي فلسطيني هارين، انهن جي غصب ڪيل زمينون ۽ اسلامي ثقافت جي سرزمين جيڪا صدين کان اسلامي مقصدن لاءِ وقف ٿيل هئي، يهودين کي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو هيون، اهڙيءَ طرح برطانيه جي اثر هيٺ 292 اسرائيلي ڪالونيون قائم ٿي چڪيون هيون، پر اسرائيل جي باضابطه اعلان کان اڳ 70 هزار فوجي ويڙهاڪن جي فوج به تيار ڪئي وئي هئي، يعني 1948ع ۾ اٽڪل 400 مسلمانن جي آبادين کي ڊاهي پٽ ڪري، اٽڪل 25 هزار فلسطينين کي قتل ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح 14 مئي 1948ع جي هڪ افسوسناڪ شام تي يهودين سرڪاري طور تي اسرائيل جو اعلان ڪيو ويو ۽ 1967ع تائين اسرائيل يروشلم تي مڪمل قبضو ڪري ورتو هو. اهڙيءَ طرح اٽڪل 56 لک فلسطيني پنهنجن گهرن کان محروم ٿي ويا هئا. پناهگيرن ۽ مهاجرن وانگر زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا. امت مسلمه جي اتحاد نه هجڻ جي ڪري هينئر تائين فلسطيني، لبناني، شام، غزا بيروت، عراقي، اردن، ليبيا ۽ ڪشميري، هندوستان، اسرائيل ۽ انگريزن ملڪن جي ظلم ۽ وحشت جو نشانو بڻجندا رهيا آهن.