خاصنئون

سنڌ پوليس جا آفيسر فنڊن ۾ هيرا ڦيري ڪندا آهن: آءِ. جي

سنڌ جي آءِ. جي ڪليم امام جي صدارت هيٺ پوليس جي اعليٰ آفيسرن جو اجلاس ٿيو اجلاس جي صدارت ڪندي آءِ. جي سنڌ ڪليم امام چيو ته جڏهن عهدو سنڀاليم ته اڳوڻو آءِ جي وڃي چڪو هو ۽ منهنجي آڏو گهڻا ئي چئلينج هئا. تنهن هوندي به هڪ سٺي حڪمت عملي سان هلياسين ۽ ڪراچي سميت سنڌ ۾ ٿيڻ واري دهشتگردي جي واقعن کي ڪافي حد تائين ختم ڪري ڇڏيوسين. اجلاس سان خطاب دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو ته پوليس آفيسر پوسٽنگ کانپوءِ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيندا آهن. ان کان علاوه اعليٰ عهدن تي مقرر آفيسر فنڊن ۾ هيرا ڦيري به ڪندا آهن. ڪجهه آفيسرن کي ڪم جو چئو ته اهي صرف ٽائيم پاس ڪندا آهن.