پاڪستانخاصدنيانئوننيو‍‍ز

 برطانيه ۽ يورپي يونين ۾ بريگزٽ معاملي تي اتفاق ٿي ويو

برطانيه جي وزيراعظم ۽ يورپي يونين وچ ۾ بريگزٽ معاملي تي اتفاق ٿي ويو آهي. برطانيه جي وزيراعظم بورس جانسن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ اهڙي ڊيل آهي جنهن سان سڄو ڪنٽرول برطانيه وٽ اچي ويندو ۽ نئون بريگزٽ معاهدو ڇنڇر تي منظور ڪرايو ويندو. يورپي ڪميشن جي صدر جين ڪلاڊ جنڪر اعلان ڪيو آهي ته برطانيه ۽ يورپي يونين وچ ۾ ڊيل ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي يورپي يونين ۽ برطانيه وچ ۾ شفاف ۽ متوازي معاهدو آهي جيڪو مسئلي جو حل تلاش ڪرڻ لاءِ اسان جي عزم جو ثبوت آهي.