پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

 حيدرآباد ۾ ڊينگي جا 298 ڪيس ظاهر

گذريل ٻن مهينن ۾ 3251 ڊينگي جي خدشي سبب ٽيسٽ ورتل مريضن مان 298 ڄڻن مان ڊينگي جا مريض ظاهر ٿيا آهن. لمس جي ڊائگنوسٽڪ ريسرچ ليبارٽري جي انچارج ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ چيو آهي ته ايندڙ هڪ مهيني تائين ڊينگي جا وڌيڪ مريض ظاهر ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته هي موسم ڊينگي جي مڇرن جي واڌ ويجهه لاءِ تمام اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل مهيني جي برسات ۾ بيٺل پاڻي سبب ڊينگي جي مڇرن جي تعداد ۾ اضافو اچي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ريسرچ ليبارٽري وٽ وڏي تعداد ۾ پليٽي ليٽس موجود آهن. جنهن جي قيمت پرائيويٽ ادارن ۾ 20000 رپيا آهي، جڏهن ته اسان وٽ ان جي قيمت 11 کان 12 هزار رپيا آهي.