پاڻي واري معاملي تي حڪومت پنهنجي نااهلي مڃي ورتي
وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي سيڪريٽري بريفنگ ۾ اعتراف ڪيو ته سنڌ جي ڪل آبادي مان 57 سيڪڙو آبادي کي واٽر سپلاءِ 60 سيڪڙو آبادي کي ڊرينيج جي سهولت حاصل نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج جي سهولت لاءِ 97 ارب جا 2225 منصوبا تيار ڪيا آهن، جن جي مڪمل ٿيڻ سان صاف پاڻي ۽ ڊرينيج جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. ڪالهه واري اجلاس ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي سيڪريٽري تميز الدين کيڙوچيو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي باقي ضلعن ۾ هڪ ڪروڙ 65 لک آبادي کي واٽر سپلاءِ ۽ هڪ ڪروڙ 25 لک کي ڊرينيج جي سهولت مليل آهي. ان کان علاوه سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اهڙيون سهولتون ڏيڻ لاءِ مختلف اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن جڏهن ته صاف پاڻي جي سهولت لاءِ آر او پلانٽ جي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته کاتي پاران 97 ارب رپين جي لاڳت جا ڊرينيج ۽ واٽر سپلاءِ جا 2225 نوان منصوبا تيار ڪيا ويا آهن. جنهن تي وڏي وزير هدايت ڪئي انهن منصوبن جي سمري فوري طور مون کي اماڻي وڃي ته جيئن منظور ڪري انهن منصوبن تي ڪم شروع ڪري سگهجي.

