اڄ اسان جي سماج ۾ هر ماڻهو پريشان نظر اچي ٿو ننڍي ٻار کان به جيڪڏهن زندگيءَ جي سڪون بابت سوال ڪجي ٿو ته هو مايوس ڪُن جواب ڏئي ٿو، جيڪڏهن نوجوان کان پڇجي يا ڪنهن بزرگ کان ته اهو به ٿڌو ساهه کڻي ڳوڙها ڳاڙي ويهي ٿو. ائين مرد توڙي عورت سک ۽ سڪون جي برباديءَ جون دانهون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ هزارين سبب بيان ڪن ٿا. هر انسان پنھنجي نفساني خواھشن ۾ غرق ھجڻ سبب مونجھاري جو شڪار آهي ۽ اهو مونجهارو معاشري کي بگاڙ طرف ڌڪي رهيو آهي. ڪجھه سالن کان اسان وٽ پريمي جوڙن جو رجحان وڌي رهيو آھي ۽ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙا چون ٿا اسان کي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ ڀيڻن ۽ مٽن مائٽن مان خطرو آهي. پيار گناھه ناهي پيار محبت هڪ پاڪ پاڪيزه جذبو آھي ۽ محبت اهو واحد رستو آھي جنهن سان هن ڌرتيءَ تي امن سان رهي سگهجي ٿو. پيار ۽ پريم صرف هڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ يا شاديءَ تائين محدود ناهي، پيار ۽ محبت جو پليٽ فارم يا دائرو تمام وسيع آهي، پيار پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪري امر بڻجي سگهجي ٿو، پيار پنهنجي ملڪ سان ڪري ان جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه پنهنجي شھر ۽ ڳوٺ سان پيار ڪيو، مذھب سان پيار ڪيو ۽ ماءُ پيءُ سان ته پيار ڄمڻ کان شروع ٿيندو آھي، جيڪو مرڻ گهڙي تائين رهندو آھي. جڏهن انسان سمجھ لائق ٿيندو آھي جنهن کي الهڙ جواني پڻ چيو ويندو آھي، جيڪو انسان لاءِ نهايت ئي نازڪ ۽ انتهائي حساس دور هوندو آھي ۽ اهو دور چوڏهن سالن کان ٽيهن سالن تائين جو هوندو آھي جنهن دور ۾ هو بگڙي ۽ سنورجي سگهي ٿو. جيڪڏهن اهو نفسياتي خواهشن کي ترڪ ڪري ويو ته هڪ ڪامل انسان بڻجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اهو بگڙي ويو ته پنهنجي منزل کان محروم ٿي ويندو ۽ سڄي مايوسين جي ڪُن ۾ ڀٽڪندو رهندو. ۽ پوءِ صرف معجزن ۽ ڪرامتن جي آسري ڪوڙن عاملن جي ور چڙھي پاڻ کي تباھ ۽ برباد ڪندو رهندو. ايتري تائين جو پنهنجي رشتيدارن ۽ پنهنجو پاڻ کان خفا ٿي زندگيءَ جو انت آڻڻ جا خيال ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳندا آهن. مطلب ته غلط صحبت کيس ناڪاميءَ طرف ڌڪيندي رهندي آهي. هو پنهنجي تعليم تي توجهه ڏيڻ بجاءِ وسوسن ۾ زندگي گذاريندو آهي. هو حقيقت ۾ ذهني مريض ٿي ويندو آهي ٻين جا بنگلا ۽ محل ڏسي اندر ۾ پيو سڙندو آهي. ٻين جون وڏيون گاڏيون ۽ دنياوي شيون ڏسي پاڻ کي ڪمتر سمجهڻ لڳندو آهي. مون کي هتي سچي سانئڻ بيبي فاطمه الزهريٰ سلام الله عليها جو هڪ قصو ياد ٿو اچي جنهن ۾ پاڻ پنهنجي ور حضرت علي ڪرم الله وجهه جن سان گفتگو ڪندي فرمائين ٿيون ته “اي علي مان پنھنجي معبود کان حيا ۽ شرم ٿي ڪيان جو آئون تو مٿان اھڙي ذميداري رکان، توکان اھڙي فرمائش ڪريان، جنھن ذميداري کي ادا ڪرڻ يا جنھن فرمائش کي پورو ڪرڻ اوھان لاءِ ڏکيو ۽ سخت ھجي.” امالي شيخ طوسي: ج 2، ص 228.