نئون

ڪيلاش قبيلي جي آبادي گهٽجڻ لڳي

پاڪستان ۾ منفرد ۽ قديم ثقافت رکندڙ ڪميونٽي ڪيلاش خاطمي ڏانهن وڌڻ لڳي آهي. جيڪو ڪم صديون نه ڪري سگهيون هاڻ اهو ڪم پست سوچ ڪري رهي آهي. هيومن رائيٽس جي نيشنل ڪميشن پاران رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي ته ڪيلاش ڪميونٽي جو تعداد هاڻي صرف 4000 تائين وڃي بچيو آهي، جنهن سبب زوري جون شاديون ۽ مذهب مٽائڻ ان جو ڪارڻ ٻڌايو پيو وڃي. ان کان علاوه اهو به رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيلاش جي ماڻهن کي اتان جي زمين جي مالڪي جو حق به کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن کان علاوه اتان جي ٻارن کي به انهن جي مذهب کان دور رکڻ لاءِ ڪتابن ۾ ملڪي  ثقافت جو مواد پڙهايو پيو وڃي. جنهن کي هيومن  رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين زوري سان مذهب مٽائڻ جو طريقو قرار ڏنو  آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيلاش جي ماڻهن صدين تائين پنهنجي زبان ذريعي پنهنجي ريتن رسمن ۽ ثقافت کي زنده رکيو آهي. هتان جي ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ سياحن جو به هٿ آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي اچڻ جي ڪارڻ هتي هوٽل تمام گهڻا ٿي ويا آهن جنهن ڪارڻ هتان جو ماحول بدلجڻ لڳو آهي. هن اهو به چيو ته سياحن پاران هتان جي ٻارن ۽ عورتن کي حراسان به ڪيو ويندو آهي ڄڻ اهي شو لاءِ رکيل سامان هجن.  هتان جي علائقي ۾ وڻن جي واڍي سبب به ڪافي نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن کي به روڪڻ گهرجي ان سان گڏ ٻارن کي انهن جي ثقافت جي باري ۾ ڪتابن ۾ پڙهايو وڃي ۽ هتي ايندڙ سياحن جي تعداد کي به گهٽائڻ گهرجي ته جيئن هي ماڻهو پاڪستان جي ثقافتي حصي تان مٽجي نه وڃن.