جنھن وقت ماريه واش روم مان واپس اچي، سندس سامھون گذري ته ھن جي پيار جي ڇتي خواھش ٻيھر جاڳي پئي ھئي، ماريه جي آلن وارن ۽ ڀڳل بدن سندس جنسي خواھش کي جولان بخشيو ھو، ھوءَ آئيني سامھون بيٺي پنھنجا وار ھيئر ڊرائير تي سڪائي رھي ھئي ته، ھن خاموشيءَ سان قدم کڻي وڃي کيس ڀاڪر پاتو… ڀاڪر جي انھيءَ گونچ کي مڪمل ول ٿيڻ ۾ دير نه لڳي ھئي. ھن ماريه کي مدھوش ڪري، انھيءَ ول ۾ وڪوڙي ڇڏيو ھو، ھوءَ مدھوشيءَ جي عالم ۾ کيس وڏ ڦڙي مينھن جھڙي موٽ ڏئي رھي ھئي. ان ڏينھن منجهس زندگيءَ جي ابتدائي ڏينھن جي وحشت موٽي آئي ھئي، ھن ماريه کي ماري رکيو ھو، ھوءَ حيران ٿي رھي ھئي ته، کيس اھو دورو ٻيھر پئجي رھيو آھي!
ھو منيزه جي ماريه سان مشابھت ڪري رھيو ھو، سندس ھر عضوي کي منيزه جي جسم جي عضوي سان ڀيٽي رھيو ھو، سندس ڊگها وار، ڀرون… چپ، ۽ کاڏي… جنھن وقت ھن سندس ڪلھن کي ڀيٽي، ڇاتين کي ڀيٽيو ته، سندس جنسي ڊوڙ ۾ ھڪ پل لاءِ ماٺار آئي، ھو رڪجي ويو ھو، ماريه ڏانھس مسڪرائي ڏٺو… ان مسڪراھٽ کيس پنھنجي زندگيءَ جي دلڪش دنيا ۾ واپس آندو.
ھن سوچيو ھو: کيس ماريه جھڙي عورت جي ڇاتي وڌيڪ راحت ڏيندي رھي آھي! ان گهڙيءَ کيس عارفه جي ڇاتيءَ جي ياد ڪُنڊي ھڻي ورتي ھئي، عارفه سندس حواسن تي ڇائجڻ لڳي ھئي، کيس محسوس ٿيو ته، ھو ماريه جي جسم مان نه پر عارفه جي جسم مان لطف اندوز ٿي رھيو آھي!
ان لطف جي بي پناھه تسڪين سندس دماغ مفلوج ڪري ڇڏيو ھو ۽ ھو وڏي خوش اسلوبيءَ سان پنھنجي تصور ھٿان دوکو کائي رھيو ھو… ماريه جا وار ننڍا آھن، کيس ساڄي ببي جي ھيٺان تر آھي، ھن جهڪي کيس ان تي چمڻ چاھيو آھي… پر ٻي پل ھڪ حادثي جي انديشي کيس ان کان روڪي رکيو ھو.
کيس ياد آيو: ھن جڏھن عارفه جي اھڙي ئي تِر کي چمڻ چاھيو ھو ۽ وحشت ھيٺ کيس اتي چڪ ھنيو ھئائين ته، عارفه کيس لت ھنئي ھئي، ھو ان لت کي ڪڏھن به وساري ناھي سگهيو، ان صبح جو به کيس ان لت کان خوف ٿي رھيو ھو.
جلد ئي عبدالرحيمَ ان خوف مان نڪري ماريه ڏانھن موٽ کاڌي ھئي ۽ ساڻس بي رحم جنسي جنگ وڙھڻ لڳو ھو.
ھو پنھنجو پاڻ ماريه جي اکين کان بچائڻ لڳو ھو، پر جنھن پل سندس اکيون ماريه جي چھري تي پيون ته، ھن ڏٺو ماريه مسڪرائي رھي آھي… ان مسڪرائڻ ۾ اوپري ٽھڪ جو پڙاڏو ھو، جو ڪنھن تيزابي تير جيان سندس جگر جي آر پار ٿي ويو ھو ۽ ھو زخمي ٿي، ماريه جي مٿان ڪري پيو ھو، پراڻو زھريلو ٽھڪ سندس ذات جي وسعتن ۾ ڪنھن وبا جيان ڦھلجي ويو ھو.