انٽرويوخاصنئون

لنڊن کان ڀاوي رام جي ديوي ناگراڻيءَ سان گُفتگو

سوال-١: ديوي جي توھان جو سواگت آھي، توھان سان جڙي ڪري مون کي بيحد خوشي ٿي رھي آھي. اڄ توھان جو اسان سان جڙجڻ سچ ۾ اسان جي لاءِ وڏي نصيب جي ڳالھ آھي. ڇا توھان اسان جي شروتائن کي سنڌ جي ڌرتيءَ تي پنھنجي ننڍپڻ جي يادگيرين کان واقف ڪرائيندا۔ ھيءَ ڌرتي جيڪا اسان جي ابن جي آھي… ھندو سڀيتا جي شروعات ٿي…

جواب: ڀاوي جي، توھان کي ۽ سڄي دنيا ۾ بي. ايف ريڊيو لنڊن جي سڀني شروتائن کي منھنجو دلي نمسڪار. “هند سنڌ واسي” اڄ جي ھن منچ سان مون کي جوڙڻ لاءِ توھان جي شڪرگذار آهيان، جتي مان پنھنجي ڀاونائن، پنھنجي سنسڪرتي ۽ پنھنجي جيون جي فيصلي واري موڙ جي باري ۾ ھڪ سنڌي ھئڻ جي ناطي پنھنجي ڳالھ رکي سگھان ٿي. منھنجي ھڪ غزل جو ھيءُ شعر 1947 جي ڏکوئيندڙ ورھاڱي جي ياد جي سائي وانگر منھنجي دل ۾ وسيل منھنجي ويدنھ جو اظهارِ ٿو ڪري:

“اڄ ياد آيو آ وطن، اُن جي مٽي اُنجو چمن،

وسري نٿي خوشبو اها، ٿي ياد ۾ اِک آھي نم.

سيني ۾ سڏڪي ساھ ٿو، ڇيڙيل لڳي هر گھاو ٿو،

ھڪ آس آ وڇڙيا ملن، نڪري ڀلي پوءِ دم.”

ورھاڱي جون ھيءُ ڌنڌليون يادگيريون مون کي 1947 جي سال ۾ واپس وٺي ٿيون وڃن، جڏھن اسان شرڻارٿين جي روپ ۾ پنھنجي ماتر ڀوميءَ کان ڌار ٿيا هئاسين. مٿو ڍڪڻ لاءِ اسان وٽ ڪجھ به ڪونه هو. مان پنجن- ڇهن ورھين جي رھي ھوندس، پر ماضيءَ جي يادگيرين جو هِڪ وڏو آسمان منھنجي ورتمان تي حاوي رھيو. ڪٽنبن جا ڪٽنب، منھنجا ماءُ پيءُ، ٻه ڀائر ۽ مان ٻيهر ٿانئيڪا ٿيڻ لاءِ ڇاتيءَ کي ڦاڙيندڙ حالتن ۾ جيءُ بچائڻ جي جفاڪشي، ڏکين حالتن کي منھن ڏيڻ جي رستن تي هلي نڪتاسين، جيڪو انھن حالتن ۾ ڪنھن جي ھاءِ به سولو ڪونه هو.

ظاهري روپ ۾ مان اجمير کي پنھنجي پھرين پڙاءُ جي روپ ۾ ياد ڪندي آهيان. ڇو جو شروعات ۾ منھنجو مامو اسان کي اجهو ڏيڻ وارو هڪڙو ئي مددگار هو. ھُن جي سيڌي جي دڪان به ھئي. اهو اَسان جو پهريون ٺڪاڻو رھيو. منھنجو پيءُ ٽنڊي آدم جي نون مُکي پريوارن مان هِڪ هو، اِن ڪري مامي جي ڌنڌي کي اپنائڻ ھُن لاءِ سولو ڪونه هو. تڏھن به اُتي رهڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو چارو به ڪونه هو. سبب هو منھنجي ڀيڻ جو جنم.

مون کي ياد آھي 30 جنوري 1948 جنھن ڏينھن مهاتما گانڌيءَ کي گولي هنئي وئي ھئي، اُن ڏينھن منھنجي ڀيڻ جو جنم ٿيو هو. اُن کانپوءِ يڪدم منھنجي پيءُ آنڌر پرديش جي سڪندرآباد، جنھن کي هاڻي ڏکڻ ڀارت ۾ تيلنگانھ جي نالي سان سڏيو ويندو آھي، اُتي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

سوال-2: پنھنجي گُفتگوءَ ۾ توھان پنھنجي تعليم جو ماڌيم ھندي ۽ اَنگريزي ڄاڻايو آھي. پوءِ توھان سنڌي سکڻ ڪڏھن ۽ ڪٿي شروع ڪيو، ڇو جو مون ڏٺو آھي ته توھان جا ڪتاب ھندي ۽ انگريزيءَ کان سواءِ عربي سنڌيءَ ۾ به شايع ٿيا آھن.

جواب: ها، حقيقت ۾ ھيءُ هِڪ سفر هو، وڏو سفر. پنھنجي مادري ٻولي سنڌيءَ کانسواءِ ٻيون ڀاشائون سکڻ جو. ھيءَ پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ جدوجهد ھئي. ننڍپڻ مون کي ۽ منھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي پڻ اڻ واقف ڀاشائن جي لاءِ تيار ڪيو، ڇو جو اَسان جي تعليم شروعاتي اسڪول ۾ پنجين درجي تائين ھندي ماڌيم ۾ ۽ پوءِ ستين درجي کان وٺي اَنگريزيءَ ۾ شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌيءَ جي سڳنڌ جو ڪوبه ڇهاءُ ڪونه هو، سواءِ گھر ۾ ‘اَمان بابا’ سان ڳالھائڻ جي.

1961 ۾ جڏھن منھنجي شادي ممبئي ۾ وسيل ھڪ لاڙڪاڻي جي ڪٽنب ۾ ٿي، تڏھن مون کي سنڌي لپي، پڙھڻ ۽ لکڻ جي تنقيد جي ڄاڻ ٿي ڇو جو اُن وقت منھنجي نراڻ ماهم ڪنهن اسڪول ۾ ويندي ھئي. اھو خود کي پنھنجي مادري ٻوليءَ سان جوڙڻ لاءِ فيصلو ڪرڻ وارو موڙ هو. منھنجي وجود ۾ منھنجي سنڌ جي مٽي ۽ اُن ڀاشا جي خوشبو ڌڙڪنن ۾ ايترو اندر تائين گھر ٿيل ھئي جو مون اُن عُمر ۾ سنڌي پڙھڻ- لکڻ سکيو، جڏھن ماڻهو رٽائر ٿي ويندا آھن.

مون پنھنجي فراغت جو وقت پوري طرح سان لکڻ ۽ ڳائڻ جي جذبي ۾ گذاريو، جنهن مون کي سنڌي ساهتيه، پنھنجي پراچين سنسڪرتي، اسان جي صوفي سنتن ۽ سنڌ گھاٽي سڀيتا جي سچي ورثي جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ ۾ مدد ڪئي. منھنجي ڪتاب “جرني” جي ھڪ ننڍي ڪوتا، جنھن جو عنوان آھي ‘ميري دل ڪا سنگيت’، ان ۾ منھنجي سپنن جي ڌرتيءَ جي خدائي مهما جو درشن آھي:

منھنجي دل جو سنگيت

منھنجي ڌڻڪڻ ٻڌو

مان پنھنجي ڌرتيءَ جو ڳايل راڳ آهيان

جيڪو منھنجي اندر ۾ آهستي- آهستي لئه ۾ وڄي ٿو

جنھن جي لئه تال تي منھنجا ويچار

ھڪ سُر ۾ نچندا آھن

منھنجي دل جي ڌڻڪڻ جي ڌن ساڻ

اُهي منھنجي يادگيرين ۾ کشبوءَ وانگر نچندا آھن

اُهي ئي منھنجي ‌ويچارن کي رستو ڏيکاريندي

راڳ ساڻ ناچ ڪندي

منھنجي دل جي ڌڙڪڻن سان هِڪ ٿي ويندا آھن.

سوال-3: ورھاڱو هميشه اسان سڀني جي لاءِ دل کي ڏکائيندر گھڻيون ئي يادگيريون کڻي ايندو آھي… جون يادگيريون… وڇوڊ جون يادگيريون، ڇا توھان پنھنجي ڀارت مسافري، ڀارت ۾ شروعاتي ڏينھن، هِڪ سنڌي گھراڻو ڏڻ جي باري ۾ ڪجھ ذڪر ڪندا…

جواب: 1947 جي ورھاڱي وقت جي يادگيرين جي سوڙھي لنگھ مان گذرندي مون کي لڳي ٿو ته ھيءُ سنڌ جي ڌرتيءَ کان بي گھر مسافرن جي روپ ۾ پٽجي، ڇنجي، ڇڙوڇڙ ٿي ڀارت جي مٽيءَ ۾ وري ڦٽڻ جو هِڪ پورو چڪر آھي. اسان جي وڏيرن کي پاڻ کي وري کان ٿانئيڪو ڪرڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ جدوجهد ڪرڻي پئي، جنھن ۾ نئين جيون جي شروعات، پريوار هلائڻ لاءِ نئون ڌنڌو، حَق طلب ڪرڻ جي ڪارروائي، ٻارن جي تعليم ۽ اَنهن سڀني کانسواءِ ڪيترن ئي سرڪاري ڪاڳرن جي خانا پورتيءَ جو سلسلو…

سنڌ اجمير کان پنھنجي نئين هنڌ سڪندرآباد ۾ ٿانئيڪو ٿيڻ جو سفر سولو ڪونه هو، پر ناممڪن به ڪونه هو. ھتي منھنجو سمورو ڪٽنب اڃان به رھندو آھي. 1961 ۾ شاديءَ کانپوءِ مان پنھنجن ٽِن ٻارن ساڻ ممبئي ۾ رھيس. هاڻي ھتي سنيڪت راجيه آمريڪا ۾ اچي وسي آهيان. اِن ڪري مون کي لڳندو آھي ته پناھ جو دور جاري آھي. اسان نااميديءَ ۾ اُميد رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، جيئن مارٽن لوٿر ڪنگ جو چوڻ آھي، “اسان کي محدود نراسائيءَ کي قبول ڪرڻ گھرجي، پر اَپار اُميد جي آس ڪڏھن به نه ڇڏڻ گھرجي.”

مشهور سنڌي ليکڪ دادا هري دلگير به پنھنجي پياري مادري ڌرتيءَ جي باري ۾ پنھنجو قلم ھلائيندي پنھنجن جذباتن کي پيش ڪيو آھي:

“سنڌ منھنجي ماءُ،

مون کي ٿڃ ڌارايائين ۽ وڏو ڪيائين،

مان سنڌ جو سچو صدورو پُٽ آهيان

هرهڪ سنڌي منھنجو ڀاءُ آھي.”

زندگي فوٽوگرافيءَ وانگر آھي. اسان ترقي ڪرڻ لاءِ ناڪاري واپريون ٿا. صحيح ۾ جيون ۾ ڪو موڙ ڪونه آھي. ھيءُ سڌو سفر آھي، رستو اسان جي سامھون ئي آھي، جنھن تي ھلڻو آھي. مقرر ٿيل رستي کي ٺاهڻ ۽ بدلڻ جا اُپاءُ ته اسان وٽ ئي آھن، اُن جو نتيجو ڀوڳڻ لاءِ اسان ئي جوابدار آهيون.

سوال-4: توھان گھڻيئي ڪتاب لکيا آھن، اسان اھو ڄاڻڻ لاءِ گھڻو منتظر آهيون ته توھان سڀني کان پهرين لکڻ ڪڏھن شروع ڪيو… ڳالھ توھان کي پريرت ڪئي ۽ توھان سڀني کان پهرين ڇا لکيو؟ مهرباني ڪري پنھنجي ساهتيڪ سفر جي باري ۾ اسان کي ڄاڻايو. توھان جي پهرين رچنا ڇا ھئي ۽ ڪڏھن شايع ٿي ھئي؟

جواب: لکڻ جو منھنجو جذبو منھنجي دل جي گھرائين ۾ ڌڙڪندو رھيو آھي، جنھن ۾ منھنجي سنڌ جي آتما آھي، پاڻيءَ جي وھندڙ لھرن جي خدائي سنگيت ساڻ سنڌو ندي آھي. اُن سوچ جي وھڪري ۾ مون منجھ هِڪ جذبو ڊڪڻ لڳو ۽ مان جدا جدا ڀاشائون سکڻ جي خواهشمند ٿي ويس. منھنجي ڌرتيءَ جي ياد سنگيت بڻجي منھنجي ڪنن تائين پهچي گونجڻ لڳي. اُن مٽيءَ جي خوشبو يادگيرين جي جھولي ۾ جھولائڻ لڳي. ھيءُ جنون ھڪ سفر وانگر هو، جنھن مون کي اسان جي عالمي سنڌي اخبار ‘ھند واسي’ لاءِ پهريون دفعو سنڌي ڀاشا ۾ لکڻ لاءِ پريرت ڪيو.

لکڻ جي شروعات مان ھڪ ليک سان ڪئي، جيڪو ٽِن حصن ۾ پورو ٿيو. ‘نزاڪت رشتن جي’ ھيءُ ليک لکڻ جي ڪوشش سفل ٿي، جنھن ۾ زال- مڙس، مالڪ- مزور ۽ دوستن جي رشتن ناطن جي وچ جا مسئلا ۽ انھن کي حل ڪرڻ جي سمجھاڻين جي فهرست ھئي- اهو ديوناگري سنڌي ڀاشا ۾ پورو ٿيو. ليک پورو ٿيڻ تي مان گھڻي اتساھ سان اهو کڻي شري منگھا رام سپاھي ملاڻي، جيڪي اُن وقت ھند واسي جا سمپادڪ هُئا، هنن سان ملڻ فورٽ ۾ ھند واسي جي آفيس ۾ ويس. ھُنن سان گڏجڻ تي مون هنن کي ڄاڻايو ته سنڌيءَ ۾ ڪجھ لکڻ جي ھيءَ منھنجي پهرين ڪوشش آھي، چوندي مون لکيل ڪاڳر هنن کي ڏنا. هنن ڪاڳرن تي نظر ڦيرائي مون سامھون نھاريو ۽ مشڪندي چيو “مان ھندي ڪونه ٿو پڙھي سگھان.”

ھيءَ منھنجي ۽ منھنجي لکڻ جي جذبي لاءِ پوري طرح سان ڊھي پوڻ واري حالت ھئي ۽ اخبار ۾ منھنجو ليک ڇپجڻ جو سپنو به چڪنا چور ٿي ويو، پر قسمت سان ڊاڪٽر راڌا ڪرشڻ ۽ هيرو ٺڪر اُتي حاضر هُئا، جن منھنجي ليک کي عربي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ مون کي رستو ڏيکاريندي پنھنجي سنگتي پرڀو وفا ڇگاڻيءَ وٽ موڪليو.

سنڌي سکڻ جو ھيءُ پهريون قدم هو. سچ ۾ ناڪاميابي ئي ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ آھي. اِن ڪري اُن ڏانھن اڳيان وڌڻ لاءِ وري وري ڪوشش ڪرڻ جي گنجائش اڃان به ھئي، جيستائين مان ڪامياب نٿي ٿيان. ٿي ٿو سگهي، ناڪاميابيءَ کي قبول ڪندي مون وڌيڪ اتساھ سان گڏوگڏ پختائيءَ سان ھن ڏانھن ڪجھ حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ پڪو اِرادو ڪري ڇڏيو هو.

اڳلي ڏينھن مان مقرر وقت تي پرڀو وفا جي گھر پهتس. هيري ھُن کي منھنجي ۽ منھنجي ليک جي باري ۾ ڄاڻايو هو. سنڌي ترجمو ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي هئائين. اُن کانپوءِ به ھن ڪم جي اَنجام ۾ رنڊڪ وجھڻ لاءِ هِڪ ٻي به رڪاوٽ انتظار ڪري رھي ھئي. دادا وفا ديوناگري سنڌي ڪونه پڙھي سگھندا هُئا، اِن ڪري مون کي پنھنجو لکيل سڀ هنن کي پڙھي ٻڌائڻو پيو. هنن منھنجي ليک ۽ منھنجي اظهارِ جي ڀاشا جي ساراھ ڪندي شايع ٿيڻ جي قابلِ ٻڌايو.

پنھنجي ساراھ سڀني کي سُٺي لڳندي آھي، مون کي به لڳي. هاڻي اصلي ڪم جي شروعات ٿي، جنھن جي لاءِ مون کي پنھنجي ليک جي ھڪ ھڪ سِٽ پڙھڻي پوندي ھئي، جنھن کي هو عربي سنڌيءَ ۾ لکندا هُئا. ھيءُ هنن ۽ منھنجي لاءِ ترجمي جي اوسر کي ڌيرج سان پورو ڪرڻ لاءِ هِڪ نئون تجربو هو. ليڪن جيئن ته ھونور ڊي بالزاڪ فرينچ ليکڪ جو چوڻ آھي “انسان جون سڀ شڪتيون وقت ۽ ڌيرج جو ڦل آھن” اها ڳالھ حالتن ۽ ضرورتن جي سامھون سچ ثابت ٿي.

ليک ڪافي لنبو هو، ٽي وڏا ڪاڳر ۽ دادا جي سھڻن اکرن ۾ اهو پورو ڪرڻ ۾ ٻن ٻن ڪلاڪن جون ٻه بيٺڪون لڳيون. آخرڪار پورو ٿيڻ کان پوءِ هنن مون کي ھدايت ڏيندي چيو: “هاڻي ھن کي جلد کان جلد ھند واسي جي آفيس ۾ پوسٽ ڪري ڇڏ”۔ ۽ هِڪ ڪمال ٿيو.. آرتوار جي صبح منھنجي دروازي تي ھند واسي اخبار آئي ۽ اُن ۾ ڇپيل هو مون کي رومانچت ڪندڙ منھنجو ليک، ”نزاڪت رشتن جي”- ديوي ناگراڻي.

ھيءَ منھنجي لاءِ خوشيءَ جي گھڙي ھئي… ۽ پيڙائن کانپوءِ ھڪ نئين ٻار جو جنم، جيڪو هاڻي اڳيان رڙهي ٿي سگھيو ۽ آهستي- آهستي ڀاشا جي مھاجار مان پنھنجو رستو پاڻ ڳولھي ٿي سگھيو.

سوال-5: مون توھان جي شايع ٿيل مجموعن جي ڊگهي سوچي ڏٺي آھي، مهرباني ڪري اسان کي ھن سفر جي جدوجهد جي باري ۾ ٻڌايو. توھان جا ٻه غزل سنگره 2004 ۽ 2007 ۾ به نڪتا آھن. توھان جي پسند جو ڪتاب ڪهڙو آھي؟ توھان ڇا جي ڪري ھن ڪم کي قائم رکيو؟

جواب: ڀاوي جي، ھن جهان ۾ ڪنھن کي به ڄاڻ ڪونه آھي ته ھُن جي ڀوشيه جي خزاني ۾ ڇا آھي؟ بس، اسان جي اندر ھڪ ٽڪسال ھوندي آھي، جنھن کي اسان قبول يا ناقبول ڪري سگھندا آهيون. مسئلا اوچتو ئي سامھون ايندا آھن، جنھن جي ڪري اِنسان هار مڃڻ لاءِ آتو رھندو آھي، پر اُميد جي ھڪ دري سدائين کليل ھوندي آھي، جنھن مان روشنيءَ جو هِڪ ترورو اسان کي اجارڻ لاءِ ڏسڻ ايندو آھي، جيڪو پاڻ کي ھڪ اھڙي وجھ ڏانھن ڌيان ڏياريندو آھي، جيڪو پنھنجو رهنما ٿي ويندو آھي. اِھا ناڪاميابي ڪونه آھي، جيڪا توھان کي نراس ڪري، ھيءَ قبولات جي شڪتي آھي، ڪم راس ڪرڻ جي ھڪ راھ آھي، جيڪا توھان کي اِڇا پوري ڪرڻ لاءِ توھان ساڻ ھلندي آھي. اُن وقت سکڻ منھنجي طرف هو ڇو جو منھنجي ٽنهي ٻارن جو وھانءُ ٿي ويو هو ۽ اهي يو ايس ۾ وسي ويا هُئا. اُن وقت مون کي قدرت پاران سکڻ لاءِ گھڻائي ننڍا وڏا موقعا مليا.

پرڀو وفا جي رهنمائيءَ ۾ سنڌي ڀاشا سکڻ جو جذبو هِڪ وردان ثابت ٿيو. هنن مون کي ماپ ۾ غزل لکڻ سيکاريو، ٻن سٽن مان هِڪ شعر ٺاھڻ، جيڪو سموري ويچار جو مختصر ھوندو هو، پوءِ غزل لکڻ منھنجو جذبو ٿي ويو.

سنڌيءَ ۾ منھنجي پرڪاشن جو سفر سنڌي غزلن جي پهرين ڪتاب “غمِ ڀنل خوشي” (2004)، آس جي شمع (2008) سان شروع ٿي. 2009 ۾ منھنجو ڪاويه سنگره “سنڌ جي آئون ڄائي آھيان” ڪراچي ۾ سنڌي اَدبي اڪادمي پاران شايع ٿيو، جنھن ۾ سنڌي عربي ڀاشا ۾ منھنجي پهرين من پسند ڪوتا جي روپ ۾ لکيا ھيءَ رچنا منھنجي اندروني جذباتن جي آرسي آھي. ھيءَ مون کي سنڌو نديءَ جي وھڪري وانگر لڳندي آھي‌. اُن جي لئه منھنجي ڪنن ۾ ايئن گونجندي آھي، جيئن ھڪ ماءُ لوري ڳائيندي ھجي. ھيءَ ڪوتا منھنجي دل و جان ۾ وسيل آھي ۽ ھن کي سنڌ جي اديب شبير ڪنڀار پنھنجي آواز ۾ ڳايو آھي:

ٻولي منھنجي سنڌي آھي،

سنڌ جي آئون ڄائي آھيان،

لولي مائو ڏني جا مون کي،

ور ور جيڪر ويٺي ڳايان،

سنڌ جي آئون ڄائي آھيان.

گانا: ٻولي منھنجي سنڌي آھي- شبير ڪنڀار دوارھ.

https://drive.google.com/file/d/19HOIXnExlFv82M5r95dk6vXteyDBVXUo/vi

سوال-6: توھان هندي ۽ اَنگريزيءَ ۾ به لکندا رهيا آهيو، ته ڪھڙي واقعي توھان کي سنڌيءَ مان ھنديءَ طرف جھڪايو؟ ڇا ان ۾ صرف غزل ئي ھئي يا ٻيو ڪجھ به جوڙيو ويو هو؟ مهرباني ڪري توھان جي لکڻ جي جذباتي سفر جي باري ۾ ڄاڻايو.

جواب: ڀاوي ھن سفر جي هرھڪ راھ سڀاويڪ ۽ چمتڪاري ڍنگ سان پار ٿيندي رھي. ھيءُ هِڪ اهڙو موقعو هو، جڏھن مون کي لڳو ڄڻ ته مان ھڪ منچ تي بيٺي آهيان ۽ جيڪو ڪردار منھنجي سامھون آيو آھي، اهو مون کي گھڻو ڪجھ سکڻ جو موقعو ڏيئي رھيو آھي. مان به اُن جو ڀرپور فائدو وٺندي رھيس. جيئن ٽام پيٽرس چيو آھي، ‘جيڪر موقعي جي دري ڏسڻ اچي ته اُن جي ڇانو نه ڏسڻ گھرجي۔’

ھيءُ ڪم نه سولو هو ۽ نه ئي ڏکيو. ڪڏھن ڪڏھن اسان نراس ٿي ويندا آهيون، اسان اھو مڃڻ لڳندا آهيون ته صرف قسمت وارن کي ئي سڀني کان سٺا موقعو ملندا آھن ۽ اسان انھن مان ڪونه آهيون. ڏٺو وڃي ته ڪنھن کي موقعو ملڻ کانپوءِ به پختو اِرادو نه ھئڻ جي ڪري اُن جو فائدو ڪونه وٺي سگھندا آھن. اھو منھنجو مڃڻ ۽ وشواس جي امتحان ۾ پاس ٿيڻ آھي ته جڏھن پهريون قدم صحيح جڳھ ۽ صحيح وقت تي کنيو ويندو آھي ته وڌندڙ قدمن کي ڪو روڪي ڪونه سگھندو آھي.

منھنجي اَدبي سفر جو اڳلو ڦهلاءُ شري آر. پي. شرما جي رهبريءَ ۾ گھڻي لمبي عرصي تائين ٿيندو رھيو. ھِنن کي اردو غزل ۾ ‘پنگلاچاريه’ جي روپ ۾ ڄاڻايو ويندو آھي. هنن مون کي غزل لکڻ جي باريڪين جي باري ۾ گھڻن ئي مدن جي باري ۾ سيکاريو ۽ مون کي مالا مال ڪندا رهيا. هنن جي سائبان ۾ ئي منھنجا غزل سنگره “چراغ- اي دل (2007)، دل سي دل تڪ (2008)، لو درد- اي- دل ڪي (2010)، صحن- اي- دل (2017) ۽ هاڻي درياھ- اي- دل” (2023) ۾ شايع ٿيو.

غزل لکڻ ڪووڊ جي خوفناڪ وقت ۾ به جاري رھيو، جيڪو ڏٺو، جيڪو محسوس ڪيو، اهوئي ھڪ شعر ۾ سڌو بيان ڪيو. مان ڪھاڻيون، ڪتابن جي تنقيد، فري لانس ڪوتائون ۽ ليک به لکندي آهيان، جيڪي وڏي طور تي سترين جي مدن تي ھوندا آھن، جيڪي سماج ۾ اسان جي آسپاس سڀني کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندا آھن.

سوال-7: انوواد ۾ توھان جو ڪم قابل- تعريف ٿي رھيو آھي. لکڻ کان انوواد پاسي ڪيئن مڙيا؟ توھان جي اندروني سوچ ڇا ھئي؟

جواب: منھنجو لکڻ لڳ ڀڳ 1996 ۾ شروع ٿيو ۽ تڏھن کان منھنجي مادري ٻولي سنڌي سکڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ جي بي حساب اِڇا جاڳي. منھنجي دلي اِڇا پوري ڪرڻ جي آس رونالڊ ميڪنيير جي ھن چوڻيءَ وانگر آھي “توھان زندگيءَ ۾ پنھنجي مقصد تائين پهچندا يا نه، ان جو پورو مدار اِن ڳالھ تي ئي آھي ته توھان اُن جي لاءِ ڪيتري بهتر تياري ڪيو ٿا ۽ اُن کي ڪيتري خراب طرح سان چاهيو ٿا.”

هاڻي پٺيان مڙي ڪري ڏسڻ تي مون کي لڳندو آھي ته واقعا ۽ سنجوڳ اهو چٽڻ لاءِ حاضر آھن، جنھن جي توھان کي پربل اِڇا آھي يا جنھن جي لاءِ توھان اتسڪ رھندا آهيو. اھو به هِڪ سنجوڳ رھيو ھوندو. 2010 جو قصو آھي. ٽي ٽي مهيني نڪرندڙ مشهور لٽريچر ‘ڪونج’ جو سمپادڪ دادا هري موٽواڻي اوچتو ھڪ ڏينھن منھنجي گھر آيو ۽ پنھنجي سڃاڻپ ڏيندي ‘ڪونج’ جون ٻه- ٽي ڪاپيون مون کي ڏنائين ۽ پنج سئو رُپيا وٺي ڪري مون کي گراهڪ ٺاھي ڇڏيائين. نئين ليکڪا ھئڻ جي ناطي منھنجي رچنائن ۽ غزلن جي ساراھ ڪيائين. ‘توھان سنڌيءَ ۾ سٺو لِکي رهيا آهيو’ چوندي ‘ڪونج’ لٽريچر جي لاءِ ٻه غزلون گھريائين۔ هر ڪنهن کي پنھنجي ساراھ وڻندي آھي، مونکي به سٺو لڳو۔ سڀني کان وڏي ڳالھ ته منھنجي لکيي کي سنڌي ليکڪن ۽ پاٺڪن پسند ڪيو ۽ قبول ڪيو.

واقعي ۾“ڪونج” جا ٽي پرچا منھنجي لاءِ معزز ثابت ٿيا. انھن مان ھڪ پرچي ۾ شري هري موٽواڻيءَ پاران لکيل ھڪ ‘بارود’ نالي جي ڪهاڻي ھئي. اها پڙھندي ترنت ئي مون اُن کي ھنديءَ ۾ انوواد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔ مون ايئن ڇو ڪيو، ڇا جي لاءِ ڪيو، ڪھڙي جذبي مون کي اهو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو، اھو ھن اَدبي سفر جو هِڪ حصو آھي. جيئن ته هاڻي مان محسوس ڪندي آهيان ته ڪوبه قدم بنا ڪنهن سبب جي اڳيان ڪونه وڌنڌو آھي.

اها انوواد ٿيل ڪهاڻي مون شري سيتپال جيوت رام جي کي “پروتساهن” جي لاءِ موڪلي ڏني. ھيءَ ھڪ ھندي لٽريچر ھئي، جيڪا ٿي صرف ھندي رچنائون ۽ سنڌيءَ مان انوواد ٿيل رچنائن کي ھنديءَ ۾ شايع ڪندي ھئي. اِن ڪهاڻيءَ جي شايع ٿيڻ کانپوءِ مون هند جي ڪجھ ڄاڻو-سڃاڻو ليکڪن جيئن ته اي۔، هري موٽواڻي ڪلا پرڪاش، جڳديش لڇاڻي، ڪملا گوکلاڻي، ٺاڪر چاولا، قرات ٻاٻاڻي، بنسي خوبچنداڻي، لال پشپ، نارائڻ ڀارتي، ستيش روھڙا، مايا راهي، وينا شرنگي، هري پنڪج ۽ منھنجي چئن ڪھاڻين جو ھنديءَ ۾ انوواد ڪيو۔

‘ائور مين بڙي هو گئي’ عنوان سان 2012 ۾ منھنجي انوواد جو پهريون مجموعو شايع ٿيو۔ ھندي ۽ سنڌي پاٺڪن اُن کي خوشيءَ سان پڙھيو، ساراهيو ۽ اهو منھنجي وجود جو رهبر ٿيو۔ اھو منھنجي انوواد جي سفر جو پهريون پڙاءُ هو۔ اِن ڪتاب جو لوڪارپڻ دهليءَ جي گانڌي شانتي پرتشٺان ۾ ٿيو۔ خاص مهمان ڊاڪٽر شيام سنگھ ‘ششي’، اڌيڪش ڪمل ڪشور گوينڪا، ڊاڪٽر ڀارتيند شريواستو، آچاريھ ڌيريندر ترپاٺي، ڊاڪٽر يوگيندر شرما ‘ارڻ’ ڊاڪٽر اتل جين ۽ اجيه چوڌري جي هُئا۔

تڏھن مونکي لڳو ته مان سچ ۾ وڏي ٿي ويئي آهيان۔

سوال-8: اِن کان سواءِ مونکي سنڌيءَ مان ھنديءَ ۾ انوواد ڪيل ڪتابن جي ھڪ ڏهي سوچ ڏسڻ اچي ٿي ۽ ساهتيه اڪادمي پاران به پرڪاشت هِڪ ڪتاب آھي۔ لڳاتار گھڻي وقت تائين جنھن چاھ سان توھان ھيءُ ڪم ڪيو آھي، جيڪو مان يوٽيوب تي ٽيڪسٽ ۽ وائس ۾ ڏسندي ۽ ٻڌندي آهيان، ڇا اُن جي پٺيان ڪو مقصد هو!

جواب: ها ڀاوي جي، اھو بلڪل سچ آھي۔ انوواد جي ھن جذبي ڀاشائي سرحدن جي حد پار ڪندي مونکي سنڌ جي اَديبن سان جوڙيو۔

مون ھندي اَنگريزيءَ ۾ لکيو، انوواد ڪيو۔ سال 2012 کان 2018 تائين مان پنھنجو نجي لکڻ ڀلجي ڪري پوري وفاداريءَ سان انوواد ڪندي رھيس ۽ اهو ڪرڻ منھنجو جنون ٿي ويو۔

سنڌي ساهتيه کي ھندي جڳت جو کليل آڪاش ملي، جيڪو پاٺڪن کي سنڌي ليکڪن جي ورھاڱي کان پهرين ۽ پوءِ جي حالتن کان واقف ڪرائي، جيئن اُن کي عالمي ھندي پاٺڪ پڙھي سگهن۔ سنڌيءَ مان ھندي انوواد ۾ سنڌي ڪوتائون، ننڍيون ڪھاڻيون شامل آھن۔ قسمت سان ساهتيه اڪادمي پاران ھڪ پنجابي ليکڪ وريام سنگھ سنڌءَ جي انعام ورتل ڪتاب جو ھنديءَ مان سنڌيءَ ۾ انوواد ڪرڻ جو پروجيڪٽ ڏنو ويو هو، جيڪو 2018 ۾ پرڪاشت ٿيو هو۔

هند ۽ سنڌ جي سنڌي ليکڪن جي لڳ بڳ 80 ڪھاڻين جي ھڪ انوکي پيشڪش هنن جي فوٽن ساڻ هاڻي يوٽيوب تي وائس ۽ ٽيڪسٽ ۾ ھڪ ئي ڇت ھيٺ پروفيسر راجا شرما پاران سٿاپت ڪي ويئي آھي۔ اِن ڪم جي لاءِ هنن کي سلام آھي، جيڪا سڄي دنيا ۾ اسانجي سماج جي سڀني ماڻھن لاءِ هِڪ قيمتي ورثو ٿي ويئي آھي۔

مون ٻن ڪتابن ۾ سھيڙيل مشهور ھندي ليکڪن جي ڪھاڻين جو سنڌيءَ ۾ انوواد به ڪيو آھي، جيئن اسان جا سنڌي پاٺڪ ھاڻوڪي ليکڪن کي ڄاڻي سگهن، هنن جي لکئي سان واقف ٿين۔ هي انوواد ادب جي ايراضيءَ ۾ انسان جي جدا جدا ڀاشائن جي وچ جي چير ڀرڻ جي ھڪ ڪامياب ڪوشش آھي۔

منھنجي لکڻ جو بنيادي ڪم جيڪو بلڪل رڪجي ويو هو، اهو مهاماريءَ جي درميان اپريل 2020 ۾ وري کان تازگي ۽ نئين سوچ سان شروع ٿيو۔ ھن وقت ۾ ڪوارنٽائن ھئڻ جي ڪري پنھنجي اڌوري ڪمن کي پورو ڪرڻ لاءِ سڀني کي مجبور ڪيو آھي۔ انوواد ڪيل ڪتابن جي سوچي بايوڊيٽا ۾ آھي جيڪي پرڪاشڪ پاران گھرائي ٿا سگھجن ۽ انوواد ڪيل ڪھاڻين کي وائس ۽ ٽيڪسٽ ۾ ھتي ٻڌي ٿو سگهجي۔

https://www.youtube.com/playlist?list=PLLSMGHNW3o1myEvKcV7BB89BAqsw2Df9l

https://nangranidevi.blogspot.com/

سوال-9: ديوي جي پنھنجي گُفتگوءَ ۾ توھان پنھنجي ڳائڻ جي شوق جي باري ۾ ڄاڻايو۔۔۔ مان اڃان به ڄاڻڻ لاءِ اتسڪ آهيان۔۔۔ ڳائڻ ڪڏھن شروع ڪيو؟ توھانکي پنھنجون ڪجھ رچنائون پنھنجي آواز ۾ اسانکي ٻڌائڻيون پونديون۔

جواب-9: ھيءَ ھڪ قدرتي ڏات آھي، جيڪا انسان جي اِڇا جي بنياد وجھندي آھي۔ منھنجي قصي ۾ منھنجي جذبي ۽ ايمانداريءَ جو ڦل مونکي سوکڙيءَ طور مليو، جيڪو ساهتيه ۽ هندستاني شاستريھ سنگيت جي واٽ تي مونکي چقمق وانگر پاڻ ڏانھن ڇڪيندو رھيو۔ زندگيءَ جي پيچيدي رستي تي ھلندي اهو پنھنجي وجود کان ڪڏھن به جدا ڪونه ٿيندو۔ شاستريھ سنگيت جي لاءِ جنون اُن وقت جي ڳالھ آھي، جڏھن منھنجو پهريون قدم شاعريءَ ڏانھن وڌيو۔ مان پرڀو وفا وٽ انوواد لاءِ ويس۔ جتي صحيح وقت تي هنن مونکي ديوناگري نه، پر عربي سنڌيءَ ۾ لکڻ جي لاءِ ھمٿايو۔ هنن مونکي غزل شعر لکڻ جي لاءِ به پريرت ڪيو، جيڪو هنن جي مطابق منھنجي لاءِ سولو هو۔ ٻن سٽن ۾ ھڪ دوهي وانگر ڇند ۾ ڪوتا لکڻ۔ مواد ۾ غزل لکڻ جي وگيانڪ طريقي کي سمجھڻ جي لاءِ هنن مونکي پنھنجا ڪتاب پڙھڻ لاءِ ڏنا۔ اُن وقت لڳ ڀڳ 1993-1994 جي عرصي ۾ مان پنھنجي اُستاد سنڌيا ڪاٿوٽي کان هندستاني شاستريھ سنگيت به سکي رھي ھئس۔ ڪڏھن ڪڏھن اها وفا جي جي سنڌي گيت يا غزل جي ڌن ٺاھي مونکي ڳائڻ لاءِ ڏيندي ھئي۔

اُن کان پوءِ هنن مونکي آل اِنڊيا ريڊيو ۾ سنڌي آڊيشن جي لاءِ پريرت ڪيو، جيڪو مون 1996-97 ۾ ڪاميابيءَ سان پورو ڪيو ۽ پهرين ڪوشش ۾ چونڊجي ويس۔ آڊيشن جي تياريءَ مون کي شاھ- سچل-سوامي جهڙن سنڌي مشهور صوفي سنتن سان ميلاپ ڪرايو ۽ انھن ليکڪن سان به سڃاڻپ ڪرائي جن کان مان اڻ واقف ھئس۔ جيئن ته اَرجن شاد، پرسرام جيا، ماسٽر چندر، نارائڻ شيام، دکيال، واسديو موهي، ارجن حاسد، واسديو نرمل، جن جون غزلون ۽ گانا آڊيشن جي لاءِ 25 گانن جي پسند ڪيل سوچيءَ ۾ شامل هُئا۔

آهستي- آهستي راڳن تي مدار رکندر سنڌي گيتن کي ڄاڻڻ ۽ سکڻ لاءِ مان اتسڪ ٿيس۔ ساهتيه جڳت ۾ چوٽيءَ جي ليکڪن ۽ ڪلاڪارن سان گڏجڻ تي مونکي خود کي به عجب لگندو هو۔ اِھا به ڄاڻ ٿي ته ھنديءَ وانگر سنڌيءَ ۾ به راڳ ڪوھياري، مانڊ، سُر سوهڻي ۽ باگيشري جھڙا گھڻيئي راڏ موجود آھن۔ اهڙو لڳو جيئن سڀئي نديون جدا جدا ڀوگولي سرحدن ساڻ وڏي سمنڊ جي اَٿاھ ايراضيءَ ۾ گڏجي رهيون هجن۔

2004 ۾ جڏھن منھنجو سنڌي غزلن جو پهريون ڪتاب ‘غم ڀنل خوشي’ پرڪاشت ٿيو ته، وفا جيءَ مونکي وموچن جي لاءِ سانتاڪروز ۾ سيتا سنڌ ڀون سان واقف ڪرايو۔ اُن ڪتاب جو وموچن سندري اتمچنداڻي، ٺاڪر چاولا، پارو چاولا ائور دادا وفا جهڙن مشهور ليکڪن ڪيو۔ اُتي اُن منچ تي ئي مون پارو چاولا، سشي آهوجا، ڪاجل ڪيولراماڻي، دادا ساپرو ۽ هنن جي ڌرمپتني ڀڳتيءَ پاران ڳايل خوبصورت ڪلام ۽ ڊوھيارا پوري سُر تال ۾ ٻڌا۔ منھنجي لاءِ هي بلڪل نئون تجربو هو۔

پوءِ منھنجي اِڇا ۽ وينتيءَ تي دادا ساپروءَ مون کي منھنجو پهريون سنڌي ڪلام راڳ- ڀيرو ۾ سيکاريو: “مون ۾ عيب اَپار سڄڻ تنھنجي بانري آھيان”

سنڌي گيتن ۽ ڪلامن جي مٺڙي موھيندڙ ٻولي مونکي حيرت ۾ وجھندي رھي۔ سنگيت وارا سُر دل کي شانت ۽ همدرد ٿيڻ لاءِ اپيل ڪندا رهيا۔ اڄ پٺيان مڙي ڪري ڏسڻ تي مونکي پختائيءَ سان محسوس ٿئي ٿو ته ساهتيه ۽ سنگيت جي سھڻي تالميل واري پنرملن جي آنند کي محسوس ڪرڻ لاءِ ھڪ ڳجھارت جا پرزا صحيح جڳھ تي وقت جي مطابق فٽ ٿيا ۽ منھنجي اندروني اڇائن کي ڪافي حد تائين مالا مال ڪيائون۔ اَھي توھان يا مان نه، جيڪي فيصلو ڪيون ٿا، پر ڪجھ طاقتون آھن جيڪي منزل تائين پھچڻ جي لاءِ پنھنجي قدمن جا نشان ڇڏي وينديون آھن۔ اِن وشواس سان ڪووڊ ڪال ۾ لکيل منھنجي نئين غزل جا ڪجھ شعر:

نالو تنهنجو نالو منھنجو، ڪري پيو ٻيو ڪوئي

خاليپن زندگيءَ جو هر پل ڀري پيو ٻيو ڪوئي۔

***

(ٻيو ڪير ڪري رھيو آھي، جنھن جي ساک توھانکي ۽ مونکي ملي رھي آھي)

ڇا منھنجي فطرت آ، ڇا جات ۽ ڇا ائوقات آ

نيڪ نالو مون ساڻ ڪري رھيو آ، آھي ٻيو ڪوئي۔

***

ٻيڙي لگائي آ پار جنھن، ڪير آھي سڀني کي ڄاڻ آ

بيخبر ‘ديوي’ پر خبر رکڻ وارو ڪونھي ٻيو ڪوئي۔

هِڪ ٻيو گيت جيڪو 2009 ۾ ڪراچيءَ ۾ “سنڌ ڪي مين پيدائش هون’ جي نالي سان پرڪاشت منھنجي عربي سنڌي ڪاويه سنگره جو عنوان آھي، يقينن منھنجي جزباتن جي آرسي آھي۔

”ھيءَ سنڌ آ سڀاگي جنهن جي مٺڙي ٻولي

جا هنج ۾ کڻي پيئي مونکي سڻائي لولي”

پنھنجي ڀاشا جا هي جذباتي گيت غزلون منھنجي دل جي گھڻو ويجھو آھن ڀاوي جي۔

سوال-10: مونکي وشواس ئي نٿو ٿئي ته توھان 80 ورھين جا ٿي ويا آهيو، پر اڃان تائين سماج کي ڪجھ ڏيئي رهيا آهيو، ورثي جو نرماڻ ڪندي اسانکي پريرت ڪري رهيا آهيو۔ مهرباني ڪري پنھنجي ھلندڙ ڪمن جي باري ۾ اسان کي ڄاڻائيندا…

جواب: ڀاوي جي جيئن ته مان پهرين چيو آھي، مان شدت سان اھو محسوس ڪندي رھي آهيان ته ڪوئي ٻيو آھي، جيڪو پنھنجي رهبريءَ ۾ ھيءُ ڪم ڪرائي رھيو آھي، ڪدرشناسي توھانجي ۽ منھنجي ٿي رھي آھي۔

نالو تنهنجو نالو منھنجو، ڪري پيو ٻيو ڪوئي

خاليپن زندگيءَ جو ‘ديوي’ ڀري پيو ٻيو ڪوئي۔

منھنجو هاڻوڪو ڪم مون کي پاٺڪن سان جوڙي رھيو آھي۔ سنڌي اَديبن ڀاشائي ڪمين سان مونکي قبول ڪيو آھي، جيڪا مون ڪڏھن سکي ڪونه ھئي۔ اهو مڪمل ٿيڻ جو آنند آھي، جنھن کي مان پنھنجي جيون جي سنجھا ويلي انڊلٺ جي رنگن وانگر ڏسي رھي آهيان۔ ھيءُ منھنجي حصي جو آڪاش آھي۔

ھن ڪووڊ جي وقت ۾ ڪوارنٽائن ھئڻ سبب منھنجو ھلندڙ ھيءُ سفر آنند دايڪ ۽ فائديمند ٿي رھيو آھي۔ گھڻو ڪري مان پنھنجو پکيڙيل لکيو، يادگيريون ۽ اِنٽرويو سميٽي رھي آهيان جيڪي مون آمريڪا ۽ ڀارت جي ڪجھ وڏين ھستين جا ورتا هُئا۔ ڪجھ ھستين منھنجي سامھون سوالن جي لڙ لگائي ڇڏي، جيڪي منھنجي ڀاشا، منھنجي لکيي جي باري ۾ هُئا۔

هاڻوڪو ادب ۽ ڀاشائي انوواد ڪم ڪرڻ واري شاگردن جي لاءِ فائديمند رھيو آھي ۽ رھندو۔ ڪروڪشيتر وشوودياليه جي ٻن شاگردن منھنجي ڪھاڻين تي ايم فل پورو ڪيو آھي ۽ ٻه پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آھن۔

جڏھن مان مڙي ڪري ڏسندي آهيان ته لڳندو آھي زندگيءَ جو مرتبو انسان جي اندروني ڄائي ڄم جي خاصيتن کي مٿي آڻڻ، انھن کي ٽڙڻ ۽ وڌڻ ويجھڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ پنھنجو پاسو بدليندو رھندو آھي۔ زندگي هِڪ سفر آھي۔ زندگيءَ جي جدا جدا رنگن جو آزمودو ڪرڻ لاءِ، انھن کي محسوس ڪرڻ لاءِ، ڏسڻ لاءِ، ڄاڻڻ لاءِ قدرت پنھنجا ڪم پورا ڪندي رھندي آھي، اسان به اُن جو انش آهيون۔ ھڪ طرح سان جيون جي آزمودن جي ٺاهه سان اسان جون پنھنجي پهچ جون حدون اسانجي اندر قدرتي ڳجھيل واقعن سان جڙي وينديون آهيون، ڇو جو اُهي يادگرين جي لينس ذريعي ماضيءَ جي قصن، حالتن ۽ موقعن جو اظهارِ ڪنديون رهنديون آھن۔

ھن سال سيتو پرڪاشن پاران پرڪاشت منھنجي نئين اَنگريزي ڪوتا سنگره “رنگنگ ريڊينس” مان ھيءَ ڪوتا توھانکي ٻڌائي رھي آھيان:

يادگيريون

منھنجي دل جو ڪتاب گھر

جھونن ڪتابن جو ميڙ آھي

جھونن ڪاڳرن سان گڏ

جن تي ڪجھ جھونو خواري لکيل آھي

جيڪو هاڻي پڙھڻ قابلِ يا سمجھڻ قابلِ ڪونھي

وقت جي سوڙھي گھٽيءَ ۾ گم ٿيل

اشارن سان سکڻ جي طاقت کان پريان

پر هي يادگيريون منھنجي يادداشت جي اوٽ تي ٽنگيل آھن يادداشت جي لينس ذريعي شاندار طريقي سان اثرائتي لڳاءَ ساڻ انھن کي ڏسي ۽ پڙھي سگهجي ٿو۔

سوال-11: جيئن ته پاڻ کي ڄاڻ آھي، پنھنجي ڀاشا، پنھنجي سنسڪرتي گم ٿيندي پئي وڃي… توھان ڪھڙي سجھاءَ جي آڌار تي نوجوان پيڙھيءَ کي سنڌي ڀاشا ۽ سنڌي سنسڪرتيءَ جي پيروي ڪرڻ لاءِ ھمٿائي سگھو ٿا…

جواب: ڀاوي جي، جيستائين اَسانجي ڀاشا ۽ سنسڪرتي جو سوال آھي ته اُهي اسان ئي آهيون، جيڪي ڀاشا جي جوت جڳائي اُن کي روشن رکندي سڀني کان سُٺي طرح سان سنڀالي سگھون ٿا۔ ھيءَ اَسانجي وراثت آھي ۽ انسان جاتءَ جي جيئري رهڻ تائين سدائين زندھ رھندي۔

جيستائين ڀاشا کي زندھ رهڻ ۽ رکڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو ته چوڻ چاھيندس بدقسمتيءَ سان برٽش حاڪم اَنگريزي ڀاشا کي ڇڏي هلي ويا، جيڪا پاڻ پنھنجي مٿان ڍوئي ڇڏي، پنھنجي ڀاونائن جو اظهارِ ڪرڻ لاءِ پاڻ پنھنجي اِڇا سان اُنجو استعمال ڪرڻ لڳاسين، جنھن جي ڪري پنھنجي ڀاشا جو فائدو گهٽجي ويو آھي، پر ڀاشا جي آباد رهڻ جي پوري اُميد ۽ گنجائش آھي۔ پر ھينئر سڀني کان وڌيڪ اھميت رکندڙ ويھوارڪ طريقو اھو آھي ته جڏھن به اسان پنھنجي سماج جي ماڻھن سان جتي گڏجون، گھر ۾ يا ڪنهن ساماجڪ جلسي ۾، اسانکي پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڳالھائڻ گھرجي۔ ڀاشا سان جڙيل اَسانجي اسمتا کي قائم رکڻ لاءِ اھو گھڻو ضروري آھي۔

ٻي سڀني کان خاص ڳالھ اِھا ٿي سگهي ٿي ته پھرين کان پنجين درجي تائين ڪنهن به سماج جي سڀني شاگردن جي لاءِ ٻي ڀاشا جي روپ ۾ مادري ڀاشا کي قانوني طور تي ضرور لاڳو ڪرڻ گھرجي۔ اِن سان ٻار پنھنجي ڀاشا جي ڳالھائڻ ۽ لکڻ پڙھڻ ۾ سڀاوڪ روپ سان قابلِ ٿي سگھندو۔

ھڪ گجراتيءَ کي گجراتي، سنڌيءَ کي سنڌي، مھاراشٽرين کي مراٺي، تمل کي تمل ڀاشا جو وشيه رکڻ گھرجي۔ تيلنگانھ ۾ شاگردن کي ٻي ڀاشا جي روپ ۾ تيلگو رکڻ ضروري آھي ۽ اهڙو سڀني سماجن جي لاءِ ھئڻ گھرجي۔ سڪندرآٓباد- حيدرآباد ۾ ھڪ شاگرد جي طور تي ڏھين درجي تائين منھنجي ٻي ڀاشا تيلگو ھئي ۽ اها سکڻ جي لاءِ مونکي محنت ڪرڻي پئي۔ جي اُن جي عيوض مان سنڌي رکي سگھان ها ته اها محنت منھنجي پنھنجي ڀاشا سکڻ ۾ وڌيڪ سڪيارٿي ٿئي ها۔

ھڪ بي اھميت ڀري وراثت سنڌي ساهتيه کي انوواد ذريعي سڀني سامھون آڻڻ ۾ آھي۔ ساهتيه سڀني حدن کي پار ڪري پاٺڪن تائين پهچندو آھي۔ اِن سان هنن کي ڪنهن خاص سماج جي ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل ليکڪن کي ڄاڻڻ ۽ ساهتيه ذريعي هنن جي سنسڪرتي، هنن جي ريت روازن هنن جي ڪلا ڪاريگري ۽ ٻين ڪيترين ڳالھين کي ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي آھي، جيڪا هنن جي جيون جي آرسي آھي ۽ هنن جي وجود جي سڃاڻپ به۔ هي انوواد ڪيل ساهتيه اسان جي نئين پيڙھيءَ جي وراثت ٿيندي۔ ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي فائدي اِن کي سولو ڪري ڇڏيو آھي۔

ڀاشا اَسانجي سڃاڻپ آھي۔ اسانجا پيارا دادا واسواڻي سدائين چوندا رھندا هُئا ته ‘دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جتي به سنڌي بيٺو ھوندو آھي، اُتي مني سنڌ اڏجي ويندي آھي۔ ان جي ڪري اَسانجي موکڪ ۽ لکت ڀاشا ڪڏھن به ختم ڪون ٿيندي۔’ جيستائين اسان ھن کي پنھنجي دلين ۽ گھرن ۾ وسائي رکڻ جي ڪوشش ڪندا رھنداسين، تيستائين ھيءَ اسان ساڻ زندھ رھندي۔

اِھا چوڻي سچ آھي ته سنڌين پنھنجي سخت محنت ۽ جذبي سان سڄي دنيا ۾ هر حالت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آھي۔ اِن پشتيني وراثت جي آڌار تي اَسانجي ڀاشا انوواد ٿيل مشترڪ ساهتيه جي روپ ۾ سدائين زندھ رھندي۔

ڀاوي جي، مان سنڌ ۽ سنڌي وراثت جي منھنجي سٺين، جھونين يادگرين کي توھان سان گُفتگو ڪرڻ لاءِ ھن منچ تي توھانجي ۽ بي۔ ايف ريڊيو لنڊن جي سڄي ٽيم جي شڪرگذار آهيان۔

منھنجو مڃڻ آھي ته ھيءَ زندگي هِڪ سفر آھي، اسانکي ھر روز، هر پل اڻ مڪمل ٿيل رستي تي ھلڻو پوندو۔ آخر نه چوندي ھڪ نئين شروعات جي لاءِ منھنجي اَنگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ انوواد ٿيل ھڪ ڪوتا پيش آھي:

ڪوتا ايشور جي ڏات آھي۔

خاص ڪري منھنجي لاءِ، پاڻ سان جڙڻ جي لاءِ

ڪڏھن اڪيلو نه رهڻ لاءِ

ھيءَ هر وقت منھنجي دل جي ويجھو

خوشيءَ ۾ يا غمِ ۾

دوست وانگر رھندي آھي

خوشيءَ ۾، ھيءَ مون ساڻ اڏامندي آھي

رنگين رنگين افق جي ھُن پار

روشنيءَ جي سمنڊ تي ترندڙ

دک ۾ اونداھ جي اونھائيءَ ۾

ھيءَ مون ساڻ ٻڏي ويندي آھي

اِھا ئي آھي، صرف اِھا ئي آھي

جنهن ۾ مان اونداھ کي چيري

روشني ڳولھي ايندي آهيان

هاڻي مان ڪڏھن اڪيلي ڪونه رھندي آهيان

ڇو جو ڪوتا مون ساڻ آھي۔

ھيءَ منھنجي سدا بهار ساٿي آھي

منھنجي جيون ساٿيءَ جهڙي

ڀڳوان جي ڏات جهڙي…

جئه هند ۽ جئه سنڌ

ديوي ناگراڻي

https://nangranidevi.blogspot.com/

dnangrani@gmail.com

***