بلاگنئون

سنڌ جي تاريخي حيثيت ۽ ڀارتي وزير جو ڏنل ٻاراڻو بيان!

تازو ڀارتي وزير دفاع راج ناٿ سنگھ پاران ڏنل بيان، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي ته “اسان سنڌ کي به ڀارت جو حصو بڻائينداسين”، رڳو هڪ سياسي بيان نه، پر تاريخ، حقيقت، بين الاقوامي اصولن ۽ سنڌ جي قومي شعور جي سراسر تذليل آهي. اهڙي بيان جي سخت مذمت ڪرڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته نه رڳو هي بيان پاڪستان جي سالميت خلاف آهي، پر اها سنڌ جي قوميت، تاريخي حيثيت ۽ موجوده صورتحال جي انڪار جي برابر پڻ آهي. سنڌ، جيڪا اڄ پاڪستان جي هڪ صوبي طور سڃاتي وڃي ٿي، اھا حقيقت ۾ هزارين سالن کان پنهنجي ڌار تشخص، آزاد حڪمراني ۽ ثقافتي سڃاڻپ سان هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت رکي چڪي آهي. ان وقت به جڏهن ڀارت جو نالو نشان به نه هو، تڏهن به سنڌ هڪ علم، تهذيب، واپار، حڪومت ۽ فڪر جي عظيم مرڪز طور عالمي سڃاڻپ ماڻي چڪي هئي. موهن جي دڙي جي شاندار تهذيب، جيڪا 5000 سال پراڻي آهي، اھا انهيءَ ڳالهه جو زنده ثبوت آهي ته سنڌ قديم دور ۾ هڪ ترقي يافته ۽ منظم سماج رکندڙ خودمختيار علائقو هو.

سنڌ جي تاريخي حيثيت جي باري ۾ قديم يوناني، عربي ۽ فارسي مورخن جو ذڪر ملي ٿو. “ھيروڊوٽس”، يوناني مورخ به پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿري جي عظيم تهذيب جو ذڪر ڪيو آھي. الرازي پنهنجي ڪتاب “فتوح البلدان” ۾ سنڌ کي هڪ عليحده ۽ خود مختيار رياست طور بيان ڪري ٿو، جيڪا محمد بن قاسم جي فتح کان اڳ “راجا ڏاهر” جي حڪومت هيٺ هئي.

سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب “تاريخ اسلام” ۾ لکي ٿو ته: “قديم وقت ۾ سنڌ هڪ الڳ ملڪ هو جنهن جون حدون اولھ ۾ بلوچستان، اوڀر ۾ راجپوتانا ۽ اتر ۾ پنجاب تائين پکڙيل هيون، سنڌ جو پنهنجو راجا، پنهنجو درٻار ۽ پنهنجا قانون هئا.” ۽ دلچسپ ڳالهه ته انهيءَ وقت، ڀارت جي نالي سان ڪنھن سياسي يا ثقافتي رياست جو  وجود ئي نه هو. “ڀارت” جو نالو به ورهاڱي کانپوءِ جديد رياست جي تشڪيل سان عام ٿيو، جڏهن ته سنڌ جو نالو رگ ويد، مھاڀارت ۽ ٻين سنسڪرت جي ڪتابن ۾ پڻ آزاد ۽ ڌار علائقي طور موجود آهي. عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ هندو، ٻڌمت ۽ ٻين ڌرمن جون آزاد رياستون قائم هيون. انگريزن جي اچڻ وقت به سنڌ، ممبئي، مدراس يا بنگال وانگر هڪ ڌار صوبو هو، جنهن کي 1843ع ۾ فتح ڪري عليحده طرز سان سنڀاليو ويو. انگريزن جي سامراجي دور دوران، 1843ع ۾ جنرل چارلس نيپئر سنڌ کي فتح ڪيو ۽ ان کي ممبئي صوبي ۾ ضم ڪيو ويو ۽ سنڌ جو ڌار تشخص ختم ڪرڻ جي ھڪ ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌي قوم هميشه پنهنجو الڳ قومي شعور برقرار رکيو آھي انھي ڪري 1936ع ۾ انگريز حڪومت سنڌ کي ممبئي کان ڌار ڪري وري صوبي طور بحال ڪيو، جيڪو ثبوت آهي ته سنڌ هڪ مستقل قومي، انتظامي ۽ ثقافتي يونٽ طور تسليم ٿيل رهي آهي.

1947ع جي ورهاڱي وقت سنڌ اسيمبلي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي قرارداد منظور ڪئي. ڇاڪاڻ ته سنڌي مسلمانن کي پاڪستان اسلامي ثقافت جي حفاظت جو مرڪز نظر پئي آيو. انھيءَ ڪري صدين کان آزاد رھندڙ ملڪ سنڌ صرف مذھبي ھم آھنگي ڪري پنهنجي صدين کان ھڪ آزاد ملڪي حيثيت کي ختم ڪري ھڪ صوبو بڻجي رھڻ کي ترجيح ڏني! سنڌ جو وجود ڀارتي دعوائن کان صديون اڳ جو آهي. هي سر زمين نه رڳو هڪ ملڪ طور پنهنجو وجود رکي ٿي، پر دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ تهذيب جو مرڪز پڻ رهي چڪي آهي. ڀارتي انتھا پسندن جي اها دعويٰ ته سنڌ کي ڀارت سان شامل ڪري سگھجي ٿو، تاريخ، منطق ۽ انصاف جي سراسر انڪار جي برابر آهي. سنڌ هميشه آزاد هئي، آهي ۽ پنهنجو قومي شعور قائم رکندي، پنهنجي الڳ سڃاڻپ تي فخر ڪندي رهندي. ڀارتي پرڏيھي وزير راج ناٿ سنگھ جو بيان ڀارتي انتهاپسند سوچ جو عڪس آهي، جيڪا سمجهي ٿي ته تاريخي علائقن، مذهبي مڪانن يا ثقافتي ورثي کي بيانن جي آڌار تي تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر اڄ جڏهن پوري دنيا ۾ اقوامِ متحده جا اصول، قومن جي خود مختياري، سرحدن جي حرمت ۽ راءِ شماريءَ جي احترام کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. انھيءَ وقت ڀارت جو اهڙو بيان نه رڳو پاڪستاني سالميت، پر سڄي علائقي جي امن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.

ان بيان جي مذمت ان ڪري به ضروري آهي ته اڄ جڏهن دنيا ترقيءَ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ڀارت جا اڳواڻ اڃان به سامراجي خوابن ۾ مبتلا آهن. سنڌ جا باشعور، علم دوست ۽ آزادي پسند ماڻهو نه رڳو ڀارتي بيان کي رد ڪن ٿا، پر واضح ڪن ٿا ته سنڌ پنهنجي مستقبل بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ جي اهل آهي. راج ناٿ سنگھ جو بيان هڪ سياسي شوشو آهي، جيڪو نه صرف غير ذميواراڻو آهي، پر خطي جي امن خلاف به آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي خود مختياريءَ لاءِ بيدار آهن. سنڌ ڀارت جو حصو نه هئي، نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن بڻبي.