بلاگ

ناول يا ادب سان دشمني

آئون حيران آھيان ته ادب جي نالي تي ڪهڙو ناول لکيو ٿو وڃي مطلب ڪجھ به لکو جيڪي دل چوي.

يونيورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل ناول ” آئون ۽ مان“ جنهن جو ليکڪ آفتاب راهمون آھي. هي پورو ناول اسڪرپٽ اسٽائل ۾ لکيو ويو آھي.

هن ناول ۾ ڪافي حدون ڪراس ٿيل آھن جيڪي هتي لکي نه ٿيون سگهجن.

يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندڙ ڇوڪرين کي جهڙي طرح ناول ۾ پيش ڪيو ويو آھي، ائين ٿو لڳي اهي سنڌ جون نه پر ڪنهن انگريز ملڪن جون ڇوڪريون آھن.

ايترا بيهودا سين هن ناول ۾ لکيا ويا آھن.. ڇا بيهودگي شامل ڪرڻ کان سواءِ ناول نه ٿو لکي سگهجي؟

ادب لکو، پر گند کان بنا لکو، صاف ۽ سٿرو سٺن الفاظن سان سٺي سبق سان جنهن کي سڀ پڙھن ۽ ڪجھ سکي سگهن. اهڙي قسم جا ناول لکي ڪهڙو ميسيج ڏيڻ ٿا چاهيو.؟

ناول جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ کان آئون معذرت ٿو ڪريان ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪا ڪهاڻي آھي ئي ڪونه. پر هن ناول جي هڪ منفرد خوبي اها آھي ته توهان جي مرضيءَ آهي جتان به پڙھو بوريت نه ٿيندي.

ناول جو مهاڳ راجا الطاف لکيو آھي جيڪو فلسفي شعبي جو شاگرد آھي.

مهاڳ ۾ الطاف لکي ٿو ته: هن ناول جو حُسن سندس ٻوليءَ جو سهڻو هجڻ، ڊائلاگن ۾ مزاح جو ڀرپور استعمال ڪرڻ شاندار نموني ڪردارن کي پيش ڪرڻ آھي.

هاڻي مزاح جو ڀرپور استعمال پڙھو:

هل ڙي لوسي…مٿو نه کاءُ

نور (کلندي): پيارا ائين نه ٿئي جو اهو ئي ڏنڊو ڦري… ۾ لنگهائي ڇڏين.(ميٽنگ ۾ ٽهڪڙو)

ظهير: هن سال فرسٽ ايئر ۾ ڇوڪرا واقعي ملوڪ آيا آھن.

آفتاب: (بجو ڏيندي) ٻڏي وڃي مر!! نڀاڳا!!

ظهير: هاهاها…هو گانو ٻڌو اٿئي ”بس يهي اپراڌ مين هر بار ڪرتا هون، آدمي هون آدمي سي پيار ڪرتا هون“

آفتاب: هاهاها وڏو ڪڃر آھين ڇورا.

ڪڃر لفظ پوري ناول ۾ ڪيترائي ڀيرا استعمال ڪيو ويو آھي.

گارين ۽ بجن کي مزاح چئبو آھي ۽ اهڙي ئي قسم جي مزاح جو پوري ناول ۾ ڪافي اضافو ٿيل آھي.

ناول جي هيري آفتاب سان پهرين ملاقات کانپوءِ ناول جي هيروئن سيما آفتاب لاءِ چوي ٿي: ”هو ته شريف ڇوڪرو آھي.“

ڪمال آھي هتي ماڻهن کي سمجهڻ ۾ عمر گذري ٿي وڃي، ۽ هن کي هڪ ئي ملاقات ۾ ڇوڪري جي خبر به پئجي وئي ته شريف آھي ۽ ان لاءِ لڙڪ به وهائي ٿي.

ناول جي هيري آفتاب کي ساڄي ٻانھ ۾ گولي لڳي ٿي هو پوءِ به تيزيءَ سان بائيڪ هلائيندو ايل ايم سي جي ايمرجنسي پهچي ٿو. اتي ڊاڪٽر صبا هن جي گولي ڪڍي ٿي ۽ هو ڄامشوري سوسائٽيءَ ۾ پنهبجي محبوبه ڏي وڃي ٿو جتي هوءَ هن جو ڪافي وقت کان انتظار ٿي ڪري. اتي ئي هو جيڪي حرڪتون ٿا ڪن اهي هتي لکڻ جهڙيون ناهن. (ٻانھ جي گوليءَ جو سور يقينن ختم ٿي ويو)

آفتاب: اهو Facebook وري ڇاهي.

ظهير: اهو به Orcut وانگر سوشل نيٽورڪنگ سائيٽ آھي. ڪافي دوست هاڻي فيسبڪ تي آئيڊيز ٺاهيون آھن.

آفتاب: اڇا ها يار پوئين مهيني شايد مون ٺاهي هئي پر استعمال ناهي ڪئي. رات جو وري ڏسان ٿو.(ص 156،157)

فيس بڪ تي آءِ ڊي به ٺاهي اٿائين پوءِ به چئي ٿو اهو Facebook وري ڇاهي. ڪمال آ.

سيما: مطلب شادي ڪرڻ نه ٿو چاهين مونسان؟

آفتاب: اف يا خدا… تون هروڀرو منهنجي وات ۾ اهو سوال ڇو پئي وجهين؟

سيما: پوءِ باقي ڇا ۾ وجهان؟

آفتاب: هاهاها…ڪيڏي بدتميز آھين.

هن قسم جي فحش گفتگو ڪهڙي ادب جي ترجماني آھي.؟ ان کي توهان ادب ٿا چئو، اهڙي قسم جو ڪچرو جيڪو پوري ناول ۾ آھي ڇا ان کي اسان ادب چئون؟ هي ادب نه ادب سان ڪيل واهيات مذاق آھي.

اي ايم فورسٽر جو چوڻ آھي ته ”ناول جي ادبي اهميت ان جي ڪردارنگاري تي منحصر آھي ۽ اگر ڪوئي ناول نگار ڪردار نگاريءَ جي قوت نه ٿو رکي ته اهو سهي معني ۾ ناول نگار سڏائڻ جو حق نه ٿو رکي.“

”ٻوليءَ جي درستگين کان ويندي، پروفنگ تائين جي هر ذميواري راجا الطاف نڀائي آھي“ ناولنگار آفتاب راهمون

ٻوليءَ جون درستگيون ۽ پروفنگ جون ذميوارين جو شاهڪار به ڏسو.

آفتاب: تعداد ڪيتري آھي؟ (ص۔30) تعداد ڪيترو آھي يا ڪيتري آھي.

۔ سيما: ٻڌ…آفتاب. اڄ شراب پيئڻ جو دل ٿو چئي. (ص 116) 

(دل مذڪر آھي يا مونث اڃان تائين اسان کي اها خبر ناهي پئجي سگهي)

پارس: ها يار. بس ٻن مهينن ۾ ٿيسز جمع ڪرائي ڳوٺ روانا ٿينداسين۔توکان سال سينئر جو آھيان. وسري ويئي.؟ ( ص۔146)

آفتاب جو ڊائلاگ آ پارس جو نه.

آفتاب: نه آئون سگريٽ صرف يونيورسٽي ۾ پيئندي آھيان. (ص۔192) پيئندو آھيان 

آفتاب: شايد سيما مون سان پيار ڪندي به هجي، پر منهنجو دل قبول نه ٿو ڪري ڇا ڪيان؟ (ص 276) منهنجو دل يا منهنجي دل؟

پارس: ها سائين مون گهرائي رکيو هو توهان جو ڏهي. (ص 282) توهان جي ڏهي توهان جو ڏهي نه۔

(قاريءَ جي سزا اڃان ختم ناهي ٿي.)

مذاڪ.

مسعلو.

ويسي.

پسيني. (پروف جون درستگيون)

303 پيجز تي هي ناول مشتمل آھي. منهنجي خيال ۾ ايترائي خالي پيج به هجن ها پڙھندڙن جو ٽائيم بچي پوي ها۔

ڪوبه ناول وڌيڪ صفحن جي ڪري وڏو ناول ناهي ٿيندو، پر ان ۾ منفرد موضوع، عمده ڪهاڻي، عمده ڪردارنگاري بهترين مڪالمن جو هجڻ ضروري هوندو آھي.

اهي هيون هن عظيم ناول جون خوبيون. هي ناول خراب ناولس جي فهرست ۾ هڪ بهترين اضافو آھي.

***