ايڊيٽوريل

پي ٽي آئي دور جو ناڪام هيلٿ ڪارڊ انشورنس پروگرام سنڌ صوبي ۾ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش

گذريل ڏينهن نگران وزير صحت ڊاڪٽر سعد خالد جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. انهيءَ گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جا اعليٰ آفيسر ۽ اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني جي نمائندن شرڪت ڪئي. انهيءَ گڏجاڻي ۾ هيلٿ انشورنس جي نالي سان هڪ پروگرام جي منظوري ڏني وئي. چيو ويو ته اهو پروگرام ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ منظور ڪرايو ويندو. عمران خان جي دورِ حڪومت ۾ هيلٿ ڪارڊ عام ماڻهن کي ڏنا ويا، جن جي ذريعي هو ملڪ جي ڪنهن به پرائيويٽ اسپتال مان وڃي 5 لک رپين تائين ساليانو علاج تي خرچ ڪري سگهيا پي. جن جي ادائگي حڪومت پاڪستان ٿي ڪئي. ان ۾ پنجاب صوبو، ڪي پي ڪي صوبو ۽ بلوچستان صوبو شامل هئا، جڏهن ته ان وقت سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت انهيءَ پروگرام جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ صوبي ۾ هيلٿ ڪارڊ اسڪيم متعارف ٿي نه سگهي. انهيءَ هيلٿ ڪارڊ اسڪيم تي جڏهن اسڪينڊل ظاهر ٿيا ته خبر پئي ته ڪجهه اسپتالن کي فائدو ڏيڻ جي لاءِ اربين رپيا عوام جي ٽيڪس جا هيلٿ انشورنس جي نالي سان من پسند اسپتالن کي ڏنا ويا ۽ عوام کي علاج ڪرائڻ ۾ ڪو خاص فائدو نه ٿيو. ان جي ڀيٽ ۾ ڏسون ته سنڌ حڪومت جو ان وقت جو موقف اهو هو ته سنڌ حڪومت جي صحت جي کاتي ۾ ڪارڪردگي بهتر آهي. سنڌ صوبي جي اسپتالن جي پوري ملڪ ۾ ڳالهه ڪئي ٿي وڃي. اتي علاج مفت ۾ ٿئي پيو. جن ۾ SIUT, GIMS, NICVD انڊس اسپتال، ڪِرن اسپتال، جناح اسپتال، سول اسپتال جا نالا قابل ذڪر آهن ۽ ڪراچي ۾ ٻارن جي علاج لاءِ به خاص اسپتالون آهن. انهن اسپتالن ۾ پوري ملڪ جا مريض علاج لاءِ اچن پيا ۽ انهن جو مفت ۾ علاج ٿئي پيو. جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي دورِ حڪومت جي ڪا چڱي ڳالهه ڳڻجي ته صحت ۾ انهن جو ڪيل ڪم قابل ذڪر آهي. NICVD ۾ دل جي مريضن کي 5/5 لک رپين جا اسٽنٽ مفت ۾ لڳي رهيا آهن. هن وقت به پيپلز پارٽي جو چيئرمين هجي يا پيپلز پارٽي سنڌ جا اڳواڻ صحت جي حوالي سان صوبي ۾ ڪيل ڪم جي وڏي وات تعريف ڪري رهيا آهن، جيڪا ڪنهن حد تائين درست ڳالهه آهي، پر هن پروگرام جي اسان کي سمجهه نه ٿي اچي ته جڏهن ته سنڌ جو صحت کاتو پنهنجي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، اتي اهڙو پروگرام متعارف ڪرائجي جنهن تي هر سال 30 ارب رپيا خرچ ٿين. اهي 30 ارب موجوده اسپتالن کي ۽ انهن ۾ مهيا ٿيندڙ دوائن تي ڇو نه خرچ ڪيا وڃن. اهو منصوبو نگران حڪومت منظور ڪرائڻ پئي وڃي. جنهن وٽ اخلاقي يا قانوني اختيار نه آهي، ته ڊگهي عرصي جي پاليسي ٺاهي اهڙي قسم جا پروگرام منظور ڪري سگهن، ڇو ته نگران حڪومت جو ڪم صرف اليڪشن ڪرائي حڪومت چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪري واپس پنهنجي گهر وڃڻو آهي. پوءِ اها چونڊيل حڪومت جيڪڏهن بهتر سمجهي ٿي ته اهڙي قسم جا پروگرام متعارف ڪرائي. صحت واري وزير جو روبوٽڪ سرجري لاءِ روبوٽ نه گهرائڻ وارو فيصلو قابل قدر هو جنهن جي ڪري 5 ارب رپيا سنڌ صوبو خرچ ڪري پيو، پر ساڳئي ئي نگران صحت جي وزير جنهن کي ڪوبه اختيار ناهي، ته ڪو ڊگهي عرصي واري پاليسي جوڙائي سگهي. اهڙو پروگرام شروع ڪري جنهن تي هر سال 30 ارب رپيا، خرچ ٿين ۽ انهيءَ جو فائدو بجاءِ عوام جي چند پرائيويٽ اسپتالن ۽ انشورنس ڪمپني جي مالڪن کي پوي. جهڙي قسم جي پريڪٽس پي ٽي آئي جي گذريل دور ۾ ملڪ جي باقي ٽن صوبن ۾ نظر آئي، جتي عام ماڻهو کي ته ڪو خاص فائدو نه مليو، پر پرائيويٽ اسپتالن ۽ انشورنس ڪمپنين اربين رپيا ڪمايا ۽ اهي اربين رپيا عوام جي ٽيڪس جا هئا. ان جي جاءِ تي جيڪڏهن ان وقت جيڪڏهن پي ٽي آئي چاهي ها ته سرڪاري اسپتالن جي حالت بهتر ڪئي وڃي انهن ۾ وڌيڪ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ جديد مشينري سان انهن کي ليس ڪيو وڃي ته ان جو فائدو هڪ ڊگهي عرصي تائين اتان جي غريب عوام کي پهچندو رهي ها. صحت ڪارڊ وارو پروگرام ڪنهن به صورت ۾ بهتر خدمت نه ڪري سگهيو ته پوءِ انهيءَ کي سنڌ صوبي ۾ ڇو لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن صوبي جي چونڊيل حڪومت انهيءَ پروگرام کي اڳ ۾ به رد ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن پروگرام ڀلو ئي آهي ته پوءِ ايندڙ سنڌ حڪومت ڀلي ڪهڙي به پارٽي جي اچي، انهيءَ جي لاءِ تجويزون ۽ سفارشون رکيون وڃن ۽ هو بهتر سمجهي ته انهيءَ پروگرام کي منظور ۽ متعارف ڪرائي سگهي ٿي، ڇو ته انهيءَ کي اختيار هوندو، انهيءَ جي ڪري ته اها عوام جي چونڊيل حڪومت هوندي. اسانجو پُرزور مطالبو آهي ته نگران حڪومت وٽ باقي جيڪي صرف 2 مهينا وڃي بچيا آهن، اهڙي قسم جا تجرباتي پروگرام متعارف نه ڪرائي جنهن جي شفافيت تي وڏو سوال اٿي سگهي ٿو. ٻڌايو پيو وڃي ته ايندڙ نگران ڪابينا اها اسڪيم منظور ڪندي، جنهن جي سخت مخالفت ڪجي ٿي. نگران ڪابينا اهڙي قسم جي پروجيڪٽ کي بجاءِ منظور ڪرڻ جي رد ڪري ۽ اهي اربين رپيا صحت جي موجوده انفرااسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ جي لاءِ خرچ ڪري ته جيئن سنڌ جي غريب عوام کي علاج جي بهتر کان بهتر سهولت ملي سگهي.