آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلانيل ٽيرف جي سبب عالمي واپار نشاني تي اچي ويو آهي ۽ ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ سرمائيڪاري گهٽ ٿي آهي ۽ اهي نقصان ۾ هليون ويون آهن. نئون آمريڪي صدر جڏهن کان اقتدار ۾ آيو آهي تڏهن کان انهيءَ جي پاليسين ۽ اعلانن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جو دنيا جو ڪوبه ملڪ آمريڪا جهڙي ملڪ مان اهڙي توقع نه ٿي رکي سگهيو. دنيا ۾ ڪل 195 ملڪ آهن، آمريڪا به هڪ ملڪ آهي. 194 ملڪن سان آمريڪا جي تجارتي جنگ نه مناسب آهي ۽ نه انهيءَ جي فائدي ۾ آهي، پر ٽيرف ۾ واڌ هاڻوڪن ڏينهن ۾ سڄي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن کي لوڏي ڇڏيو آهي. سرمائيڪاري پٽ تي پئي آهي.
خاص طور تي ايشيائي مارڪيٽون موڙي جو شڪار ٿيون آهن. جاپان جيڪو خود شاهوڪار ملڪ آهي. انهيءَ جو انڊيڪس 9 سيڪڙو هيٺ آيو آهي ۽ هانگ ڪانگ ۾ اها لاٿ 8 سيڪڙو آهي. جنوبي ڪوريا ۾ ايتري ته موڙي ٿي وئي، جو واپار عارضي طور تي روڪي ڇڏيو ويو. آمريڪي ٽيرف ۾ اضافي جو عرب ملڪن تي به اثر پيو آهي، سعودي اسٽاڪ مارڪيٽ کي 500 ارب ريال جو نقصان ٿيو آهي ۽ گڏوگڏ انهيءَ ڳالهه کي به ڏسجي ته تيل جي عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اثر به انهن ملڪن تي پيو آهي. تيل پيدا ڪندڙ ملڪ ٻيڻي نقصان ۾ هليا ويا آهن. هڪ طرف واپار تي اثر پيو آهي ۽ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ آئي آهي. ايشيائي مارڪيٽن ۾ عرب ملڪن قطر، ڪويت، مسقط ۽ بحرين جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به لاٿ ڏٺي وئي آهي. سعودي عرب جي سڌ سماءَ جي ذريعن ايستائين چيو آهي ته وچ اوڀر جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ مئي 2020 کانپوءِ سڀ کان وڏي ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. مئي 2020 جيئن ته ڪووڊ-19 جو عرصو شمار ٿئي ٿو، پر ٽيرف جي نالي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو اعلانيل ٽيرف اهڙي وبا آهي، جيڪا عالمي واپار کي زوال جي طرف کڻي وڃي رهي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ انهيءَ لاهي ۽ چاڙهي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا جي گذريل قيادت بيوقوف هئي ۽ دنيا انهيءَ کي بري طرح استعمال ڪيو. ڪنهن شئي کي درست ڪرڻ لاءِ دوا وٺڻي پوندي آهي. ٽيرف سان اربين ڊالرن جو آمريڪا کي فائدو ٿيندو. آمريڪا جي امڪاني فائدي جي ڪري ٽيرف جي انهيءَ اعلان تي عمل جڏهن ٿئي ۽ آمريڪا کي مستقبل ۾ فائدو ٿئي، پر هينئر سڄي دنيا جي تجارت لوڏن ۾ اچي وئي آهي.
گذريل ڏهاڪن ۾ دنيا فري ٽريڊ سان ڳنڍيل هئي ۽ سڄي دنيا جا ملڪ هڪ ٻئي سان واپار ڪري رهيا هئا ۽ دنيا جو واپار ترقي ڪري رهيو هو. عرب ملڪ آزاد واپار مان فائدو حاصل ڪري رهيا هئا. ايشيا ۾ خاص طور تي ڪيتريون ئي تجارتي تنظيمون ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ تجارتي تعلقات جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، جن ۾ ورلڊ ٽريڊ آرگنائزيشن (WTO)، ايشيا پيسفڪ اڪنامڪ ڪوآپريشن (APEC)، ايسوسئيشن آف جنوبي مشرقي ايشيائي نيشنز (ASEAN) شامل آهن. ايشيائي ملڪ واپار ۽ معيشت ۾ پنهنجي حصي لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا آهن، پر ٽرمپ ٽيرف جي هڪ وار انهن جي واپار ۾ وڏي لاٿ آندي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽون موڙيءَ جو شڪار ٿيون آهن. رڳو سعودي عرب جو ذڪر ڪجي ته نه صرف ان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿي آهي، ان جي مشهور آئل ڪمپني آرامڪو جي شهر ۾ 340 ارب ريال جو نقصان ٿيو آهي، سعودي نيشنل بينڪ ۽ ٻين وڏين ڪمپنين کي به نمايان نقصان ٿيو آهي. ايشيا ۾ وچ اوڀر سان گڏ جاپان، تائيوان ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ به واپار گهٽ ٿيو آهي. آمريڪي وزير خزانه ٽيرف جي دفاع ۾ چيو آهي. ضروري ڪونهي ته واپار ۾ اها لاٿ لاڳيتو هجي، ڪير ڄاڻي ٿو ته مارڪيٽ هڪ ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ ڪهڙو ردعمل ڏيندي، اسين خوشحالي لاءِ ڊگهي مدت وارن اقتصادي بنيادن تي شين کي اڳيان کڻيو پيا وڃون. اهي ته ٽيرف جا حامي مستقبل ۾ آمريڪي آمدني جي خواب ۾ آهن، پر موجود وقت ۾ هن عالمي اقتصادي واپار کي وڏو نقصان پهچايو آهي. ٻين ايشيائي ملڪن سان گڏ پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ هفتي جي پهرئين ڪاروباري ڏينهن تي چند ڪلاڪن ۾ ئي ڪريش ٿي وئي ۽ ڪاروبار کي روڪي ڇڏيو ويو. ٽرمپ ٽيرف جو مستقبل ڇا ٿو ٿئي، پر موجوده حالتن ۾ انهيءَ دنيا جي واپار ۽ معيشتن جي ترقيءَ لاءِ وڏا سوال پيدا ڪيا آهن ۽ عالمي واپار لاءِ رڪاوٽون پيدا ٿي ويون آهن. سڀني ملڪن کي گڏجي عالمي واپار ۽ معيشت کي بحال ڪرڻو پوندو ته جيئن سڄي دنيا جا ملڪ ترقي جي راهه تي هلي سگهن.