هڪڙي ئي ڪينواس جا عڪس…!
رنگ ڪڏھن به ترجمو ناهن ٿي سگهندا ۽ جيڪا شئي اکين سان پڙهبي آهي، ان کي معنائن ۾ ناهي ڳولبو. خيال گل جيان ٿيندو آهي، ان کي فريم ڪبو ته ڪومائجي ويندو ۽ پوپٽ جي پرن تي لکيل شاعري وزن جي محتاج ناهي هوندي.
سڀ ڪجھ اڻ مڪمل ئي آهي، مڪملتا جي اميد رکڻ وارا سدائين مناسب (موزون) وقت جو انتظار ڪندا آھن…
۽ هتي موزون ڪجھ به ناهي
سڀ ڪجھ غير موزون ئي آهي.
گل کي فريم ڪجي ۽ اُھو ڪومائجي به نه،
ان کي ئي آرٽ چئبو آهي…
۽ اهو غير موزون موسم ۾ ئي ممڪن آهي!
ڪجھ آرٽسٽ پنهنجي عمر کان وڏا پورٽريٽ ٺاهيندا آهن
جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ڪن لاءِ ڏکيا به ٿي پوندا آهن،
۽ هتي پنهنجو قتل ڪندڙ ماڻهون ئي وڏي زندگي گذاري سگهندا آھن، پاڻ کي نه ماري سگهندڙ ماڻهن جي زندگي تمام ٿورڙي هوندي آهي…!
۽ سچ ته اسان سڀ پنهنجي ديس ۾ جلاوطن آهيون،
ان ڪري اسان جي اهميت ماڪوڙن کان به گهٽ آهي،
اڪيلايون اسان ۾ گهر ٺاهي ويهي رهيون آهن.
اسان پنهنجي آئوٽ لائن ڪراس ناهيون ڪري سگهيا
ان ڪري شاندار پسمنظر هئڻ جي باوجود به
پيش منظر ٺاهي ناهيون سگهيا….
۽ پيش منظر نه ٺاهي سگهڻ جي ڪري
اسان جا پورٽريٽ صدين تائين اڌورا ئي رهندا.
ٻن جلدن وارا رنگ، رنگن ۾ شمار ناهن ٿيندا
ان ڪري ئي رنگ آهن
۽ خوبصورت به آھن….
پاڻيءَ وارا رنگ (water color) ڪچا ٿيندا آهن، اهي پاڻيءَ سان ئي استعمال ڪبا آھن، ان ڪري پاڻيءَ سان ڊهي به ويندا آھن. ڪجھ غير موزون موسمن ۾ رهڻ وارن آرٽسٽن جي محبوبائن جا رنگ به اهڙا ٿيندا آھن…
خوابن جو رنگ ڪڪرن جهڙو ٿيندو آهي، ۽ بدن به….
هي سڀ هڪڙي ئي وسيع ڪينواس جا عڪس آھن،
هر عڪس پنهنجي آئوٽ لائن ۾ قيد آهي!
ان ڪري ئي بي وسيءَ جي بارش وسندي رهي ٿي….
۽ اها غير موزون موسم جيڪڏھن برقرار رهي ته
پياري مجيب جي ڪا نئين تخليق
جلد ئي اسان جي هٿن ۾ هوندي…!
***