بلاگنئون

تڪراري ماريا ڪورينا مچاڊو کي امن جو نوبيل انعام

آمريڪا سامراج کي ڪڏهن به اها ڳالھ ھضم ناهي ٿي ته پاڙيسري ملڪ وينزويلا جهڙي قوم پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪري ۽ سامراجي ۽ سرمائيداراڻين پاليسين جي مخالفت ڪري۔ هوگو شاويز جي خلاف جرنيل شاهي کي گڏ ڪرڻ کان وٺي ڪري هر قسم جون سازشون ڪيون ويون، پر عوام پنهنجي قوت سان سموريون سازشون ناڪام بڻائي ڇڏيون. عوامي سهولتن تي ڪم ٿيو ۽ محدود منصوبابنديءَ سان بي رحماڻي نفعي خوري ۾ ڪمي آئي. هوگو شاويز کانپوءِ نڪولس ماڊورو جي خلاف سازشن جو سلسلو مسلسل هلي رهيو آهي، پر هر ڀيري سامراج پنهنجو پاڻ کي ننگو ڪيو آهي. سامراج جي پٺوءَ کي امن جو نوبيل انعام ڏئي ڪري هڪ ڀيرو وري ثابت ڪيو ويو آهي ته مغربي ايوارڊ جي حساب سان عوام دشمن ۽ انسان دشمن ڪردارن تي برسات جيان وسن ٿا. انهن جو اعزاز حقيقت ۾ نفرت جي قابل ۽ ناپاڪ خيالن جي اظھار آهي. ماريا ڪورينا مچاڊو هڪ پٺو ليڊر بش ۽ ٽرمپ جي دوست آهي. ان کان علاوه مٿس غير ملڪي مداخلت جي حمايت ڪرڻ ۽ آمريڪي رائٽ ونگ سان لاڳاپا رکڻ تي تنقيد ٿي رهي آهي. ان کان علاوه مٿس اسرائيل جي حمايت ڪرڻ ۽ ان جي حڪمران پارٽي سان لاڳاپا هجڻ ڪري مسلم تنظيمن طرفان پڻ شديد مذمت ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ هينري ڪسنجر ۽ اسرائيل جي جنگي ڏوهارين کي به امن جو نوبيل انعام ڏنو ويو. غلاماڻي سياست، قيادت، نظريا، ادب ۽ آرٽ تي جيترا ستاره هنيا وڃن يا انهن کي جيترا اعزار پارايا وڃن اهي پنهنجي اصليت نٿا لڪائي سگهن.