بلاگنئون

شاگردن جي ذهن کي پڙهائيءَ لاءِ ڪيئن تيار ڪجي

قومن جي عروج ۽ زوال جو فيصلو هٿيارن سان نه علم سان ٿيندو آهي. پڙهيل ۽ روشن خيال ذهن ئي روشن مستقبل جي ضمانت هوندا آهن، پر سوال اهو آهي ته اسان جا ٻار پڙهائيءَ ڏانهن سنجيده ڇو ناهن؟ سندن ذهنَ علم جي روشنيءَ لاءِ ايترا تيار نظر نٿا اچن، جيترا هجڻ گهرجن. ٻار جو ذهن ڪوري ڪاغذ وانگر هوندو آهي. جنهن تي سماج ۽ استاد پنهنجو مضمون لکندو آهي. والدين ٻار جي زندگيءَ جا پهريان استاد هوندا آهن. جيڪڏهن گهر ۾ محبت، حوصلا افزائي ۽ علم دوست ماحول پيدا ٿيندو ته ٻار جو ذهن پاڻمرادو پڙهائيءَ ڏانهن راغب ٿيندو، پر جيڪڏهن گهر ۾ صرف زور زبردستي ۽ ڀيٽ ڪرڻ جو رويو هوندو ته ٻار جو ذهن پڙهائيءَ کان بيزار ٿي ويندو. والدين کي گهرجي ته ٻارن جي ننڍين ڪاميابين تي به حوصلا افزائي ڪن، کين ٻڌائين ته پڙهائي صرف نوڪريءَ لاءِ ناهي، پر زندگيءَ جي عزت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن اسان والدين ۽ استاد پنهنجو پنهنجو ڪردار ايمانداريءَ سان ادا نه ڪنداسين ته پوءِ شاگردن کي پڙهائيءَ لاءِ تيار ڪرڻ رڳو خواب بڻجي ويندو. استاد صرف ڪتاب پڙهائڻ وارو ناهي، پر قوم جو معمار آهي. اهو ڪتاب يا نصاب سان گڏوگڏ ٻار کي زندگيءَ جي روزمره جي اصولن ۽ حقيقتن بابت به سکيا ڏيندو رهندو آهي. هڪ سٺو استاد شاگردن جي دل ۾ علم لاءِ محبت پيدا ڪري ٿو، کين سوال پڇڻ جي لاءِ اتساهه ڏئي ٿو. جڏهن استاد حوصلا افزائي ڪندو، هر سوال کي اهميت ڏيندو، سبق کي دلچسپ انداز ۾ پڙهائيندو، تڏهن ئي شاگرد جو ذهن پڙهائيءَ ڏانهن متوجھ ٿيندو، پر جيڪڏهن استاد ڪلاس ۾ رڳو خوف پيدا ڪري ٻارن کي سبق جو رٽو لڳائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو ته شاگردن جا ذهن علم کان پري ٿي ويندا. شاگرد جي ذهن کي پڙهائيءَ لاءِ تيار ڪرڻ استاد ۽ والدين جي گڏيل ذميواري آهي. جڏهن گهر ۾ والدين محبت ۽ سهارو ڏيندا ۽ اسڪول ۾ استاد حوصلا افزائي ڪندو تڏهن ئي هڪ ذرخيز ذهن پيدا ٿيندو، جيڪو نه رڳو پنهنجي گهر، پر سڄي قوم کي سٺا نتيجا ڏيندو. جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارن جي ذهن کي ذرخيز نه ڪنداسين ته اها اسان جي مستقبل سان غداري هوندي. اچو ته گڏجي اهو واعدو ڪيون ته اسان پنهنجن ٻارن کي علم جي رستي ڏانهن وٺي هلنداسين، کين حوصلا افزائي، محبت ۽ اعتماد ڏينداسين، ڇو ته اهي ننڍڙا ذهن ئي اصل ۾ ايندڙ نسلن جي اميد آهن.