ٻن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجي ڪم ڪرڻ کي تنظيم چئبو آهي، هن کي سوشل يونٽ سمجهو جيڪو هڪ ڊگهي عرصي تائين بي غرض ۽ بي لوث وفادار ٿي ڪم ڪري ان جو نالو تنظيم آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو جنهن ملڪ کي آئين ڏيڻ سان گڏ پارٽي ۾ تنظيم جو بنياد رکيو. ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن ترت ئي هالا ۾ هڪ تاريخي ڪنوينشن ڪوٺايو، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ماڻهن شرڪت ڪئي. فيصلو ڪري پارٽي جو نالو (پاڪستان پيپلز پارٽي) رکيو ويو، جيڪا پوءِ ملڪ جي مقبول عوامي پارٽي ٿي اڀري. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڀٽو سرمائيدارن، جاگيردارن، ميرن ۽ پيرن جو ليڊر نه، پر نج عوامي ۽ پيرن اگهاڙن غريبن جو ليڊر هو ۽ هن پنهنجي سياست جو محور عوام کي بڻايو. اهوئي سبب آهي جو هن ملڪ جو ٻچو ٻچو ۽ غريب ماڻهو اڄ به ڀٽي کي ياد ڪندي روئي پوي ٿو. مرحوم ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ماڻهن جي دلين ۾ موجود آهن ۽ وسارڻ سان نٿا وسرن. ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ ۽ غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ واسطي پارٽي ۾ هيٺئين سطح تائين تنظيم سازي ڪئي. ملڪ جي چئني صوبن ۾ پنهنجي پارٽي جا همدرد تنظيمي عهديدار چونڊيا، جنهن ۾ صوبي کان وٺي ضلعي، تعلقي ۽ يونين تائين جا عهديدار شامل هئا، جن کي پنهنجي پنهنجي عهدي جا ڪارڊ پڻ جاري ڪيا ويندا هئا.
سچ پچ ته ان وقت غريب ماڻهو، جيالي ۽ ورڪر لڏي جي وڏي عزت هوندي هئي. ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو جي اهڙي سياست تي نه رڳو دنيا، پر آمريڪا جهڙو سپر پاور ملڪ به حيران ۽ پريشان هو. فرق صرف ايترو آهي ته ان وقت پارٽي جون پاڙون عوام ۾ هيون ۽ هن وقت پيپلزپارٽي جون پاڙون پئسي ۽ دولت ۾ آهن. ڏٺو ويو آهي ته هن وقت پارٽي ۾ نه عوام جي عزت آهي نه ئي وري تنظيمي لڏي ۽ ورڪر جي ڪا حيثيت نظر اچي ٿي. هن وقت پارٽي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جو اهڙو گلدستو آهي جنهن ۾ ورڪر لڏي جي ڪابه گنجائش نظر نٿي اچي. اڳي اليڪشن عوام جي ووٽ ذريعي ٿيندي هئي ۽ هاڻي طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي اليڪشن ٿئي ٿي. اهڙي منتخب ٿيندڙ اسيمبلي کي بوگس ۽ ڪٺ پتلي اسيمبلي حڪومت چئي سگهجي ٿو. اهڙي ئي صورتحال ڪجهه هن وقت به آهي. ذوالفقار ڀٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ غريب ماڻهن جيالن ورڪر لڏي ضياءُ الحق جي دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيل ڪاٽيا، ڪوڙا کاڌا، وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون، پر پارٽي نه ڇڏي. اهو هو ڀٽي جو ماڻهن سان پيار ۽ سياست. ڏٺو وڃي ته هن وقت پارٽي جا اهي وفادار سچا ۽ پراڻا جيالا ورڪر ڌڪا کائيندا وتن ۽ پارٽي ۾ سندن ڪابه عزت ۽ جاءِ نظر نٿي اچي!!! ان حوالي سان ضياءُ الحق جي دور ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جيل ڪاٽيل، ڦٽڪا ۽ ڪوڙا کاڌل پ پ جي پراڻي ۽ جيالي ورڪر گل حسن قمبراڻي ٻڌايو ته هن وقت پ پ جي نظرياتي ۽ سچي ڪارڪن جي ڪابه حيثيت ۽ عزت نه آهي. هن اهو به چيو ته هن وقت تنظيم ڄڻ ختم ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حياتي ۾ پارٽي جو سرمايو ۽ طاقت ورڪر ۽ غريب عوام هو. هن فخريه انداز ۾ چيو ته محترمه بينظير ۽ شهيد ڀٽي جي دور ۾ ڪو جيالو ڪارڪن ڊي. سي آفيس ۾ مٽي ويندو هو ته ڊي سي جهڙو ماڻهو به اٿي بيهي ان ڪارڪن جي ايڏي عزت ڪندو هو، مگر اڄ پارٽي ۾ عوام ۽ جيالو ورڪر ڄڻ يتيم ٿي چڪو آهي. حال اهو آهي جو هن وقت پارٽي ۾ اهي ماڻهو نظر اچن ٿا جيڪي پ پ جا ڪٽر دشمن هئا ۽ انهن ڀٽي جي شهادت تي مٺايون ورهايون هيون.
پ پ تعلقي ماتلي جي اڳوڻي صدر محمد بچل آريسر چيو ته پيپلز پارٽي ۾ شهيد ڀٽي ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي اڳي واري نه رهي آهي. هن کان اڳي ورڪر لڏي ۽ غريب جي وڏي عزت هوندي هئي جيڪا هن وقت پري پري تائين نظر نٿي اچي. هن وڌيڪ چيو ته محترمه حياتي هجي ها ته پ پ جي نه رڳو سنڌ، پر پوري پاڪستان ۾ حڪومت هجي ها ۽ ورڪر لڏي ۽ غريب جي وڏي عزت هجي ها. هن وڌيڪ چيو ته موجوده پيپلزپارٽي ۾ پ پ جي پراڻي ۽ سچي ورڪر جي ڪابه حيثيت نه رهي آهي ۽ اصل پيپلزپارٽي ختم ٿي چڪي آهي. تازو ضلعي بدين جو ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، ڪنوينشن ۾ ڊسٽرڪٽ بدين جي چيئرمين علي اصغر هاليپوٽي، ايم پي اي ماتلي محمد عرف ڏاڏا هاليپوٽو، ايم پي اي تنزيله قمبراڻي، عبدالواحد هاليپوٽي، تعلقي ماتلي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين حاجي رضوان قائمخاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ضلعي بدين جي انفارميشن سيڪريٽري يوٿ ونگ جي سليم يوسف اوڍيجي خطاب ڪندي چيو ته پارٽي جو جيالو ورڪر اڳي به پارٽي سان گڏ هو ۽ هاڻي به پارٽي سان نڀائيندو. هن چيو ته 27 ڊسمبر جي حوالي سان ڳڙهي خدابخش ۾ جيڪي ڪئمپون لڳيون آهن اسان پهريون نمبر کڻي آياسين ۽ هن کانپوءِ به پهريون نمبر کڻنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي بدين جي ورڪر ۽ جيالي، پارٽي کي نه ڇڏيو آهي، جنهنڪري گذريل اليڪشن ۾ ڏاڏا هاليپوٽو وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. ورڪر عبدالستار ميمڻ ڏک واري انداز ۾ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سدائين پ پ جي حڪومت رهي آهي، گهر جي ڇت ته ٺهيو، پر ڪنهن ورڪر کي نلڪو به نه مليو آهي؟ ڳالهايون ته ڇا ڳالهايون، سندس ان جملي تي سڄو پنڊال سندس حمايت ۾ گونجي اٿيو. پ پ ورڪرن امير حيدر خواجه، حاجي الهڏنو چانڊيو ۽ ٻين ورڪرن پڻ ساڳيون شڪايتون ڪيون.
پ پ ضلعي بدين جي اڳواڻ عبدالغفور نظاماڻي جهالاري صرف اهو چيو ته آئون وڌيڪ نه ڳالهائيندس بس ورڪر جي عزت ڪريو. انهن تقريرن مان ثابت ٿيو ته هن وقت جي پيپلزپارٽي ۾ ورڪر لڏي ۽ جيالي جي ڪابه حيثيت نه آهي. صوبي جو بجيٽ ۽ پئسو غريب عوام تي خرچ ڪرڻ بجاءِ اسيمبلي ميمبر ۽ وڏا ماڻهو هڙپ ڪري وڃن ٿا. پ پ جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙي چيو ته يو سي ۽ سٽي جي صدر کي 10 کان ٻارهن لک ماهوار ملن ٿا. سنڌ حڪومت هن وقت تائين لوڪل گورنمينٽ تي 160 ارب رپيا خرچ ڪري چڪي آهي شايد رڳو ورڪر جي مٿي تي هٿ رکي کين بيوقوف بنائي اهو چيو ته آئون اهو پڇڻ جو حق رکان ٿو ته اوهان انهن پئسن مان عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي. لڳي ٿو ته نثار کهڙي جي انهن لفظن ۾ سنڌ حڪومت لاءِ پيغام آهي ته اوهان کي رڳو منهنجي پارت هجي اهو ان ڪري ته هن ورڪرن جو ذڪر گهٽ ڪيو ۽ ورڪرن جي دانهن، ڪوڪن ۽ شڪايتن جو پنهنجي تقرير ۾ ڪوبه ذڪر نه ڪيو ۽ نه ئي ڪو نوٽيس ورتو، اها آهي هن وقت جي پيپلزپارٽي. ڪاش بينظير ڀٽو زنده هجي ها…