بلاگنئون

ڊائري جا ورق

مون 1982 ۾ رليز ٿيل هاليووڊ فلم گانڌي ڏٺي آھي، جنهن جي ھڪ سين ۾ ڏيکاريل آهي ته، پهرين نٿو رام گوڊسي هندستان جي آزادي جي هيرو مهاتما گانڌي کي نوڙي پيرين پئي ھٿ ٻڌي نمسڪار ڪري ٿو ۽ پوءِ ور مان لڪل روالور ڪڍي گانڌي کي شوٽ (قتل) ڪري ٿو.

اِها فلم ڏسي مون کي اسانجا حڪمران ياد پيا، جيڪي چونڊجڻ کان اڳ عوام جي در تي هلي ايندا آهن ۽ هٿ ٻڌندا آهن ۽ چونڊجڻ کانپوءِ اقتدار ۾ اچي عوام جو معاشي قتل ڪندا آهن. عوام لاءِ ته هي اسانجا حڪمران به نٿورام گوڊسي ئي ٿيا.

***

ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار ڪونهي ته جديد گائڪي ۽ مغرب جي متعارف ڪرايل سازن جو پنهنجو مزو آهي، جيئن مائيڪل جيڪسن، شڪيرا، جسٽن بيبر وغيره. بيشڪ پاپ ۽ راڪ موسيقي به ماڻهن کي هڪ واري پنهنجي مستي ۾ آڻي جهومائي ڇڏي ٿي، پر منهنجي خيال ۾ ڪلاسيڪل موسيقي جو رس اُن کان گهڻو مٿي آهي. اڄڪلهه جي زماني ۾ جنهن انداز سان جديد موسيقي متعارف ٿي آهي ۽ تيز رفتاري سان وڌندي خاص طور تي نوجوان نسل ۾ مقبول ٿي رهي آهي، ته لڳي ٿو ته اُستاد بڙي غلام علي خان، اختري بيگم، استاد منظور علي خان ۽ ٻين ڪلاسيڪل راڳين جي گائڪي جو سحر جيڪو پاڻ واري دور ۾ به ماڻهن ۾ گهٽجڻ لڳو هو، اُهي ڪلاسيڪل فنڪار ته پري جي ڳالهه، پر نيم ڪلاسيڪل ڳائيندڙن مثلن جڳجيت سنگهه، نيره نور، پنڪج اُداس ۽ فريدہ خانم وغيره کي ٻڌندڙن جو به شايد پاڻ آخري نسل هجون! آهي ته دکدائڪ خبر پر نوجوانن جي دمادم موسيقي ۾ دلچسپي کي ڏسي مونکي الائجي ڇو مستقبل ۾ ائين نظر اچي رهيو آهي.

***

هڪ مشهور ڪهاوت آهي ته، ”جڏهن روم (اٽلي جو شهر) جلي رهيو هو ته نيرو بانسري وڄائي رهيو هو.“

اسانجو ته سڀ ڪجهه جلي چڪو آهي، پر پوءِ به اسين ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا آهيون، بلڪل ائين جيئن ڪسجڻ کان اڳ بي پرواهه ٻڪر ٽپا ڏيندو آهي.

***

وقت سان گڏ عمر ضرور بي وفائي ڪئي آهي، باقي عادتن افعالن ۽ مزاجن بي وفائي ناهي ڪئي. پاڻ اُهي ئي عادتن الهڙ جوان، طبيعتن رولاڪ ۽ مزاج ۾ اُها ئي موج مستي. وڌندڙ عمر پاڻ کي بزرگي تي قائل ڪري ڪونه سگهي آهي ۽ نه ئي ڪري سگهندي ۽ ٻي ڳالهه ته پاڻ کي بزرگي کپي ئي ڪونه، پاڻ رولاڪ ئي صحي آهيون.

***

ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي ماڻهن جي دماغ ۾ ڪِلي جيان ويهي رهيو آهي. ظاهر آهي جڏهن دماغ ۾ ڪِلي ويهي رهي ته ماڻهو جي سوچڻ جي سگهه ختم ٿي وڃي ٿي ۽ جيستائين دماغ مان اِها ڪِلي نڪري نٿي، تيستائين ڀٽي جو سحر ماڻهن مان ختم ڪونه ٿيندو ۽ نه ئي ماڻهو پنھنجي ڀلائي لاءِ مثبت انداز ۾ سوچڻ شروع ڪندا.

***

هڪ عورت اسٽرالر ۾ ننڍڙي ٻار سان اچي رهي هئي ۽ اُن جي اڳيان اُن جو خاوند هو. پلازه جي مين گيٽ مان داخل ٿيڻ وقت هن کي شيشي جو دروازو شفاف (ٽرانسپيرنٽ) هئڻ سبب محسوس نه ٿيو ۽ هن جو مٿو وڃي شيشي سان ٽڪرايو ۽ هُن جي ڌڪ لڳڻ جي سور کان رڙ نڪري وئي. پويان اسٽرالر ۾ ويٺل ننڍڙي ٻار کان ان تي بي تحاشا ٽهڪ نڪري ويا ۽ ايترو کلي کلي خوش ٿي ٿيو ڄڻ ته ڪو هن کي خزانو هٿ چڙهي ويو هجي. هِي ته هو ننڍڙو معصوم ٻارڙو جنهن کي اها خبر (سمجهه) ئي نٿي پئي ته اِهو ڌڪ اڳلي کي ڪيتري تڪليف پهچائي رهيو آهي.

پر مونکي تڏهن حيرت ٿيندي آهي جڏهن اسانجو عوام ويڪو وڏيرن کي چونڊي ڌڪ کائيندو آهي ۽ لوڙهيندو آهي، پر پوءِ به ٻيهر اليڪشن ۾ انهن ساڳين بدمعاش وڏيرن کي ووٽ ڏيندو آهي. ڇا اُهي به ٻار آهن، جو پنهنجو بُرو ڀلو نٿا سمجهن؟

***

اُستاد راحت فتح علي خان جي هڪڙي گاني جا ٻول آهن،

”حسنِ جانان ڪي تعريف ممڪن نهين.“

ممڪن آھي ته حسنِ جانان جي تعريف جي حدن کي، متان اُنجو عاشق لفظن ۾ سموئي يا قيد ڪري به وٺي، پر فطرت جي گوناگون ۽ اٿاهه سونهن جي تعريف ممڪن ئي ڪونهي.

***

او پوڄارا! اسر ويل اُٿي فطرت کي ڇڏي (وساري) گرجا جا گهنڊ وڄائڻ لاءِ ڇو ٿو وڃين؟ ڀلا فطرت کان وڌيڪ (مٿي) پويتر ۽ شفاف ٻي ڪهڙي مقدس جاءِ آهي، جنهن ۾ تون پنهنجا پاپ ڌوئي امرتا ماڻي سگهين؟

*

ڪنهن ڪوي جي پهرين ڪوتا ائين آهي جيئن ڪنهن نرتڪي جي رقص جو پهريون قدم ۽ پوءِ جيئن رقص ۾ رواني اچي ٿي ته اُها وهندڙ ڌارا جيئن هلندي رهي ٿي ۽ ڪٿي رڪجي ئي نٿي. بلڪل ائين ئي شاعري تي به جڏهن ڏات جا در کلڻ لڳن ٿا ته پوءِ تا عمر ڏات جا ڏيئا جڳ مڳائيندا ساري جڳ کي روشن ڪندا رهن ٿا.

*

مونکي پاڻ واري سماج جي مرد جي ذهنيت تي حيرت ٿيندي آهي جيڪو پنهنجي عورت کي محض ڌارئي مرد سان ڳالهائيندي ڏسي ڪاري ڪندي دير نه ڪندو آهي، پر ساڳيو مرد انڪم سپورٽ پروگرام يا ٻي ڪنهن امداد جي ڏس پوڻ تي پنهنجي عورت کي کلي بازار ۾ قطار ۾ بيهاري خوار ڪندو آهي. تڏهن هُن جي غيرت ڪيڏانهن ويندي آهي؟ جنهن معاشري ۾ عزت ۽ غيرت جا اهڙا ڪُڌا معيار هجن اُهو ڌوڙ سڌرندو.

*

”ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي.“ اِهو ته ٿيو هُن دنيا ۾ عورت جو مقام، باقي هِن دنيا ۾ شل نه ڪنهن مرد جو ڪنهن سان ڦڏو يا جهيڙو ٿئي ته هُو سڀ کان اول اُن کي ماءُ تي اهڙيون ڪچيون گاريون ڏيندو جو اُن کي هتي لکندي به شرم ٿو محسوس ٿئي، پر پدري سماج جي مرد کي ڪهڙو شرم، ڪهڙو حياءُ. مرد جو عورت جي معاملي ۾ هي ِٻٽو (دوھرو) معيار ۽ رويو تيسين قائم رهندو جيسين پدري سماج باقي آهي.

***