ڪنهن ڪوي جي پهرين ڪوتا ائين آهي جيئن ڪنهن نرتڪي جي رقص جو پهريون قدم ۽ پوءِ جيئن رقص ۾ رواني اچي ٿي ته اُها وهندڙ ڌارا جيئن هلندي رهي ٿي ۽ ڪٿي رڪجي ئي نٿي. بلڪل ائين ئي شاعري تي به جڏهن ڏات جا در کلڻ لڳن ٿا ته پوءِ تا عمر ڏات جا ڏيئا جڳ مڳائيندا ساري جڳ کي روشن ڪندا رهن ٿا.
*
مونکي پاڻ واري سماج جي مرد جي ذهنيت تي حيرت ٿيندي آهي جيڪو پنهنجي عورت کي محض ڌارئي مرد سان ڳالهائيندي ڏسي ڪاري ڪندي دير نه ڪندو آهي، پر ساڳيو مرد انڪم سپورٽ پروگرام يا ٻي ڪنهن امداد جي ڏس پوڻ تي پنهنجي عورت کي کلي بازار ۾ قطار ۾ بيهاري خوار ڪندو آهي. تڏهن هُن جي غيرت ڪيڏانهن ويندي آهي؟ جنهن معاشري ۾ عزت ۽ غيرت جا اهڙا ڪُڌا معيار هجن اُهو ڌوڙ سڌرندو.
*
”ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي.“ اِهو ته ٿيو هُن دنيا ۾ عورت جو مقام، باقي هِن دنيا ۾ شل نه ڪنهن مرد جو ڪنهن سان ڦڏو يا جهيڙو ٿئي ته هُو سڀ کان اول اُن کي ماءُ تي اهڙيون ڪچيون گاريون ڏيندو جو اُن کي هتي لکندي به شرم ٿو محسوس ٿئي، پر پدري سماج جي مرد کي ڪهڙو شرم، ڪهڙو حياءُ. مرد جو عورت جي معاملي ۾ هي ِٻٽو (دوھرو) معيار ۽ رويو تيسين قائم رهندو جيسين پدري سماج باقي آهي.