بلاگنئون

ڊائري جا ورق

3 فيبروري، 1973

دڪانداري ۽ خاص ڪري فوٽوگرافي جي ڄاڻ کان اسين بلڪل ڪورا آهيون، انهيءَ سڄي چڪر ۾ اسين ٻئي اڪيلا آهيون. اسان پنهنجي ذاتي اعتماد ۽ خودداري جي جذبي ۾ اچي دڪانداريءَ جي لائين ۾ هٿ وجهي ڇڏيو آهي.

***

7 فيبروري 1973

آپريشن کانپوءِ هاڻ ابا جي طبيعت بهتر ٿيندي ٿي وڃي، ابا کي اڄ شايد اسپتال مان ڇُٽي ملي.

***

14 فيبروري 1973

صدر ڀٽي اڄ بلوچستان جي ڪابينا کي رد ڪري ڇڏيو. ڀٽي جي فرمان مطابق ولي خان، بزنجو ۽ مينگل عراقي سفارتخاني مان پڪڙيل اسلحه جا ذميوار آهن ۽ هو ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ گهرن ٿا. پاڪستان جي سلامتيءَ خاطر هنن جا عهدا ختم ڪيا ويا. مينگل جي ڪابينا به ڊسمس ٿي. ڀٽي نيشنل عوامي پارٽي کان اقتدار زوري ڦري بلوچستان ۾ فوج جمع ڪري، تمام خراب ڪم ڪيو آهي. نيشنل عوامي پارٽي جيڪا بلوچستان جي چونڊيل پارٽي آهي، ڀٽي کي ڏاڍو تنگ ڪندي.

***

15 فيبروري 1973

روزانه جي گوناگون مصروفيتن جي ڪري اڄڪلهه ادب جي دائري مان نڪري ويا آهيون. ادبي دنيا کان ڪٽيا پيا آهيون. ڪتابن ۽ رسالن پڙهڻ جو وقت نٿو ملي. ڪائنات جي حسن ڏانهن نگاهه ڪندي ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن.

***

19 فيبروري 1973

بهار جي مُند اچي ويئي. بهار ڏکڻ کان لهرائيندي اچي وئي.

هيل بهار تمام گهڻي هيج ۽ بيباڪي سان هلي آئي آهي، هر طرف بهار جي آمد آمد آهي. سيارو جهڙوڪر ويو. ڏکڻ جون مٺيون مٺيون هوائون شروع ٿي ويون. سيءَ ۽ پاري جا ساڙيل وڻ ٻوٽا ۽ گاهه وغيره هاڻ گونچ ڪڍي ڦٽڻ لڳا آهن. ساوڪن ۾ واڌارا اچي ويا آهن، جِت ڪِٿ نوان نوان ڪونپل اڀرڻ لڳا آهن. رات بهار جي چانڊوڪي جا چلڻ ۽ ٿڌين مٺين هوائن جو هلڻ، من مست ڪري ڇڏين.

***

18 مارچ، 1973

آئون جدا گهر وٺي اُن ۾ رهيل آهيان. اڄ ڪلهه آئون پئسي جي معاملي ۾ تنگ آهيان. پئسن جي کوٽ آهي ۽ خرچ وڏو آهي. هڪري گاڏي گاهه جي ايندي آهي ۽ زمين جو خرچ روزانو پنجاهه رپيا آهي. گهر نئون ورتو اٿم، اُن جا سڀ ٽپڙ وٺڻا آهن.

***

20 مارچ 1973

زندگي جي چڻنگ جلي رهي آهي. چڻنگ اڃان چمڪي رهي آهي. اڳي تيز هئي، هاڻ ڪجهه جهڪي ٿي ويئي آهي. اڳي ڳاڙهي لال هئي هاڻ ٿوري اجهامي ويئي آهي.

***

21 مارچ، 1973

اها دل آزاد آهي، جا حواسن جي وس نه آهي، پر انهن تي غالب پوي ٿي ۽ نيڪيءَ جي رستي تي هلندڙ آهي (چڻنگ).

***

23 مارچ، 1973

پئسي جي ڏاڍي سوڙهه آهي. ابا مونکي هٿن خالي گهر مان ڪڍيو ۽ مونکي سڄو هڪ نئون گهر بنائڻون پئجي ويو آهي. الف کان وٺي ي تائين گهر جو سڀ سامان وٺڻو پيو آهي، زمين مان فوري طور اچڻ واري ڪابه آبادي ڪانهي، جنهن مان گذر ٿئي، دڪان کي کوليندي اڃان پندرنهن ڏينهن مس ٿيا آهن، انهي عرصي ۾ به آئون دڪان تان ڪافي پئسا کڻي چڪو آهيان.

***

24 مارچ، 1973

اڄ ڪلهه علم ادب کان دور، دولت جي ڌن ۾ غرق آهيان، گهر ڇڏڻ کانپوءِ ڌنڌي ۾ اهڙو لڳو آهيان جو نانگن جون ننگريون ئي ڇُٽي ويون آهن، روح جون رانديون رچائي به ڏينهن ٿي ويا آهن، من جون مستيون ماڻيندي به عرصو ٿي ويو آهي. اڄڪلهه گهر، دڪان ۽ ٻني کانسواءِ ڪجهه به ياد ڪانهي، صرف پئسو ڪمائڻ جي فڪر سوار آهي، گهر ٺاهڻ ۽ مستقبل بنائڻ جي سوچ سر تي سوار آهي.

***

25 مارچ، 1973

زندگيءَ جو هڪ نئون باب شروع ٿي چڪو آهي. الڳ ۽ خودمختيار رهڻ جو دور.

***

27 مارچ، 1973

صبح جو سوير آئون ۽ نورو ڪراچي روانه ٿياسين. ڪراچي مان دڪان جي خريداري ڪئي سين ۽ شام جو واپس حيدرآباد پهتاسين. دڪان ۾ اڄ اسان پنهنجي آخري پونجي به لڳائي ڇڏي آهي.

***

28 مارچ، 1973

گهر ڇڏڻ کانپوءِ منهنجي روزانه جي مصروفيت جو معمول به بدلجي چڪو آهي. صبح جو نوين بجي کن ننڊ مان اٿندو آهيان. ڏاڍو آرام سان تيار ٿي ناشتو وغيره ڪري. پوءِ گهر جو ٻوڙ وٺڻ لاءِ مارڪيٽ ويندو آهيان. نورو صبح جو سوير وڃي دڪان کوليندو آهي ۽ آئون ٻوڙ وٺي ڏيئي پوءِ ويندو آهيان دڪان تي، پوءِ دڪان تي رات تائين ويٺو هوندو آهيان، رات جو نوين بجي دڪان بند ڪري پوءِ گهر ايندو آهيان. ماني وغيره کائي، سنڌو سان ٿوري راند ڪري، رضيه سان رهاڻ ڪندو آهيان ۽ پوءِ سمهي رهندو آهيان. ٻني تي ٽئين چوٿين ڏينهن چڪر هڻڻ ويندو آهيان.

***