شاعرينئون

شاعري

سنجها چنا

اسين سڀ اڌورا آھيون!

رشتن ۾

 ذميوارين ۾،

 محبتن ۾،

مقصدن ۾

اسين سڀ گمنام آھيون!

ڪنھن جي نيڻن ۾،

 ڪنھن جي دلين ۾،

ڪنھن جي خوابن ۾،

ڪنھن جي حقيقتن ۾،

اسين سڀ ٽٽل آھيون!

ڪنھن جي سڏڪن ۾،

 ڪنھن جي ٽھڪن ۾،

ڪنھن جي اداسين ۾،

ڪنھن جي لھجن ۾،

اسين سڀ دفن آھيون!

ڪنھن جي ماضيءَ ۾

ڪنھن جي يادن ۾

ڪنھن جي فقرن ۾

ڪنھن جي رازن ۾

اسين سڀ خدا آھيون!

پنھنجي انائن ۾،

ڪنھن جي پناھن ۾،

ڪنھن جي راھن ۾،

ڪنھن جي ڇانئُن ۾.

***

تاريخ جي تھن ۾ دفن محبت جو مقتل (نظم)

اوھان ڏانھن

صدام ٻپڙ

منھنجا دوست،

مان توکي محبت جا ڪھڙا گيت ٻڌايان؟

ڪھڙا قصا بيان ڪريان؟

سسئي جي چيخن ۾ دفن ٿيندڙ گيت؟

يا ماروي جي ديوارن سان ٽڪرائيندڙ آھ؟

يا ھاني جي روح جي دٻايل رڙ؟

يا صاحبا جي ڪپيل ڳلي جو قصو؟

يا روميو ۽ جوليٽ جو دردناڪ انجام؟

يا وري ڪنھن گمنام عشق جي اھا آخري دانھن

جيڪا درياھ جي تھ ۾ ھميشه لاءِ دفن ٿي وئي

مان اھو واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته

تاريخ جي ھر دور ۾ محبت جي تذليل ڪئي وئي آھي،

محبت کي چيڀاٽيو ويو آھي،

محبت جي پيرن ۾ زنجيرون وڌيون ويون آھن.

محبت کي ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويو آھي

محبت کي بازارين ۾ نيلام ڪيو ويو آھي

محبت کي پٿرن جي ديوارن ۾ زنده دفن ڪيو ويو آھي،

محبت جو قتل ڪيو ويو آھي،

ڪڏنھن اھو قتل سر عام ڪيو ويو آھي،

ته ڪڏنھن رات جي ظالم اونداھيءَ ۾

تخت تي ويٺل بادشاھه ھجن،

محلن جا حاڪم، حڪمران ھجن،

يا قبائلي سردار ۽ جاگيردار ھجن

سڀن پنھنجي طاقت جي زور تي

لذت لاءِ عيش و عشرت لاءِ

ٻين جي محبت کي بي درديءَ سان ذبح ڪيو آھي.

***

گيت

فراخ جانوري

موسم کي مڳيون آھن،

اچ پاڻ به ماڻيون وو،

 گل ڦل ھي گهڙيون آھن!

آ مند بھارن جي،

اچ پاڻ به ماڻيون وو،

ڪا مند بھارن جي!

او موڙِ مھارون ڙي،

ٿيون مونکي ڏنگن توبن،

گل رنگَ بھارون ڙي!

ٿيا خواب حصا آھن،

توريءَ پرين دل جا،

سڀ رنگَ ٻُسا آھن!

اچ مند بھار آھي،

توريءَ ڦٽل ھر پل،

ھن دل جو قرار آھي!

اچ سرنھَن فلاري آ،

توريءَ عذابن ۾،

دل دردَ جي ماري آ!

اچ چيٽَ ھي چانڊوڪيون،

ٻيھار ملن نه ملن،

لسليٽ ھي چانڊوڪيون!

ڪو سور سلڻ گهرجي،

چانڊاڻ چٽي آھي،

محبوب ملڻ گهرجي!

پونم جون ٿڌيون راتيون،

دڳ تنھنجا نھارن ٿيون،

منھجون ھي اکيون آتيون!

دل دردَ وتي آھي،

پئي توکي پڪاري ٿي،

اچ چيٽ ڪتي آھي!

ھي چيٽُ ھي چانڊاڻيون،

ٿيون مونکي لڳن توبن،

ڏک دردَ جون آکاڻيون!

اچ گڏجي ٻئي ماڻيون،

ٻيھار پسون نه پسون،

ھي چيٽُ ۽ چانڊاڻيون!

ھي چيٽُ ۽ چانڊوڪيون،

دل منهنجي ۽ مان توبن،

ٻئي زھرُ پيا ڏوڪيون!

ٿيون دل ۾ پَون ڪاتيون،

مان جيئن اسُر جو ٿي،

ڪويل جون ٻڌان لاتيون!

دل چين نه پائي ٿي،

توريءَ ھي چانڊوڪي،

ڪيڏو نه ستائي ٿي!

دل پيار ـ بُکي آھي،

توريءَ حياتي ھي،

ڪيڏي نه ڏُکي آھي!

جيئڻ ئي اجائي آ،

مَنَ! توکان سوا جيون،

ڄڻ ڌوڙِ ۽ ڇائي آ!

رُت چيٽَ جي آئي آ،

تون ڏور اڃا ڍولا،

ڪيڏي نه تَوائي آ!

آڙاھَ ٺري ويندا،

ايندين ته حياتيءَ جا،

سڀ دردَ مري ويندا!

ڪر ڇانوَ ڪڪر وانگي،

آ توکان سوا جيون،

صحرا جي سفر وانگي!

ھُن پار به تون آھين،

توريءَ ڪُنن ۾ مان،

ھن پار به تون آھين!

***